YouVersion Logo
Search Icon

حبقوق 2

2
1آءٌ پنهنجي پهري واري ٺُلهہ تي چڙهي بيهندس
۽ ڏسندس تہ خدا مون سان ڇا ٿو ڳالهائي
۽ مون کي منهنجي شڪايت جو ڪهڙو جواب ٿو ملي.
خداوند جي ورندي
2تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک.
اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک
جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.
3 # عبر 10‏:37 هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي،
پر اچڻ وارو آهي،
۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي.
جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر،
ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.
4 # رو 1‏:17، گل 3‏:11، عبر 10‏:38 لک تہ ’بڇڙا پنهنجي بڇڙائيءَ سبب فنا ٿي ويندا،
ڇاڪاڻ تہ انهن جون خواهشون سچائيءَ تي ناهن.
پر سچار پنهنجي ايمانداريءَ سببان زندہ رهندا.‘“
بڇڙن جي سزا بابت حبقُوق جو پيغام
5سچ پچ بڇڙا ماڻهو مئي جيان ٺڳين ٿا،
اهي هٺيلا آهن ۽ ٽِڪاڻو تہ اٿن ئي ڪونہ.
اهي ايترا ئي حريص آهن جيترو موت،
هائو، موت وانگر سندن ڍءُ ئي نہ ٿو ٿئي.
اهو ئي سبب آهي جو
هو سڀني قومن کي پنهنجي گھيري هيٺ ٿا آڻين،
۽ سڀني ماڻهن کي قيدي ٿا بڻائين.
6پوءِ اهي سڀيئي مظلوم انهن تي ٺٺوليون ڪندا
۽ نفرت وچان ملامت ڪري هيئن بہ چوندن تہ
”ويل آهي انهن لاءِ! جيڪي پرائو مال ميڙي مالدار ٿا بڻجن،
۽ جيڪي گروي ٿيل سامان رکي گھر ڀرين ٿا.
پر ائين آخر ڪيستائين ٿيندو رهندو؟“
7اي بڇڙؤ! اوهان جا قرض خواہ اوچتو نہ جاڳندا ڇا؟
اهي پنهنجو قرض اُڳاڙڻ لاءِ توهان کي نہ ڊيڄاريندا ڇا؟
۽ پوءِ توهان انهن جو شڪار ٿي نہ پوندءُ ڇا؟
8جيئن تہ اوهان گھڻين ئي قومن کي لٽيو ڦريو آهي،
سو جيڪي ماڻهو باقي بچيا آهن سي وري توهان کي لٽيندا،
ڇاڪاڻ تہ توهان انساني رت وهايو آهي.
هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن
۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.
9ويل آهي اوهان لاءِ!
جيڪي ناجائز ڪمائيءَ سان پنهنجا گھر ٿا ڀريو،
۽ پنهنجا آکيرا تمام اوچي هنڌ ٿا اڏيو،
تہ جيئن مصيبت جي چنبي کان بچي سگھو.
10توهان گھڻين ئي قومن خلاف منصوبا رٿيا آهن،
جن سببان توهان پنهنجن گھرن کي لڄايو آهي،
۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪيو اٿوَ.
11اوهان جي ڀتين جا پٿر بہ اوهان جي خلاف شاهدي ڏيندا.
هائو، اوهان جي جاين جا شهتير بہ
اوهان جي خلاف واڄٽ ڪندا.
12ويل آهي اوهان لاءِ!
جيڪي رت وهائي ڳوٺن جو بنياد ٿا وجھو،
۽ ڏوهہ ڪندي شهر ٿا اڏيو.
13انهن مظلوم قومن اجايو پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي،
هائو، انهن جو پورهيو باهہ ۾ ساڙي چٽ ڪيو ويو آهي.
ڇا اهو سڀ ڪجھہ قادر‌مطلق خداوند طرفان مقرر ناهي؟
14 # يس 11‏:9 ڌرتي خداوند جي جلال جي ڄاڻ سان ائين ڀرجي ويندي
جيئن سمنڊ پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي.
15ويل آهي اوهان لاءِ!
جيڪي پنهنجي آس‌پاس وارن ملڪن جي
ائين بي‌حرمتي ٿا ڪريو،
جيئن ڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي مئي جي سانداريءَ مان
ايستائين پيئاريندو رهي
جيستائين هو نشي ۾ مدهوش ٿي وڃي،
تان‌تہ هو انهيءَ جي اوگھڙ ڏسي سگھي.
16پر هاڻ توهان بہ فخر بدران شرمسار ٿيندءُ،
توهان جو بہ وارو اچڻ وارو آهي،
جڏهن توهان کي بہ اهڙي مئي پيئاري
نشي ۾ بي‌حرمتو ڪيو ويندو.
خدواند جي طرفان غصي وارو پيالو
توهان ڏانهن ڦرڻ وارو آهي،
۽ خواري توهان جي فخر تي غالب ايندي.
17جيڪو ظلم توهان لبنان جي ٻيلن سان ڪيو،
سو توهان تي ئي اچي ڪڙڪندو،
۽ جيڪو ڪوس توهان اتي جي جانورن ۾ وڌو،
جنهن سان هو ڊڄي ويا سو بہ توهان کي ئي ڏهڪائي ڇڏيندو.
انهيءَ سبب جو توهان انساني رت وهايو آهي،
هائو، اوهان ملڪن جا ملڪ ۽ شهرن جا شهر ناس ڪيا آهن،
۽ اتي جي رهاڪن تي ظلم ڪيا اٿوَ.
18تراشيل بت يا پلٽيل مورتيءَ مان ڪهڙو فائدو؟
اهي تہ رڳو انساني هٿ جا ٺهيل آهن،
۽ ڪوڙ سان ڀريل آهن.
پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيءِ تي انسان ڪيئن ڀروسو ڪري ٿو،
جڏهن تہ اهي ڳالهائي بہ نہ ٿا سگھن؟
19سو ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي ڪاٺيءَ کي چئو ٿا تہ ”جاڳ!“
يا وري بي‌جان پٿر کي ٿا چئو تہ ”اُٿ!“
انهن مان اوهان کي ڇا حاصل ٿيندو؟
ان بت تي سون ۽ چاندي تہ چاڙهي ويئي آهي
پر منجھس ساهہ تہ آهي ئي ڪونہ.
20پر خداوند پنهنجي مقدس هيڪل ۾ موجود آهي،
سو سڄي جهان کي گھرجي تہ هن جي اڳيان خاموش رهي.

Currently Selected:

حبقوق 2: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in