حبقوق 2:2-3
حبقوق 2:2-3 SB
تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي. هن رويا جي ظاهر ٿيڻ جو مقرر وقت اڃا نہ آيو آهي، پر اچڻ وارو آهي، ۽ اها رويا ڪڏهن بہ غلط ثابت نہ ٿيندي. جيتوڻيڪ تون دير سمجھندين، تہ بہ تون انهيءَ جو انتظار ڪر، ڇاڪاڻ تہ ائين ضرور ٿيندو ۽ گھڻي دير ڪانہ ٿيندي.





