YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 2

2
پوِتر آتما جو پرگھٽ ٿيڻ
1 # لاو 23‏:15‏-21، نيم 16‏:9‏-11 جڏهن پنتيڪُست جي تهوار جو ڏينهن آيو، تڏهن سڀيئي وشواسي اچي هڪڙي هنڌ گڏ ٿيا. 2اوچتو ئي آڪاش مان هڪ آواز آيو ۽ اهو آواز تيز هوا جي گھوگھٽ جهڙو هو، جنهن سان اها سڄي جاءِ جنهن ۾ هو ويٺا هئا گونجڻ لڳي. 3تڏهن انهن کي باهہ جهڙيون ڄڀون نظر آيون جيڪي ڌار ڌار ٿي هر هڪ تي اچي ويٺيون. 4اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ انهيءَ جي شڪتيءَ سان ڌاريون ٻوليون ڳالهائڻ لڳا.
5ان وقت سنسار جي هر هڪ ملڪ مان ڌرمي يهودي يروشلم ۾ رهيل هئا. 6انهن جڏهن اهو آواز ٻڌو تہ اهي وڏي ميڙ جي صورت ۾ اچي گڏ ٿيا. هو سڀيئي حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن کي ڳالهائيندي ٻڌو. 7انهن کي حيرت وٺي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو جيڪي ائين ٿا ڳالهائين، ڇا اهي سڀ گليلي نہ آهن؟ 8پوءِ ڪيئن اسان مان هر ڪو انهن کان پنهنجي پنهنجي مادري زبان ٿو ٻڌي؟ 9ڇاڪاڻ تہ اسين پارٿين، مادئين ۽ عيلامين جي ملڪن ۾ رهندڙ توڙي #2‏:9 مسوپتاميہ ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.مسوپتاميہ، يهوديہ، ڪپدُڪيا، پنطس، آسيا، 10فروگيا، پمفيليا ۽ مصر جي علائقن وارا ۽ لبيا ۾ ڪريني شهر جي آس‌پاس رهندڙ آهيون. ان کان علاوہ روم کان آيل مسافر، 11جيڪي ڄائي ڄم جا يهودي توڙي اهي غير قوم وارا جيڪي يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيل آهن ۽ ڪي ڪريتي ۽ عرب آهن. ان جي باوجود اسين انهن کي پنهنجين پنهنجين ٻولين ۾ ايشور جي وڏن وڏن ڪمن جو بيان ڪندي ٿا ٻڌون.“ 12سڀيئي حيران ٿي ويا ۽ مونجھڪاري وچان هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”هن جو مطلب ڇا آهي؟“ 13پر انهن مان ڪي وري ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ ”اهي سڀ مئي جي نشي ۾ آهن.“
پطرس جو اُپديش
14پوءِ پطرس ٻين يارهن سنتن سان گڏ اُٿي بيٺو ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيائين تہ ”اي يهودي دوستؤ ۽ يروشلم جا ٻيا سڀيئي رهواسيؤ! جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ڪن ڏيئي ٻڌو. 15هي ماڻهو مئي پي نشي ۾ نہ آهن جيئن اوهين سمجھو ٿا، ڇو تہ صبح جا اڃا نوَ ئي مس ٿيا آهن. 16پر هن مان اها ڳالهہ پوري ٿئي ٿي جيڪا سنديش ڏيندڙ سنت يوايل جي معرفت ايشور فرمائي هئي تہ
17 # يوا 2‏:28‏-32 ’پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو
آءٌ پنهنجي آتما سڀني ماڻهن تي پرگھٽ ڪندس،
تڏهن اوهان جا پٽ ۽ ڌيئرون منهنجو سنديش ٻڌائيندا.
اوهان جا جوان توڙي پوڙها سچا خواب ۽ درشن ڏسندا.
18بلڪ انهن ڏينهن ۾ آءٌ داس توڙي داسيءَ تي بہ
پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس،
سي بہ منهنجو سنديش ٻڌائيندا،
ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجا آهن.
19آءٌ مٿي آڪاش ۾ عجب جهڙا ڪم
۽ هيٺ ڌرتيءَ تي چمتڪار ڏيکاريندس،
جهڙوڪ: رت، باهہ ۽ گھاٽو دونهون.
20تڏهن سج ڪاراٽجي ويندو
۽ چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پوندو.
هائو، اهو سڀ مون پرميشور جي مهان
۽ جوت واري ڏينهن جي اچڻ کان پهريائين ٿيندو.
21ان وقت جيڪو بہ مون پرميشور جو نالو وٺي ٻاڏائيندو،
سو بچي ويندو.‘“
22پطرس وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هي ڌيان سان ٻڌو تہ ايشور اوهان جي اڳيان يسوع ناصريءَ کي پنهنجي طرفان موڪليل طور ثابت ڪيو. ڏسو، ايشور انهيءَ جي هٿان چمتڪار، نشانيون ۽ عجب جهڙا ڪم اوهان جي اڳيان ڪري ڏيکاريا. اوهين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. 23#مت 27‏:35، مر 15‏:24، لو 23‏:33، يو 19‏:18 ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو. 24#مت 28‏:5‏-6، مر 16‏:6، لو 24‏:5 پر ايشور هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيوت ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي. 25#زب 16‏:8‏-11 سو راجا دائود اڳ ۾ ئي يسوع جا لفظ لکيا تہ
’مون تو پرميشور کي هر وقت پنهنجي اڳيان ڏٺو،
ڇاڪاڻ تہ تون مون سان گڏ آهين،
انهيءَ لاءِ تہ جيئن مون کي ڪو لوڏو نہ اچي.
