1
ڳاڻاٽو 28:22
Sindhi Bible FB
SB
تڏهن خداوند گڏهِہ کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني، جنهن بلعام کي چيو تہ ”مون توهان کي ڇا ڪيو آهي جو توهان مون کي ٽي ڀيرا مار ڏني آهي؟“
Compare
Explore ڳاڻاٽو 22:28
2
ڳاڻاٽو 31:22
پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو.
Explore ڳاڻاٽو 22:31
3
ڳاڻاٽو 32:22
خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي.
Explore ڳاڻاٽو 22:32
4
ڳاڻاٽو 30:22
تڏهن گڏهِہ وراڻيس تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي اُها ئي گڏهِہ نہ آهيان، جنهن تي اوهان اڄ ڏينهن تائين هميشہ سواري پئي ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن اڳي بہ مون اوهان سان ائين ڪيو آهي؟“ هن چيو تہ ”نہ.“
Explore ڳاڻاٽو 22:30
5
ڳاڻاٽو 29:22
بلعام جواب ڏنس تہ ”مون ائين هن ڪري ڪيو جو تو مون سان مخول ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجي هٿ ۾ تلوار هجي ها تہ جيڪر هاڻي جو هاڻي تو کي ماري وجھان ها.“
Explore ڳاڻاٽو 22:29
6
ڳاڻاٽو 27:22
پوءِ جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن بلعام سوڌو ويهي رهي. بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو گڏهِہ کي پنهنجيءَ لٺ سان مار ڏيڻ لڳو.
Explore ڳاڻاٽو 22:27