YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 4

4
پطرس ۽ يوحنا جي گرفتاري
1پطرس ۽ يوحنا اڃا ماڻهن سان بيٺي ڳالهايو ئي پئي تہ هيڪل جي صوبيدار ۽ ڪاهنن سميت ڪي #4‏:1 صدوقي هي يهودين جو هڪ فرقو هو جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ صدوقي انهن تي چڙهي آيا. 2اهي اچي مٿن ڪاوڙيا، ڇاڪاڻ تہ هنن يسوع جو مثال ڏيئي ماڻهن کي سکيا پئي ڏني تہ مئلن کي وري جيوت ڪيو ويندو. 3سو هنن ٻنهي سنتن کي پڪڙيو، پر جيئن تہ سانجھي ٿي ويئي هئي، تنهنڪري ٻئي ڏينهن صبح تائين هنن کي جيل ۾ رهايو ويو. 4تنهن هوندي بہ سنديش ٻڌندڙن مان ڪيترن ئي يسوع تي وشواس آندو. اهڙيءَ طرح وشواسين جو تعداد اٽڪل پنج هزار ٿي ويو.
5 ٻئي ڏينهن تي نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ اڳواڻن جي يروشلم ۾ گڏجاڻي ٿي. 6انهن ۾ وڏو سردار ڪاهن حَنا ۽ هن سان گڏ ڪائفا، يوحنا، سڪندر ۽ ٻيا جيڪي سردار ڪاهن جا مٽ مائٽ هئا، سي شامل هئا. 7انهن پطرس ۽ يوحنا کي پنهنجي اڳيان بيهاري پڇيو تہ ”ڪنهن جي شڪتيءَ سان يا ڪنهن جي نالي تي اوهان اهو ڪم ڪيو آهي؟“ 8تنهن تي پطرس پوِتر آتما سان ڀرجي چوڻ لڳو تہ ”اي قوم جا اڳواڻو ۽ چڱا مڙ‌‌سؤ! 9جيڪڏهن اڄ اسان کان پڇا ٿي ٿئي تہ اسان معذور ماڻهوءَ سان ڇو چڱائي ڪئي ۽ هو ڪيئن چڱو ڀلو ٿيو، 10تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو يسوع مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان سوليءَ تي چاڙهيو ۽ ايشور کيس مئلن مان وري جيوت ڪيو. 11#زب 118‏:22 يسوع اهو آهي جنهن لاءِ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ
’جنهن پٿر کي اوهان رازن نيچ ٿي ڄاتو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘
12ڪنهن بہ ٻئي جي هٿ ۾ مڪتي نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي جنهن جي وسيلي اسان کي مڪتي ملي.“
13اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن. 14جيئن تہ اهو ماڻهو جيڪو چڱو ڀلو ٿيو هو سو بہ اتي انهن سنتن سان گڏ بيٺل هو، تنهنڪري اهي وڌيڪ ڪجھہ بہ چئي نہ سگھيا. 15تڏهن انهن کين گڏجاڻيءَ کان ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ 16”اسان هنن ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ ڇاڪاڻ تہ يروشلم جو هر هڪ ماڻهو ڄاڻي ٿو تہ هنن هڪ وڏو چمتڪار ڪيو آهي جنهن جو اسين انڪار ڪري نہ ٿا سگھون. 17پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ يسوع جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“
18پوءِ هنن پطرس ۽ يوحنا کي وري پاڻ وٽ سڏايو ۽ کين سختيءَ سان تاڪيد ڪندي چيائون تہ ”ڪنهن بہ صورت ۾ اوهين يسوع جي نالي نڪي ڪجھہ چئو ۽ نہ وري ڪا سکيا ڏيو.“ 19پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ ايشور جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا ايشور جو. 20اهو ناممڪن آهي تہ اسين اهي ڳالهيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آهن.“ 21تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا. 22جيڪو ماڻهو چمتڪار سان چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن جي عمر چاليهن سالن کان بہ مٿي هئي.
وشواسين جي همت لاءِ پرارٿنا
23جيئن ئي پطرس ۽ يوحنا آزاد ٿيا تہ هو موٽي پنهنجي ساٿين وٽ آيا ۽ جيڪي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن چيو هئن سو سڀ کين ٻڌايائون. 24#خر 20‏:11، نحم 9‏:6، زب 146‏:6 جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين. 25#زب 2‏:1‏-2 تو ئي پوِتر آتما جي وسيلي پنهنجي داس ۽ اسان جي وڏي دائود جي واتان چوايو هو تہ
’غير قومن ڇو گوڙ مچايو؟
ماڻهن ڇو اجايا خيال ڪيا؟
26ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا،
هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي
پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل
مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘
27 # مت 27‏:1‏-2، مر 15‏:1، لو 23‏:1‏،7‏-11، يو 18‏:28‏-29 اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران #4‏:27 هيروديس هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا. 28اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجي مرضيءَ موجب اڳي ئي مقرر ٿيل هو سو پورو ٿئي. 29هاڻي اي پرڀو! تون هنن جي دڙڪن تي نظر ڪر ۽ اسين، جيڪي تنهنجا داس آهيون تن کي اهڙي شڪتي ڏي تہ جيئن اسين بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي مسيح بابت تنهنجو سنديش ٻڌايون. 30تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پوِتر داس يسوع جي نالي تي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڏيکار.“ 31جڏهن انهن پرارٿنا پوري ڪئي تہ اها جاءِ ڌڏي ويئي جتي هو گڏ ٿيا هئا. اهي سڀيئي پوِتر آتما سان ڀرجي ويا ۽ مسيح بابت ايشور جو سنديش بي‌ڊپا ٿي ماڻهن کي ٻڌائڻ لڳا.
وشواسين جو پاڻ ۾ ايڪو
32 # سن 2‏:44‏-45 مسيح تي وشواس رکندڙ سڀيئي تن ۽ من سان گڏ هئا ۽ منجھائن ڪوبہ ائين نہ پيو چوي تہ ”هيءَ شيءِ منهنجي آهي،“ پر هو سڀني شين ۾ هڪجهڙا ڀائيوار هئا. 33خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت وڏي شڪتيءَ سان پرڀو يسوع جي وري جيوت ٿيڻ جي شاهدي ڏيندا هئا. انهن سڀني وشواسين تي ايشور جي ڏاڍي ڪرپا هئي 34۽ منجھن اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن کي ڪنهن شيءِ جي محتاجي هجي. انهيءَ ڪري جو جن ماڻهن کي ٻنيون يا گھر هئا سي اهي وڪڻي، پئسا آڻي 35سنتن جي قدمن ۾ رکندا هئا، جيڪي هر ڪنهن کي سندس گھرج آهر ڏنا ويندا هئا.
36يوسف نالي هڪ لاوي هو جنهن جو ديس قبرص هو، تنهن کي سنتن برنباس جو لقب ڏنو هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”همت‌افزائي ڪندڙ.“ 37انهيءَ وٽ ڪجھہ ٻني هئي، جيڪا هن وڪڻي ان جا پئسا آڻي سنتن جي قدمن ۾ رکيا.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 4: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in