26تنهنڪري منهنجي دل خوش آهي
۽ منهنجي زبان خوشيءَ سان ڳالهائي ٿي،
بلڪ منهنجو ناس ٿيندڙ شرير بہ اميد سان ڀريل رهندو.
27يقين اٿم تہ تون منهنجي آتما کي
آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏي نہ ڏيندين،
نڪي پنهنجي پوِتر داس کي ڳرڻ سڙڻ ڏيندين.
28تو مون کي جيون جون واٽون ڏيکاريون آهن،
۽ تون مون کي پنهنجو درشن ڪرائي
خوشيءَ سان ٽمٽار ڪري ڇڏيندين.‘
29اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي ڏاڏي دائود بابت کُليو کُلايو ٻڌايان ٿو تہ هو مري ويو ۽ دفن ڪيو ويو ۽ سندس قبر اسان وٽ اڄ تائين موجود آهي. 30#زب 132‏:11، 2.سم 7‏:12‏-13 هو سنديش ڏيندڙ سنت هو ۽ ڄاتائين ٿي تہ ايشور هن سان قسم کڻي انهيءَ ڳالهہ جو وچن ڪيو هو تہ ’آءٌ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي تنهنجي تخت تي ويهاريندس.‘ 31دائود اڳي ئي ڄاتو پئي تہ ايشور ڇا ڪندو، تنهنڪري هن مسيح جي وري جيوت ٿيڻ بابت اڳڪٿي ڪندي ائين چيو تہ مسيح نڪي آتمائن جي سنسار ۾ ڇڏيو ويندو ۽ نہ وري سندس شرير ڳري سڙي ويندو.
32انهيءَ ئي يسوع کي ايشور جيوت ڪيو ۽ اسين سڀ ان ڳالهہ جا شاهد آهيون. 33هو پنهنجي پتا يعني ايشور جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان وچن ڪيل پوِتر آتما وٺي هن اها اسان تي پرگھٽ ڪئي آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.
34 # زب 110‏:1 دائود پاڻ آڪاش ڏانهن کڄي نہ ويو، سو هو پاڻ بابت نہ ٿو چوي جڏهن هن هيئن چيو تہ
’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
35جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
36سو بني اسرائيل جي پوري قوم يقيني طور ڄاڻي ڇڏي تہ اهو يسوع، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيو، ايشور تنهن کي پرڀو بہ ڪيو آهي ۽ مسيح بہ.“
37جڏهن ماڻهن اهو ٻڌو تہ اها ڳالهہ سندن دلين ۾ چڀي ويئي. سو هنن پريشان ٿي پطرس ۽ ٻين سڀني سنتن کي چيو تہ ”ڀائرؤ! اسين هاڻي ڇا ڪريون؟“ 38تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي. 39ايشور جو پوِتر آتما ڏيڻ وارو اهو وچن اوهان جي لاءِ، اوهان جي اولاد جي لاءِ ۽ انهن سڀني جي لاءِ بہ آهي جيڪي پري آهن، يعني اهي سڀ جن کي پرڀو، اسان جو ايشور پاڻ ڏانهن سڏيندو.“
40پطرس انهن کي ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ٻڌايون ۽ کين خبردار ڪيائين تہ ”پاڻ کي هن بڇڙي زماني کان بچايو.“ 41انهيءَ ڏينهن جن پطرس جي سنديش کي قبول ڪيو، سي بپتسما وٺي وشواسين ۾ شامل ٿي ويا. اهي اٽڪل ٽي هزار ماڻهو هئا. 42اهي پنهنجو وقت سنتن کان سکڻ، هڪٻئي جي سنگت ۾ رهڻ، #2‏:42 گڏجي رسوئي کائڻ هتي ۽ 2‏:46 ۾ گھڻو ڪري گڏجي رسوئي کائڻ وقت وشواسي پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽي بہ ڀڃي کائيندا هئا. ڏسو لوقا 22‏:19‏-20. گڏجي رسوئي کائڻ ۽ پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذارڻ لڳا.
وشواسين جي هلت چلت
43جيئن تہ سنتن ڪيترائي چمتڪار ۽ عجب جهڙا ڪم ڪيا، سو سڀيئي ماڻهو ايشور جو خوف ڪرڻ لڳا. 44#سن 4‏:32‏-35 جن يسوع مسيح تي وشواس آندو هو، سي سڀ گڏ گذارڻ لڳا ۽ هڪٻئي جي شين ۾ ڀائيوار ٿي رهندا هئا. 45اهي پنهنجو مال ملڪيت وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا ۽ هر هڪ کي پنهنجي گھرج آهر ملندو هو. 46اهي هر روز هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ مختلف گھرن ۾ وڃي خوشيءَ ۽ صاف‌دليءَ سان گڏجي کائيندا پيئندا هئا. 47هو ايشور جي مهما ڪندا هئا ۽ سڀني ماڻهن جو مٿن راضپو هو. پرڀو يسوع ڏينهون ڏينهن مڪتي حاصل ڪندڙن جي منڊليءَ ۾ واڌارو ڪندو ٿي رهيو.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 2: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in