3
حبقُوق نبيءَ جي دعا
1حبقُوق نبيءَ جي دعا، جيڪا سازن تي ڳائبي آهي.
2اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي.
اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان.
اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ،
هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر،
پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.
3خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو،
اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي.
هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو
۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.
4هن جو نور سج جي روشنيءَ جيان آهي،
سندس هٿ مان تجلا پيا نڪرن،
جنهن ۾ هن جي قدرت لڪل آهي.
5وبا هن جي اڳيان اڳيان ٿي هلي
۽ موت هن جي پٺيان ٿو هلي.
6هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي،
هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن.
۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو،
سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.
7آءٌ ڪوشن ملڪ جي گھراڻن کي مصيبت ۾ ڏسان ٿو،
مديان ملڪ جي رهاڪن کي ڏڪندي ڏسان ٿو.
8اي خداوند! ڇا اڳي تون ندين کان ناراض هئين؟
تنهنجي ڪاوڙ نهرن تي هئي ڇا؟
تنهنجو غصو سمنڊن جي خلاف هو ڇا؟
جو تون پنهنجي گھوڙن،
۽ فتح ڪندڙ جنگي گھوڙي گاڏين تي سوار هئين.
9تو پنهنجو تيرڪمان ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هو،
تنهنجو ترڪش ڪيترين ئي کِنوڻين وارن تيرن سان ڀريل هو.
تو زمين تي مينهن وسائي ان کي دريائن سان چيري ڇڏيو هو.
10جبل تو کي ڏسندي ئي ڏڪي ويا هئا،
پاڻيءَ جا ريلا ٻوڏ جي صورت ۾ آيا هئا،
اونهي سمنڊ گجگوڙون ڪيون هيون
۽ پنهنجيون ڇوليون اوچيون ڪيون هئائين.
11تنهنجي اڏامندڙ تيرن جي چمڪ،
۽ تنهنجي چمڪندڙ نيزي جي تجليءَ جي ڪري،
سج ۽ چنڊ آسمانن ۾ ڄمي بيهي رهيا هئا.
12پنهنجي غضب مان تون ڌرتيءَ وچان لنگھي ويو هئين،
۽ پنهنجي قهر وچان تو قومن کي ڳاهي ڇڏيو هو.
13تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين،
هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ.
تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو،
تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.
14جڏهن انهيءَ جو لشڪر اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ
واچوڙي جيان نڪري آيو هو،
هائو، اهي اهڙا سرها ٿي لڳا،
جو ڄڻ تہ لڪي ويل مسڪينن کي ڳهي وڃڻ وارا هجن،
تڏهن تو انهيءَ جي سپهہسالار کي
سندس ئي تيرن سان چيري ڇڏيو هو.
15تو پنهنجي گھوڙن سان سمنڊ کي لتاڙيو هو،
هيڏي وڏي پاڻيءَ کي ولوڙيندو لنگھي ويو هئين.
16مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي،
آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا،
منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون.
آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي
اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان،
جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.
17جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو،
نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو،
جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو،
۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون،
جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو،
۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،
18تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس،
آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.
19 #
2.سم 22:34، زب 18:33 قادرمطلق خداوند خدا ئي منهنجي طاقت آهي.
اُهو منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن وانگر ٿو ڪري،
هو مون کي اوچاين تائين وڃڻ جي سگھہ ٿو بخشي.
استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي منهنجي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي.