ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس،
جن اوهان کي آزاريو آهي.
جيڪي منڊڪائيندڙ رڍ جيان لاچار آهن، تن کي آءٌ ڇڏائيندس،
۽ جيڪي رڍن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪيا ويا آهن،
تن کي آءٌ وري گڏ ڪندس.
هر انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو خوار خراب ڪيا ويا هئا،
اتي آءٌ کين عزت وارو بڻائي سندن تعريف ڪرائيندس.