YouVersion Logo
Search Icon

صفنياہ ‮تعارف‬

تعارف
”صفنياہ“ نالي هن مقدس ڪتاب جو ليکڪ حضرت صفنياہ ستين صدي قبل مسيح جي آخر ۾ تبليغ ڪئي. اهو وقت گھڻو ڪري سن 621 قبل مسيح ۾ يوسياہ بادشاهہ جي مذهبي سڌارن کان اٽڪل ڏهہ سال اڳ جو هو. هن مقدس ڪتاب ۾ اهڙا ئي پيغام بيان ڪيل آهن جهڙا ٻين نبين ڏنا هئا تہ تباهي ۽ برباديءَ جو ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن يهوداہ وارن کي غير معبودن جي پوڄا ڪرڻ جي سزا ملندي. خداوند ٻين قومن کي بہ سزا ڏيندو. جيتوڻيڪ يروشلم شهر برباد ڪيو ويندو، تڏهن بہ اهو ڏينهن ايندو جڏهن ان کي بحال ڪيو ويندو ۽ اتي نماڻا ۽ سچار ماڻهو رهايا ويندا.
سِٽاءُ
خداوند جي عدالت جو ڏينهن 1‏:1‏–2‏:3
يهوداہ ملڪ جي آس‌پاس وارين قومن جي تباهي 2‏:4‏-15
يروشلم شهر جي تباهي ۽ بحالي 3‏:1‏-20

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in