YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 5

5
حننياہ ۽ سفيرہ
1ساڳيءَ طرح حننياہ نالي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پتنيءَ سفيرہ گڏجي پنهنجي ڪجھہ ملڪيت وڪي. 2پر حننياہ ڪجھہ پئسا پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيا، جنهن جي سندس پتنيءَ کي بہ سڌ هئي. باقي پئسا کڻي هن سنتن جي قدمن ۾ آڻي رکيا. 3تنهن تي پطرس چيس تہ ”اي حننياہ! ڇو شيطان تنهنجي دل ۾ اهڙو خيال وڌو، جو تو پوِتر آتما سان ڪوڙ ڳالهايو ۽ ٻنيءَ جي پئسن مان ڪجھہ پاڻ وٽ رکي ڇڏيئِہ؟ 4جيئن ٻني وڪڻڻ کان اڳ تنهنجي ئي ملڪيت هئي، تيئن اها وڪڻڻ کان پوءِ ان جا پئسا بہ تنهنجا ئي هئا. پوءِ تو ڇو دل ۾ اهڙو ڪم ڪرڻ جو خيال ڪيو؟ تو ماڻهن سان نہ پر ايشور سان ڪوڙ ڳالهايو آهي.“ 5حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو. 6تڏهن ڪي جوان ماڻهو اٿيا ۽ هن جو لاش ويڙهي ٻاهر کڻي ويا ۽ ان کي دفنائي ڇڏيائون.
7اٽڪل ٽن ڪلاڪن کان پوءِ هن جي پتني اندر آئي، پر کيس هن واقعي جي ڪابہ سڌ ڪانہ هئي. 8پطرس ان کي چيو تہ ”مون کي ٻڌاءِ تہ ڇا سڀ پئسا اهي ئي هئا جيڪي تو کي ۽ تنهنجي پتيءَ کي اوهان جي ملڪيت مان مليا هئا؟“ هن وراڻيس تہ ”هائو، اهي ئي پئسا مليا هئا.“ 9تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي پتيءَ گڏجي پرڀوءَ جي پوِتر آتما کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي پتيءَ کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“ 10انهيءَ دم هوءَ بہ سندس پيرن وٽ ڪري پيئي ۽ مري ويئي. جوان ماڻهو اندر آيا ۽ هن کي مئل ڏسي کيس ٻاهر کڻي ويا ۽ سندس پتيءَ جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائونس. 11وشواسين جي سڄي منڊليءَ ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.
چمتڪار ۽ ڪرامتون
12خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت ماڻهن ۾ ڪيترائي چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي وشواسي هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا. 13جيتوڻيڪ باقي ٻيا ماڻهو سندن ساراهہ تہ ڪندا هئا، تہ بہ انهن مان ڪنهن کي همت نہ ٿيندي هئي جو هو انهن سان وڃي شامل ٿين. 14تنهن هوندي بہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻيندڙ مردن توڙي نارين جو واڌارو ٿيندو ٿي ويو. 15سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي. 16ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.
سنتن کي ستائڻ
17پوءِ وڏو سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي جيڪي صدوقين جي مقامي پنٿ جا ماڻهو هئا، سي سنتن تي ڏاڍا ساڙ کائڻ لڳا. سو اهي سنتن خلاف اُٿي کڙا ٿيا 18۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون. 19پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ 20”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين جيون بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“ 21انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا.
هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن. 22پر جڏهن سپاهي اتي پهتا تہ انهن جيل ۾ سنتن کي نہ ڏٺو. سو اهي پئنچائت ڏانهن موٽي آيا ۽ ٻڌايائون تہ 23”جڏهن اسين اتي پهتاسون تہ اسان جيل کي چڱيءَ طرح تالو لڳل ڏٺو ۽ سڀ پهريدار دروازن تي پهرو ڏيئي رهيا هئا. پر جڏهن اسان دروازا کوليا تہ اسان کي اندر ڪوبہ ماڻهو ڏسڻ ۾ نہ آيو.“ 24جڏهن هيڪل جي صوبيدار ۽ سردار ڪاهنن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن وائڙا ٿي ويا. 25ايتري ۾ هڪ ماڻهو اندر آيو، جنهن اچي کين ٻڌايو تہ ”ڳالهہ ٻڌي اٿوَ! جن ماڻهن کي اوهان جيل ۾ وڌو هو، سي هيڪل ۾ بيٺا ماڻهن کي سکيا پيا ڏين.“ 26سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.
