YouVersion Logo
Search Icon

صفنياہ 3

3
يروشلم وارن جي بڇڙائي
1ويل آهي يروشلم شهر لاءِ!
جيڪو فساد، پليتيءَ ۽ ظلم سان ٽمٽار آهي.
2انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن،
نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا.
هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن،
نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.
3انهيءَ شهر جا عملدار چيريندڙ ڦاڙيندڙ شينهن آهن،
۽ قاضي بکايل بگھڙ آهن،
جيڪي صبح تائين ڪجھہ بہ نہ ٿا ڇڏين.
4هن شهر جا نبي سڏائيندڙ غيرذميوار ۽ ڪوڙا آهن.
اتان جي ڪاهنن مخصوص شين کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي،
۽ شريعت جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي ڇڏيو اٿن.
5پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي،
هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي.
هو هر روز انصاف ڪندو آهي،
۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري.
تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.
6خداوند فرمائي ٿو تہ
”مون قومن کي ناس ڪري ڇڏيو آهي،
۽ انهن جا ڪوٽ ڊاهي ڇڏيا اٿم.
مون هنن جون گھٽيون اهڙيون ويران ڪري ڇڏيون آهن،
جو اتان ڪوبہ ڪونہ ٿو لنگھي.
هائو، انهن جا شهر اهڙا اجڙي ويا آهن،
جو منجھن ڪوبہ ماڻهو رهڻ وارو ڪونهي.
7پوءِ مون سوچيو تہ
يقيناً يروشلم وارا اهو ڏسي منهنجو خوف رکندا
۽ پنهنجو سڌارو قبول ڪندا.
تڏهن منهنجيون سزائون هنن تي اچي نہ پونديون،
نڪي سندن آبادي ختم ڪئي ويندي.
تنهن هوندي بہ هنن کي اڃا شوق آهي
تہ هو بڇڙا ڪم ڪندا رهن، جيئن اڳي ڪيا اٿائون.“
8تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ
”اي يروشلم وارؤ!
اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو،
جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس.
مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي
مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هائو، منهنجي غيرت جي باهہ
سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“
بني اسرائيل ۽ ٻين قومن جي بحالي
9تنهن هوندي بہ خداوند فرمائي ٿو تہ
”پوءِ آءٌ قومن کي ڦيرائي بتن جي نالن کڻڻ کان پاڪ ڪندس،
تہ جيئن هو سڀ جو سڀ مون خداوند کان دعا گھرن،
۽ ڪلهو ڪلهي سان ملائي منهنجي ئي عبادت ڪن.
10سوڊان جي ندين جي پرينءَ ڀر تائين،
منهنجا عبادت‌گذار جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن،
سي بہ منهنجي لاءِ قربانيون آڻيندا.
11اي يروشلم وارؤ!
انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري،
جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا
وري خوار خراب نہ ٿيندا،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان
انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس،
جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا.
منهنجي پاڪ جبل #3‏:11 صيئون يعني اهو جبل جنهن تي خداوند جي مقدس هيڪل اڏيل هئي.صيئون تي
وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.
12پر آءٌ اوهان مان رڳو حليم ۽ نماڻن ماڻهن کي بچائيندس،
جن مون خداوند وٽ پناهہ ورتي هوندي.
13 # مڪا 14‏:5 اهي باقي بچيل بني اسرائيل بڇڙا ڪم نہ ڪندا،
هو ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهائيندا،
نہ وري هو ڪنهن سان ڪا ٺڳي ڪندا.
هو سڪون سان کائيندا پيئندا ۽ ننڊون ڪندا،
۽ ڪوبہ کين نہ ڊيڄاريندو.“
خوشيءَ جو گيت
14اي بني اسرائيل!
توهين گيت ڳايو ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻو.
اي يروشلم وارؤ!
پنهنجي پوريءَ دل سان خوشيون ڪريو ۽ سرها ٿيو.
15 خداوند توهان تان سزائون هٽائي ڇڏيون آهن،
هن اوهان جي دشمنن جو رخ ڦيري ڇڏيو آهي.
خداوند، بني اسرائيل جو بادشاهہ اوهان ساڻ آهي،
وري ڪڏهن بہ اوهين مصيبت جو منهن نہ ڏسندا.
16انهيءَ ڏينهن يروشلم کي چيو ويندو تہ
”اي صيئون تي اڏيل شهر! تون ڪوبہ خوف نہ ڪر.
تون پنهنجي همت نہ هار.
17 خداوند تنهنجو خدا تو ساڻ آهي،
هو سوڀ ڏيڻ جي وڏي سگھہ رکي ٿو.
هو تو مان گھڻو شادمان ۽ خوش ٿيندو،
هو پنهنجي محبت وچان تو کي وري بحال ڪندو،
۽ تو تي خوش ٿي ڳائيندو.“
18خداوند فرمائي ٿو تہ
”يروشلم جي مصيبت ۽ خواريءَ جي ڪري،
جيڪو ڏک اوهين مقرر عيدن تي محسوس ٿا ڪريو
تنهن کي آءٌ اوهان مان مِٽائي ڇڏيندس.
19ڏسو، انهيءَ ڏينهن آءٌ انهن سڀني کي سزا ڏيندس،
جن اوهان کي آزاريو آهي.
جيڪي منڊڪائيندڙ رڍ جيان لاچار آهن، تن کي آءٌ ڇڏائيندس،
۽ جيڪي رڍن وانگر ڪڻو ڪڻو ڪيا ويا آهن،
تن کي آءٌ وري گڏ ڪندس.
هر انهيءَ ملڪ ۾ جتي هو خوار خراب ڪيا ويا هئا،
اتي آءٌ کين عزت وارو بڻائي سندن تعريف ڪرائيندس.
20ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي
پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس.
آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس
۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا،
بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا.
اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“
اهو خداوند جو فرمان آهي.

Currently Selected:

صفنياہ 3: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in