YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 13

13
ڪنعان جو حال احوال معلوم ڪرڻ
(شريعت جو دور 1‏:19‏-33)
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون ڪي ماڻهو موڪلي ڪنعان جي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪر، جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان. انهيءَ ڪم لاءِ ٻارهن ئي قبيلن مان هڪ هڪ اڳواڻ موڪل.“ 3سو موسيٰ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ فاران جي بيابان مان بني اسرائيل جي ٻارهن ئي قبيلن جا هي اڳواڻ موڪليائين: 4روبن قبيلي جو اڳواڻ شموع ولد زڪور، 5شمعون قبيلي جو اڳواڻ شافط ولد حوري، 6يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ، 7اِسڪار قبيلي جو اڳواڻ اجال ولد يوسف، 8يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ هوشيع ولد نون، 9بنيامين قبيلي جو اڳواڻ فلتي ولد رافو، 10زبولون قبيلي جو اڳواڻ جدي‌ايل ولد سودي، 11يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جو اڳواڻ جدي ولد سوسي، 12دان قبيلي جو اڳواڻ عمي‌ايل ولد جملي، 13آشر قبيلي جو اڳواڻ سٿور ولد ميڪاايل، 14نفتالي قبيلي جو اڳواڻ نحبي ولد وفسي 15۽ جد قبيلي جو اڳواڻ جيو‌ايل ولد ماڪي. 16اِهي آهن اُهي ماڻهو جن کي موسيٰ ملڪ ڪنعان جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو. موسيٰ نون جي پٽ هوشيع جو نالو بدلائي يشوع رکيو.
17 موسيٰ کين موڪلڻ وقت چيو تہ ”هتان کان اتر طرف وڃي ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي ۾ داخل ٿيو، جيڪو جابلو علائقو آهي. 18وڃي معلوم ڪريو تہ اهو ملڪ ڪهڙي قسم جو آهي، منجھس ڪيترا ماڻهو رهن ٿا، اهي سگھارا آهن يا ڪمزور. 19معلوم ڪريو تہ جتي هو رهن ٿا اهو ملڪ چڱو آهي يا خراب، هو کُليل شهرن ۾ رهن ٿا يا مضبوط ڪوٽن ۾. 20معلوم ڪريو تہ اها زمين ڪهڙي قسم جي آهي، ڀلي آهي يا ناقص، منجھس وڻ آهن يا نہ.“ جيئن تہ انهيءَ وقت انگورن جي پچڻ جي مند هئي، سو موسيٰ چين تہ ”اوهين همت ڪري انهيءَ ملڪ جي ميون مان ڪجھہ کڻي اچجو.“
21پوءِ هو اتان اتر طرف روانا ٿيا ۽ ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي صين جي بيابان کان وٺي ملڪ جي اتر طرف رحوب تائين جيڪو حمات لڪ جي ويجھو آهي، سڄي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيائون. 22پهريائين هو ملڪ جي ڏاکڻي پاسي کان ٿيندا حبرون ۾ آيا جتي عناق جو اولاد يعني احيمن، شيشي ۽ تلمي رهندا هئا. حبرون، مصر جي شهر صعن کان ست سال اڳي ٻڌو ويو هو. 23پوءِ هو هڪڙي برساتي نهر وٽ آيا ۽ اتان انگورن جي هڪڙي ٽاري وڍيائون، جنهن ۾ انگورن جو هڪڙو ئي ڇڳو هو. اها ٽاري لٺ ۾ وجھي ٻہ ڄڻا کڻي هليا. هنن ڪجھہ ڏاڙهون ۽ انجير بہ پاڻ سان کنيا. 24انهيءَ انگورن جي ڇڳي جي سببان جيڪو بني اسرائيل اتان وڍيو هو، انهيءَ برساتي نهر جو نالو #13‏:24 اِشڪال نهر عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”ڇڳي واري نهر.“اِشڪال نهر پئجي ويو.
25‏-26هو انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري چاليهن ڏينهن کان پوءِ فاران جي بيابان ۾ قادش شهر منجھہ موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل قوم وٽ موٽي آيا. انهن کين اتي جو سمورو حال احوال ڏنو ۽ جيڪو ميوو آندو هئائون سو کين ڏيکاريائون. 27انهن موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن ملڪ ۾ توهان اسان کي اتي جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، انهيءَ ۾ اسين وياسين. سچ پچ تہ اهو ملڪ تمام آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ هي انهيءَ جو ميوو آهي. 28پر جيڪي ماڻهو اتي رهن ٿا سي ڏاڍا زورآور آهن ۽ انهن جا شهر تمام وڏا ۽ ڪوٽن وارا آهن. اسان اتي عناق جو اولاد بہ ڏٺو. 29انهيءَ ملڪ جي ڏکڻ ۾ عماليقي ٿا رهن. حتي، يبوسي ۽ اموري جابلو علائقي ۾ ٿا رهن. ڀونوچ سمنڊ واري پاسي ۽ اردن درياءَ جي ڪناري سان ڪنعاني ٿا رهن.“
30تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“ 31پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا تن چيو تہ ”نہ، اسان ۾ ايتري سگھہ ناهي جو انهن تي حملو ڪري سگھون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن.“ 32هو جنهن ملڪ جو حال احوال معلوم ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل ۾ هڪڙي ڪوڙي خبر ڦهلائي ڇڏيائون. چيائون تہ ”انهيءَ ملڪ ۾ تہ اتي جي رهاڪن لاءِ ئي باهہ ٻري پيئي آهي. جيڪي ماڻهو اتي اسان ڏٺا، سي سڀ ڏاڍا قداور آهن. 33#پيد 6‏:4 اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 13: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in