YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 22

22
موآبي بادشاهہ بلق جو بلعام کي سڏائڻ
1پوءِ بني اسرائيل اتان اڳتي هليا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف موآب جي ميدان ۾ يريحو شهر جي سامهون اچي پنهنجا تنبو کوڙيائون. 2بني اسرائيل جيڪي امورين سان ڪيو هو، تنهن جي سڄي خبر موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور کي پيئي. 3انهيءَ ڪري هو پاڻ ۽ سندس سڄو راڄ ڏاڍا ڊڄي ويا، ڇو تہ بني اسرائيل تعداد ۾ تمام گھڻا هئا. مطلب تہ موآبين جي مٿان بني اسرائيل جو خوف ويهجي ويو. 4موآبين مديانين جي اڳواڻن کي چيو تہ ”خبرداري ڪريو، ماڻهن جو هي انبوهہ تہ اسان جي آس‌پاس وارن سڀني کي ائين چٽ ڪري ڇڏيندو جيئن ڪو ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي.“ سو موآب جي بادشاهہ بلق 5#ڳا 31‏:8، 2.پط 2‏:15‏-16، يهو 11 بعور جي پٽ بلعام کي وٺي اچڻ لاءِ قاصد موڪليا. بلعام فرات نديءَ جي ويجھو پنهنجي وطن جي فتور شهر ۾ رهندو هو. بلق قاصدن کي پيغام ڏنو تہ ”هڪڙي قوم مصر مان نڪري آئي آهي ۽ روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻي اها قوم منهنجي سامهون اچي لٿي آهي. 6سو هاڻي اچ ۽ منهنجي خاطر هنن ماڻهن تي اچي لعنت ڪر، ڇو تہ هو مون کان وڌيڪ طاقتور آهن. پوءِ شايد آءٌ انهن کي شڪست ڏيئي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍي سگھان. مون کي خبر آهي تہ جنهن کي تون برڪت ٿو ڏين سو برڪت وارو ٿو ٿئي ۽ جنهن تي تون لعنت ٿو ڪرين سو لعنتي ٿو ٿئي.“
7سو موآبين ۽ مديانين جا اڳواڻ بني اسرائيل تي لعنت وجھائڻ لاءِ رقم کڻي بلعام وٽ ويا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون. 8بلعام کين چيو تہ ”اوهين اڄ رات هتي رهي پئو. جيئن خداوند مون کي فرمائيندو تيئن آءٌ اوهان کي سڀاڻي جواب ڏيندس.“ سو موآب جا اهي اڳواڻ اها رات بلعام وٽ رهي پيا.
9خدا بلعام وٽ آيو ۽ کانئس پڇيائين تہ ”تو وٽ هي ڪهڙا ماڻهو آيا آهن؟“ 10بلعام ورندي ڏني تہ ”موآب جي بادشاهہ بلق ولد صفور مون ڏانهن چوائي موڪليو آهي تہ 11’جيڪا قوم مصر مان نڪري آئي آهي سا روءِ‌زمين تي پکڙجي ويئي آهي. هاڻ تون اچ ۽ انهن تي اچي لعنت ڪر، پوءِ شايد آءٌ ساڻن وڙهي سگھان ۽ کين ڀڄائي ڪڍان.‘“ 12پر خدا بلعام کي فرمايو تہ ”تون هنن سان نہ وڃ ۽ نہ وري انهن ماڻهن تي لعنت ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها قوم برڪت واري آهي.“
13بلعام صبح جو اُٿي بلق جي موڪليل اڳواڻن کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃو. خداوند مون کي اوهان سان هلڻ لاءِ موڪل نہ ٿو ڏئي.“ 14سو هو اتان موٽي بلق وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”بلعام اسان سان اچڻ کان انڪار ڪيو آهي.“
15تنهن تي بلق وري ٻيا ماڻهو موڪليا، جيڪي اڳين کان تعداد ۾ گھڻا ۽ وڌيڪ معزز هئا. 16هو بلعام وٽ آيا ۽ کيس بلق بادشاهہ جو پيغام ڏنائون تہ ”مهرباني ڪري تون ڪنهن بہ سبب ڪري مون وٽ اچڻ کان روڪجي نہ ويهہ. 17آءٌ تو کي گھڻو نوازيندس ۽ جيئن تون چوندين تيئن آءٌ ڪندس. مهرباني ڪري اچ ۽ هنن ماڻهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“
18تنهن تي بلعام جواب ڏنو تہ ”جيڪڏهن بلق چانديءَ ۽ سون سان ڀريل پنهنجو گھر بہ مون کي ڏئي تڏهن بہ آءٌ ننڍي ۾ ننڍي يا وڏي ۾ وڏي ڳالهہ ۾ بہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم کان ٻاهر وڃي ڪين سگھندس. 19سو هاڻي اوهين بہ اڄوڪي رات هتي رهي پئو تہ آءٌ معلوم ڪريان تہ خداوند مون کي وڌيڪ ڇا ٿو چوي.“
20انهيءَ رات خدا بلعام وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن هي ماڻهو تو کي وٺڻ آيا آهن تہ تون اُٿ ۽ بيشڪ انهن سان وڃ. پر جيڪي آءٌ تو کي چوان رڳو تنهن تي ئي عمل ڪجانءِ.“
بلعام ۽ سندس گڏهِہ
21بلعام صبح جو اٿيو ۽ پنهنجيءَ گڏهِہ تي سنج رکي موآبي اڳواڻن سان گڏجي روانو ٿيو. 22هن جي وڃڻ ڪري خدا کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو جيئن بلعام پنهنجيءَ گڏهِہ تي وڃي رهيو هو ۽ سندس ٻہ نوڪر بہ ساڻ هئا تہ خداوند جو ملائڪ هن کي روڪڻ لاءِ رستي تي اچي بيٺو. 23جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي تي بيٺل ڏٺو تڏهن رستي کان مڙي ٻنيءَ ۾ لهي ويئي. پر بلعام گڏهِہ کي مار ڏيئي ڦيري رستي تي آندو. 24پوءِ وري خداوند جو ملائڪ انگورن جي ٻن باغن جي وچ ۾ سوڙهي رستي تي اچي بيٺو جتي ٻنهي پاسن کان ڀت هئي. 25جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن هوءَ وڃي ڀت سان لڳي ۽ بلعام جو پير ڀت سان چيڀاٽي ڇڏيائين. تنهن تي هن وري بہ گڏهِہ کي مار ڏني. 26تڏهن هڪ دفعو وري خداوند جو ملائڪ اڳڀرو وڃي هڪ اهڙي هنڌ تي بيٺو جتي نہ ساڄي پاسي مُڙڻ جي جاءِ هئي نہ کاٻي پاسي. 27پوءِ جڏهن گڏهِہ خداوند جي ملائڪ کي ڏٺو تڏهن بلعام سوڌو ويهي رهي. بلعام کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو گڏهِہ کي پنهنجيءَ لٺ سان مار ڏيڻ لڳو.
