YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 12

12
مريم کي سزا
1 موسيٰ ڪوش ملڪ جي هڪڙي عورت سان شادي ڪئي هئي. سو ان ڪوشي عورت جي سبب مريم ۽ هارون موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ لڳا. 2هنن چيو تہ ”ڇا خداوند رڳو موسيٰ سان ئي ڳالهايو آهي؟ ڇا هن اسان سان پڻ نہ ڳالهايو آهي؟“ جيڪي هنن چيو سو خداوند کي ڪين وڻيو، 3ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو. 4سو خداوند اوچتو موسيٰ، هارون ۽ مريم کي چيو تہ ”اوهين ٽيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ نڪري اچو.“ تڏهن اهي ٽيئي ڄڻا نڪري مقدس خيمي وٽ آيا. 5پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀي ۾ هيٺ لٿو. هو خيمي جي در تي اچي بيٺو ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين. جڏهن هو ٻئي اڳتي وڌيا تہ 6کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس. 7#عبر 3‏:2 پر آءٌ پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ائين نہ ڳالهائيندو آهيان. اهو ئي تہ منهنجي سڄي گھراڻي ۾ امانتدار آهي. 8آءٌ انهيءَ سان ڳجھارتن ۾ نہ بلڪ روبرو ۽ کُليو کُلايو ڳالهائيندو آهيان، بلڪ هو تہ منهنجو روپ بہ ڏسندو آهي. تہ پوءِ ڇو اوهين منهنجي ٻانهي موسيٰ جي خلاف ڳالهائڻ کان نہ ٿي ڊنا؟“
9 خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو. 10سندس وڃڻ سان ئي اهو ڪڪر خيمي تان هٽي ويو تڏهن مريم ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ سان بلڪل اڇي ٿي ويئي. جڏهن هارون مريم ڏانهن نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ هوءَ ڪوڙهہ جهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويئي آهي. 11تڏهن موسيٰ کي چيائين تہ ”اي منهنجا سائين! مهرباني ڪري اسان کان انهيءَ گناهہ جي سزا نہ لوڙاءِ جيڪو اسان بيعقليءَ جي ڪري ڪيو آهي. 12مريم کي ان مئل ٻار وانگر ٿيڻ نہ ڏي، جنهن جو بدن سندس ماءُ جي پيٽ مان نڪرڻ وقت اڌ سڙيل ڳريل هجي.“
13تڏهن موسيٰ خداوند کي پڪاري چيو تہ ”اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ هن کي چڱو ڀلو ڪر.“
14 # ڳا 5‏:2‏-3 خداوند موسيٰ کي جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن هن جو پيءُ هن جي منهن تي رڳو ٿڪ ئي اڇلائي ها تہ ڇا هوءَ ستن ڏينهن تائين خوار نہ رهي ها؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.“ 15سو مريم ست ڏينهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر رهي. جيستائين مريم موٽي اندر نہ آئي تيستائين ماڻهو اتان روانا ڪونہ ٿيا.
16تنهن کان پوءِ ماڻهو حصيرات مان روانا ٿيا ۽ فاران جي بيابان ۾ وڃي تنبو کوڙيائون.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 12: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in