جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو،
نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو،
جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو،
۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون،
جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو،
۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،
تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس،
آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.