28تڏهن خداوند گڏهِہ کي ڳالهائڻ جي طاقت ڏني، جنهن بلعام کي چيو تہ ”مون توهان کي ڇا ڪيو آهي جو توهان مون کي ٽي ڀيرا مار ڏني آهي؟“ 29بلعام جواب ڏنس تہ ”مون ائين هن ڪري ڪيو جو تو مون سان مخول ڪيو آهي. جيڪڏهن منهنجي هٿ ۾ تلوار هجي ها تہ جيڪر هاڻي جو هاڻي تو کي ماري وجھان ها.“ 30تڏهن گڏهِہ وراڻيس تہ ”ڇا آءٌ اوهان جي اُها ئي گڏهِہ نہ آهيان، جنهن تي اوهان اڄ ڏينهن تائين هميشہ سواري پئي ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن اڳي بہ مون اوهان سان ائين ڪيو آهي؟“ هن چيو تہ ”نہ.“
31پوءِ خداوند بلعام جون اکيون کوليون، تڏهن هن خداوند جي ملائڪ کي هٿ ۾ اگھاڙي تلوار کنيو رستي ۾ بيٺل ڏٺو. تنهن تي هن جھڪي سجدو ڪيو. 32خداوند جي ملائڪ بلعام کان پڇيو تہ ”تو پنهنجيءَ گڏهِہ کي ڇو ٽي ڀيرا مار ڏني؟ آءٌ تنهنجو رستو روڪڻ لاءِ آيو آهيان، ڇو تہ تنهنجو هي رستو منهنجي نظر ۾ گمراهيءَ وارو رستو آهي. 33پر تنهنجيءَ گڏهِہ مون کي ڏٺو ۽ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي ويئي. جيڪڏهن اها مڙي نہ وڃي ها تہ آءٌ تو کي ضرور قتل ڪري ڇڏيان ها، پر هن کي جيئرو ڇڏيان ها.“
34تڏهن بلعام وراڻيو تہ ”مون کان گناهہ ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ مون کي خبر ڪانہ هئي تہ توهان مون سان مقابلي لاءِ رستي تي بيٺا آهيو. سو هاڻي جيڪڏهن منهنجو اوڏانهن وڃڻ توهان کي خراب ٿو لڳي تہ آءٌ موٽي ٿو وڃان.“ 35پر خداوند جي ملائڪ بلعام کي چيو تہ ”تون ڀلي انهن ماڻهن سان وڃ. پر جيڪا ڳالهہ آءٌ تو کي چوان رڳو اها ئي تون چئجانءِ.“ سو بلعام بلق بادشاهہ جي موڪليل اڳواڻن سان گڏجي ويو.
بلعام جو استقبال
36جڏهن بلق بادشاهہ ٻڌو تہ بلعام اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب ملڪ جي انهيءَ سرحدي شهر تائين آيو جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي. 37اُتي بلق بلعام کي چيو تہ ”ڇا مون تو کي تاڪيد سان نہ گھرايو هو؟ پوءِ تون ڇو مون وٽ هليو نہ آئين؟ ڇا آءٌ تو کي نوازي نہ ٿو سگھان؟“ 38بلعام جواب ڏنس تہ ”هاڻي جو آءٌ توهان وٽ اچي ويو آهيان تہ ڇا مون کي ايتري مجال آهي جو جيڪي وڻيم سو چوان؟ بلڪ جيڪا ڳالهہ خدا مون کان چوائيندو، سا ئي آءٌ چوندس.“
39پوءِ بلعام بلق سان گڏجي قريت‌حصات شهر ۾ آيو. 40اتي بلق ڏاند ۽ رڍون ڪُٺيون ۽ اُهي بلعام ۽ ساڻس گڏ جيڪي اڳواڻ هئا تن ڏانهن موڪليائين. 41ٻئي ڏينهن صبح جو بلق بلعام کي پاڻ سان بامات‌بعل جي مٿاهينءَ جاءِ تي وٺي ويو، جتان بلعام بني اسرائيل جي خيمي‌گاهہ جو آخري حصو ڏسي ٿي سگھيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 22: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in