23
بلعام جو پهريون الهامي گفتو
1پوءِ بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون ٺهرايو ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رکو.“ 2بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام چيو هئس. پوءِ بلق بلعام سان گڏجي هر هڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي. 3تنهن بعد بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجيءَ قربانيءَ وٽ بيهو ۽ آءٌ ٿورو پرڀرو وڃان ٿو. ٿي سگھي ٿو تہ خداوند مون سان ملڻ لاءِ اچي. سو جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توهان کي ٻڌائيندس.“ پوءِ هو هڪڙي ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو. 4خدا ساڻس مليو ۽ بلعام خدا کي چيو تہ ”مون ست قربانگاهون تيار ڪيون آهن ۽ هر هڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي اٿم.“
5تڏهن خداوند بلعام جي وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وڌي ۽ چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“ 6سو هو انهيءَ وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ بلق موآب ملڪ جي سڀني اڳواڻن سميت پنهنجيءَ قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي. 7تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ
”موآب جي بادشاهہ بلق مون کي #23:7 ارام ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.ارام ملڪ مان گھرايو.
هائو، هن مون کي اوڀر واري جابلو علائقي مان سڏايو.
هن چيو تہ ’اچ ۽ منهنجي خاطر
بني يعقوب تي اچي لعنت ڪر،
هائو، اچ ۽ منهنجي واسطي
بني اسرائيل کي اچي ملامت ڪر.‘
8پر جن تي خدا لعنت نہ ڪئي آهي،
تن تي آءٌ ڪيئن لعنت ڪريان؟
هائو، جن کي خداوند ملامت نہ ڪئي آهي،
تن کي آءٌ ڪيئن ملامت ڪريان؟
9آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو،
هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي.
هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي،
۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.
10بني يعقوب، جنهن جو اولاد
واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو آهي،
تنهن کي ڪير ڳڻي سگھندو؟
بلڪ سندن رڳو چوٿين حصي جو بہ
ڪو شمار نہ ٿو ڪري سگھي.
شل مون بلعام جي پڇاڙي بہ انهن سچارن جهڙي ٿئي،
بلڪ شل آءٌ انهن سچارن وارو موت مران.“
11تڏهن بلق بلعام کي چيو تہ ”هي تو مون سان ڇا ڪيو؟ مون تہ تو کي پنهنجي دشمنن تي لعنت ڪرڻ لاءِ هتي گھرايو آهي، پر تو تہ انهن کي برڪت ئي برڪت ڏني آهي.“ 12هن جواب ڏنو تہ ”ڇا آءٌ رڳو اُها ئي ڳالهہ نہ چوان جيڪا خداوند منهنجي وات ۾ وڌي هجي؟“
بلعام جو ٻيو الهامي گفتو
13پوءِ بلق بلعام کي چيو تہ ”هاڻي مون سان گڏجي ٻئي هنڌ هل، جتان تون انهن سڀني کي نہ، پر رڳو پڇاڙيءَ وارن کي ڏسي سگھندين. پوءِ تون انهن تي منهنجي خاطر لعنت ڪر.“ 14سو هو کيس صوفيم جي ميدان ۾ پسگاہ جي چوٽيءَ تي وٺي ويو. اتي بہ بلق ست قربانگاهون ٺاهيون ۽ هر هڪ قربانگاهہ تي هڪ وهڙي ۽ هڪ گھٽي جي قرباني ڪيائين.
15تڏهن بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجي قربانيءَ وٽ بيهو، آءٌ هوڏانهن وڃي خداوند سان ملي اچان.“ 16خداوند بلعام سان مليو ۽ سندس وات ۾ هڪڙي ڳالهہ وجھي چيائينس تہ ”موٽي وڃي بلق کي اها ڳالهہ چئي ٻڌاءِ.“ 17سو هو انهيءَ وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ بلق موآب ملڪ جي اڳواڻن سميت پنهنجي قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي. بلق کانئس پڇيو تہ ”خداوند ڇا فرمايو؟“ 18تڏهن بلعام پنهنجو الهامي گفتو شروع ڪندي چوڻ لڳو تہ
”اي صفور جا پٽ بلق! تون منهنجي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌ.
19خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي،
هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي.
هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟
هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.
20ڏس، مون کي برڪت ڏيڻ جو حڪم مليو آهي،
هاڻي خدا جي ڏنل برڪت کي آءٌ ڪيئن ٿو بدلائي سگھان؟
21 خداوند خدا بني يعقوب جو بادشاهہ آهي،
۽ هو ساڻن گڏ رهي ٿو.
سو هو بني اسرائيل کي هر مشڪل ۽ مصيبت کان دور ٿو رکي.
22بيشڪ جنهن خدا کين مصر ملڪ مان ڪڍي آندو،
سو ڪيڏي نہ وڏي قدرت وارو آهي.
23سو بني يعقوب تي ڪوبہ جادو ڪين هلندو،
نڪي بني اسرائيل تي ڪنهن فال جو ڪو اثر ئي ٿيندو.
بلڪ مٿن انهن ڳالهين جو اثر نہ ٿيندو ڏسي
هر ڪو چوندو تہ
’واہ، خدا پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نہ ڪيو آهي!‘
24ڏس، بني اسرائيل زورآور شينهڻ جيان اُٿي کڙا ٿيا آهن،
اهڙي شينهڻ جيان جيڪا تيستائين آرام نہ ٿي ڪري
جيستائين شڪار کي نہ ٿي ڳڙڪائي
۽ انهيءَ جو رت نہ ٿي پيئي.“
25تڏهن بلق بادشاهہ بلعام کي چيو تہ ”تون انهن تي لعنت تہ ڪين ٿو ڪرين، پر گھٽ ۾ گھٽ کين برڪت تہ نہ ڏي.“ 26بلعام کيس ورندي ڏيئي چيو تہ ”مون توهان کي چيو ڪين هو تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو، سو ئي مون کي ڪرڻو آهي؟“
بلعام جو ٽيون الهامي گفتو
27بلق بلعام کي چيو تہ ”اچ تہ آءٌ تو کي ٻئي هنڌ وٺي ٿو هلان. خدا جي نظر ۾ شايد اهو چڱو هجي تہ تون اتان منهنجي خاطر هنن تي لعنت ڪرين.“ 28سو بلق بلعام کي پعور جبل جي چوٽيءَ تي وٺي ويو، جتان هيٺ بيابان نظر ٿي آيو. 29اتي بلعام بلق کي چيو تہ ”هتي منهنجي لاءِ ست قربانگاهون ٺهراءِ ۽ منهنجي لاءِ ست وهڙا ۽ ست گھٽا تيار رک.“ 30بلق ائين ئي ڪيو جيئن بلعام کيس چيو. هن هر هڪ قربانگاهہ تي هڪڙي وهڙي ۽ هڪڙي گھٽي جي قرباني ڪئي.