2
خداوند جي طلب رکڻ
1اي بيشرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.
2انهيءَ کان اڳ جو خدا جو سخت قهر اوهان کي اچي وڪوڙي،
۽ اوهان کي بُهہ وانگر اڏائي ڇڏي.
هائو، انهيءَ کان اڳ جو
خداوند جي غضب جو اهو ڏينهن اوهان تي اچي ڪڙڪي.
3اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ!
جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو،
سي خداوند جا طالبو رهو.
هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو،
تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي
اوهان کي پناهہ ملي.
يهوداہ ملڪ جي آسپاس وارين قومن جي بربادي
(2:4-15)
(فلستين جي بربادي)
4 #
يس 14:29-31، ير 47:1-7، حز 25:15-17، يوا 3:4-8، عا 1:6-8، زڪ 9:5-7 غزہ شهر ۾ ڪوبہ ڪونہ بچندو،
۽ اسقلون شهر کي ويران ڪيو ويندو.
اشدود شهر وران کي منجھند ٿيڻ کان اڳ تڙي ڪڍيو ويندو،
۽ عقرون شهر وارن جي پاڙ پٽي ويندي.
5ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ!
خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي.
اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو،
ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.
6اي فلستيؤ! جنهن سمنڊ جي ڪناري تي اوهين رهو ٿا،
سو رڳو ريڍارن ۽ رڍن جو ماڳ ٿي ويندو.
7بلڪ اهو علائقو يهوداہ جي باقي بچي ويلن جي ملڪيت ٿيندو.
اتي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا،
۽ اسقلون شهر جي ويران گھرن ۾ اچي رهندا.
بيشڪ خداوند سندن خدا انهن جي سار سنڀال لهندو،
۽ هنن کي ٻيهر خوشحال ڪندو.
(موآب ۽ عمون وارن جي بربادي)
8 #
يس 15:1–16:14، 25:10-12، ير 48:1–49:6، حز 21:28-32، 25:1-11، عا 1:13-15 خداوند فرمائي ٿو تہ
”#2:8 بني موآب ۽ بني عمون انهن قومن جا علائقا اسرائيل ملڪ جي اوڀر طرف هئا.بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بيعزتيون
جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا،
بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون
جيڪي هو هڻن ٿا،
سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.
9 #
پيد 19:24
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند،
بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ
پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي
سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس.
هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا،
۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي
هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي.
پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو
سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“
10اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو،
ڇاڪاڻ تہ هنن قادرمطلق خداوند جي قوم جي بيعزتي ڪئي،
۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.
11 خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو،
بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو.
پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون.
هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾
خداوند جي ئي عبادت ڪندا.
(سوڊانين جي بربادي)
12 #
يس 18:1-7
اي #2:12 سوڊان جا رهاڪو عبرانيءَ ۾ ”ڪُوشي“ لکيل آهي، انهن ڏينهن ۾ هنن ماڻهن جو علائقو موجودہ ايٿوپيا ۽ سوڊان ملڪن جي ڳچ حصي تي مشتمل هو.سوڊان جا رهاڪؤ!
خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.
(اشور ملڪ جي بربادي)
13 #
يس 10:5-34، 14:24-27، ناح 1:1–3:19 خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي
اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو.
جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي
ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.
14نينوہ هر قسم جي چوپائي مال،
۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو.
ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا.
درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو،
۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا.
عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.
15اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو،
جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو.
انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ
”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي،
اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“
پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو،
۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو.
جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.