YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 1

1
پوِتر آتما جي موڪلڻ جو وچن
1‏-2 # لو 1‏:1‏-4 شري ٿئوفلس!
مون پنهنجي #1‏:1‏-2 پهرئين شاستر هن مان مراد ”لوقا جي معرفت خوشخبري“ جو شاستر آهي. پهرئين شاستر ۾ اُهي سڀ ڳالهيون لکيون آهن، جيڪي يسوع پنهنجي سيوا واري ڪم شروع ڪرڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين ڪيون ۽ سيکاريون. هن آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ کان اڳ ۾ پوِتر آتما جي وسيلي انهن ماڻهن کي هدايتون ڏنيون، جن کي پنهنجا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ڪري چونڊيائين. 3هن پنهنجي موت کان پوءِ انهن کي پاڻ ڏيکاريو ۽ ڪيتريون ئي ثابتيون ڏنائين تہ هو جيوت آهي. هن چاليهن ڏينهن تائين انهن کي ڪيترائي دفعا پاڻ ڏيکاريو ۽ ساڻن ايشور جي راڄ بابت ڳالهايائين. 4#لو 24‏:49 هڪڙي دفعي جڏهن اهي سڀيئي چيلا اچي گڏ ٿيا تہ هن کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”يروشلم نہ ڇڏجو، بلڪ منهنجي پتا جي ڪيل وچن جي پوري ٿيڻ جو انتظار ڪجو، جنهن بابت مون اوهان کي ٻڌايو هو. 5#مت 3‏:11، مر 1‏:8، لو 3‏:16، يو 1‏:33 ڏسو، يوحنا پاڻيءَ سان بپتسما ڏني هئي، پر اوهان کي ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ ڪيل وچن موجب پوِتر آتما سان بپتسما ڏني ويندي.“
يسوع مسيح جو آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ
6ٻئي دفعي جڏهن اهي سڀيئي وري اچي گڏ ٿيا تہ انهن يسوع کان پڇيو تہ ”پرڀو! ڇا اوهين هن وقت ئي بني اسرائيل جو راڄ بحال ڪرڻ وارا آهيو؟“ 7يسوع انهن کي چيو تہ ”وقت ۽ ڏينهن منهنجي پتا پنهنجي اختياريءَ سان مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي. 8#مت 28‏:19، مر 16‏:15، لو 24‏:47‏-48 پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“
9 # مر 16‏:19، لو 24‏:50‏-51 اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو. 10جيئن تہ هو مٿي وڃي رهيو هو ۽ انهن جون اکيون آڪاش ۾ کتل هيون تہ اوچتو ئي ٻہ ماڻهو اڇي پوشاڪ سان هنن جي ڀرسان ڏسڻ ۾ آيا. 11انهن چيو تہ ”اي گليليؤ! اوهين آڪاش ڏانهن ڇو ٿا بيٺا نهاريو؟ اهو ئي يسوع، جيڪو اوهان وٽان آڪاش ڏانهن کڄي ويو آهي، سو ساڳيءَ طرح وري موٽي ايندو جيئن اوهان کيس آڪاش ڏانهن ويندي ڏٺو آهي.“
يهوداہ جي جاءِ تي متياہ کي چونڊڻ
12 پوءِ سنت زيتون نالي ٽڪر کان يروشلم شهر ڏانهن موٽيا. اهو ٽڪر يروشلم کان اٽڪل هڪ ڪلوميٽر پري هو. 13#مت 10‏:2‏-4، مر 3‏:16‏-19، لو 6‏:14‏-16 جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون #1‏:13 قوم‌پرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قوم‌پرست“ سڏيو ويندو هو.قوم‌پرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا. 14اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.
15هڪڙي ڏينهن جڏهن اٽڪل هڪ سؤ ويهہ #1‏:15 وشواسي نئين وچن‌نامي ۾ هن مان مراد اهي ماڻهو آهن جن يسوع کي مسيح طور قبول ڪري مٿس وشواس آندو آهي.وشواسي اچي گڏ ٿيا، تڏهن پطرس انهن جي وچ ۾ اُٿي بيٺو ۽ چيائين تہ 16#يو 13‏:18، زب 41‏:9 ”اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! پوِتر شاستر جي انهيءَ لکت جو پورو ٿيڻ ضروري هو، جنهن ۾ پوِتر آتما دائود جي معرفت اڳي ئي يهوداہ بابت ٻڌائي ڇڏيو هو، جنهن يسوع کي پڪڙڻ وارن جي رهنمائي ڪئي. 17يهوداہ اسان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي مان هو، ڇاڪاڻ تہ سيوا واري ڪم ۾ اسان سان شريڪ ٿيڻ لاءِ کيس بہ چونڊيو ويو هو.“
18‏-19 # مت 27‏:3‏-8 يروشلم جي سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ يهوداہ جيڪي پئسا پنهنجي بڇڙي ڪم جي عيوض ورتا هئا، تن مان هن زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو هو. اتي هو اونڌو ٿي ڪري پيو، سندس پيٽ ڦاٽي پيو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيس. سو ماڻهن انهيءَ زمين کي پنهنجي ارامي ٻوليءَ ۾ ”اڪالديمي“ سڏيو، جنهن جي معنيٰ آهي ”خون واري زمين.“
20 # زب 69‏:25، 109‏:8 پطرس وڌيڪ چين تہ ”انهيءَ بابت زبور ۾ لکيل آهي تہ
’شل انهيءَ جو گھر ويران ٿئي،
۽ منجھس ڪوبہ نہ رهي.‘
هي بہ لکيل آهي تہ
’شل ڪو ٻيو هن جو جاءِنشين ٿئي.‘
21‏-22 # مت 3‏:16، مر 1‏:9، 16‏:19، لو 3‏:21، 24‏:51 تنهنڪري اهو ضروري آهي تہ هڪ اهڙو ماڻهو چونڊجي، جيڪو پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏئي. اهو اهڙو هئڻ گھرجي جيڪو اسان سان انهيءَ سموري وقت ۾ گڏ رهيو هجي، جنهن ۾ پرڀو يسوع اسان سان هو، يعني پرڀوءَ جي يوحنا کان بپتسما وٺڻ کان وٺي آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ تائين.“
23سو انهن ٻن ماڻهن جا نالا پيش ڪيا، هڪڙو يوسف، جنهن کي برسبا عرف يوستُس بہ سڏيندا هئا ۽ ٻيو متياہ. 24پوءِ انهن پرارٿنا ڪئي تہ ”اي پرڀو! تون سڀني ماڻهن جي دلين کي ڄاڻين ٿو، سو اسان کي ٻڌاءِ تہ تو هنن ٻن مان ڪنهن کي چونڊيو آهي تہ 25اهو سنت جي سيوا واري اها جاءِ وٺي، جنهن تان يهوداہ خارج ٿيو ۽ پنهنجي جاءِ ڏانهن هليو ويو.“ 26پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 1: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for سنتن جا ڪم 1