3
پيرن کان معذور کي چڱو ڀلو ڪرڻ
1هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي پطرس ۽ يوحنا هيڪل ڏانهن ڀڳتي ڪرڻ ويا. 2اتي سهڻي نالي دروازي وٽ هڪ ڄائي ڄم کان معذور ويٺو هو، جنهن کي روزانو دروازي وٽ انهيءَ لاءِ ويهاريندا هئا تہ هو هيڪل ۾ ايندڙ ماڻهن کان پني. 3هن جڏهن پطرس ۽ يوحنا کي هيڪل ۾ ويندي ڏٺو تہ انهن کان بہ دان گھريائين. 4تنهن تي انهن هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پطرس چيس تہ ”اسان ڏانهن نهار.“ 5سو هن اها اميد رکي هنن ڏانهن نهاريو تہ اهي کيس ڪجھہ ڏيندا. 6تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“ 7پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. 8هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ ايشور جي مهما ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو. 9سڄيءَ خلق هن کي گھمندي ڦرندي ۽ ايشور جي مهما ڪندي ڏٺو. 10انهن کيس سڃاتو تہ هي اهو پينو فقير آهي، جيڪو هيڪل جي سهڻي دروازي وٽ ويٺو پنندو هو. تڏهن اهي سڀيئي هن کي ڏسي عجب ۽ حيرت ۾ پئجي ويا.
پطرس جو هيڪل ۾ پرچار ڪرڻ
11 جڏهن هو پطرس ۽ يوحنا کي چنبڙيو بيٺو هو تڏهن سڀيئي ماڻهو ڏاڍي حيرت وچان انهيءَ ورانڊي ڏانهن ڊوڙندا وٽن آيا، جنهن کي سليماني ورانڊو ڪري سڏيندا آهن. 12پطرس اهو حال ڏسي ماڻهن کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! هن ماڻهوءَ تي عجب ڇو ٿو لڳيوَ؟ اسان ڏانهن ائين ڇو ٿا نهاريو جو ڄڻ اسان هن کي پنهنجي شڪتيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني آهي؟ 13#خر 3:15 ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جي ايشور، هائو، اسان جي وڏن جي ايشور پنهنجي داس يسوع کي مهانتا بخشي. پر اوهان هن کي پڪڙايو ۽ کيس گورنر پلاطس جي درٻار ۾ رد ڪيو، جيتوڻيڪ پلاطس هن کي ڇڏي ڏيڻ جو ارادو ڪيو هو. 14#مت 27:15-23، مر 15:6-14، لو 23:13-23، يو 19:12-15 هو پوِتر ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جي وينتي ڪئي. 15اهڙيءَ طرح اوهان جيون جي مالڪ کي مارائي ڇڏيو. پر ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو ۽ اسين انهيءَ ڳالهہ جا شاهد آهيون. 16اها يسوع تي وشواس آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي شڪتي ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، يسوع جي نالي تي وشواس آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.
17اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو. 18ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو. 19تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ ايشور ڏانهن اچو تہ اوهان جا پاپ ميٽجي وڃن، 20انهيءَ لاءِ تہ پرميشور جي شرڻ مان تازگيءَ جا ڏينهن اچن ۽ هو اوهان لاءِ اڳي ئي مقرر ٿيل مسيح، يعني يسوع کي ٻيهر موڪلي. 21هو تيستائين ضرور آڪاش تي رهندو، جيستائين سڀني ڳالهين جي وري نئين سر ٿيڻ جا ڏينهن اچن، جن بابت ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي معرفت گھڻو اڳي چيو هو. 22#نيم 18:15،18 جيئن موسيٰ نيم ۾ چيو هو تہ ’پرڀو اوهان جو ايشور اوهان لاءِ اوهان مان مون جهڙو هڪ سنت موڪليندو. اهو جيڪي بہ ڳالهيون اوهان کي ٻڌائي سي سڀ ٻڌجو. 23#نيم 18:19 جيڪو بہ انهيءَ سنت جي نہ ٻڌندو، سو سندس قوم کان ڌار ڪري برباد ڪيو ويندو.‘ 24ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سموئيل کان وٺي جيڪي بہ سنت آيا، تن مان جن جن بہ اڳڪٿي ڪئي تن سڀني هنن ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. 25#پيد 22:18 اوهين انهن سنتن جا وارث ۽ انهيءَ ٻڌل وچن جا شريڪ آهيو جيڪو ايشور اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيو هو، جيئن هن ابرهام کي چيو تہ ’تنهنجي اولاد جي وسيلي سنسار جي سڀني قومن کي آسيس ملندي.‘ 26انهيءَ ڪري ايشور پنهنجي داس يسوع کي مخصوص ڪري پهريائين اسان يهودين ڏانهن موڪليو تہ جيئن هو اسان کي اها آسيس بخشي جو اسين سڀني بڇڙاين کان منهن موڙي ڇڏيون.“