1
ڳاڻاٽو 30:13
Sindhi Bible FB
SB
تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“
Compare
Explore ڳاڻاٽو 13:30
2
ڳاڻاٽو 33:13
اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“
Explore ڳاڻاٽو 13:33
3
ڳاڻاٽو 31:13
پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا تن چيو تہ ”نہ، اسان ۾ ايتري سگھہ ناهي جو انهن تي حملو ڪري سگھون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن.“
Explore ڳاڻاٽو 13:31
4
ڳاڻاٽو 32:13
هو جنهن ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل ۾ هڪڙي ڪوڙي خبر ڦهلائي ڇڏيائون. چيائون تہ ”انهيءَ ملڪ ۾ تہ اتي جي رهاڪن لاءِ ئي باهہ ٻري پيئي آهي. جيڪي ماڻهو اتي اسان ڏٺا، سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.
Explore ڳاڻاٽو 13:32
5
ڳاڻاٽو 27:13
انهن موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن ملڪ ۾ توهان اسان کي اتي جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، انهيءَ ۾ اسين وياسين. سچ پچ تہ اهو ملڪ تمام آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ هي انهيءَ جو ميوو آهي.
Explore ڳاڻاٽو 13:27
6
ڳاڻاٽو 28:13
پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو.
Explore ڳاڻاٽو 13:28
7
ڳاڻاٽو 29:13
انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“
Explore ڳاڻاٽو 13:29
8
ڳاڻاٽو 25:13-26
هو انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري چاليهن ڏينهن کان پوءِ فاران جي بيابان ۾ قادش شهر منجھہ موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل قوم وٽ موٽي آيا. انهن کين اتي جو سمورو حال احوال ڏنو ۽ جيڪو ميوو آندو هئائون سو کين ڏيکاريائون.
Explore ڳاڻاٽو 13:25-26