27هنن سنتن کي آڻي پئنچائت جي اڳيان بيهاريو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن کانئن پڇا ڳاڇا ڪندي 28#مت 27‏:25 کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي سکيا پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“ 29پطرس ۽ ٻين سنتن جواب ۾ چيو تہ ”اسان لاءِ ماڻهن جو نہ، پر ايشور جو چيو مڃڻ لازمي آهي. 30توڙي جو اوهان يسوع کي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻي ماري ڇڏيو هو، تڏهن بہ اسان جي ابن ڏاڏن جي ايشور کيس وري جيوت ڪيو. 31نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي. 32اسين انهن ڳالهين جا شاهد آهيون بلڪ پوِتر آتما بہ، جيڪا ايشور انهن کي ڏني آهي جيڪي سندس فرمانبردار آهن.“
33جڏهن پئنچائت جي ماڻهن اهو ٻڌو تہ اهي ايترا تہ ڪاوڙيا جو سنتن کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 34پر انهن مان گملي‌ايل نالي هڪڙو فريسي، جيڪو نيم شاستري ۽ سڀني ماڻهن ۾ مانوارو هو، سو پئنچائت جي اڳيان اُٿي بيٺو ۽ سنتن کي ٿوري وقت لاءِ ٻاهر وٺي وڃڻ جو حڪم ڏنائين. 35پوءِ هن پئنچائت کي چيو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين هنن سان جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سوچي سمجھي ڪريو. 36ڪجھہ عرصو اڳي ٿيوداس نالي هڪڙو شخص ظاهر ٿيو هو، جنهن دعويٰ ڪئي هئي تہ هو هڪ وڏي هستي آهي. اٽڪل چار سؤ ماڻهو سندس پوئلڳ بہ بڻيا. پر جڏهن هو ماريو ويو تہ سندس سڀ پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ سندن سرگرميون مٽيءَ ۾ ملي ويون. 37ان کان پوءِ آدمشماريءَ جي ڏينهن ۾ يهوداہ گليلي ظاهر ٿيو ۽ هن ڪيترائي ماڻهو پنهنجا پوئلڳ بڻايا، سو بہ چٽ ٿي ويو ۽ سندس سڀيئي پوئلڳ ڇڙوڇڙ ٿي ويا. 38سو هاڻي آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ هنن ماڻهن جي خلاف ڪوبہ قدم نہ کڻو ۽ کين ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هنن جو مقصد ۽ ڪم ماڻهن جو ٺهيل هوندو تہ اهو پاڻيهي ختم ٿي ويندو. 39پر جيڪڏهن اهو ايشور جي طرفان آهي تہ پوءِ اوهين انهن ماڻهن تي حاوي ٿي نہ سگھندا، پر اٽلندو اوهين ايشور جي مخالفت ڪندا.“
يهودي پئنچائت گملي‌ايل جي صلاح قبول ڪئي. 40تنهن هوندي بہ هنن سنتن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري يسوع جي نالي تي سکيا نہ ڏين. 41سنت پئنچائت مان خوشيون ڪندي نڪتا، ڇاڪاڻ تہ ايشور کين انهيءَ لائق بڻايو تہ يسوع جي نالي جي ڪري سندن #5‏:41 اپمان هي لفظ ”مانُ“ جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”بي‌عزتي“ لکيو ويو آهي.اپمان ٿيو. 42اهي روزانو هيڪل ۾ ۽ ماڻهن جي گھرن ۾ سکيا ڏيندا ۽ هن خوشخبريءَ جو پرچار ڪندا رهيا تہ يسوع ئي مسيح آهي.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 5: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in