YouVersion Logo
Search Icon

سنتن جا ڪم 6

6
ستن سيوادارين جو چونڊجڻ
1ٿورن ڏينهن کان پوءِ جيئن ئي مسيح تي وشواس آڻيندڙن جو تعداد وڌندو ويو تہ انهن مان يوناني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي عبراني ٻولي ڳالهائيندڙ يهودين جي خلاف ڪُرڪندي شڪايت ڪرڻ لڳا تہ هنن جي وڌوائن کي روزانو کاڌي ورهائڻ وقت گھٽ ڏنو ٿو وڃي. 2تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون. 3تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست لائق ماڻهو چونڊيو، جيڪي پوِتر آتما ۽ سياڻپ سان ڀريل هجن. اسين انهن کي کاڌي ورهائڻ واري ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين. 4پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت پرارٿنا ۽ پرچار جي ڪم ۾ گذارينداسين.“ 5سنتن جي صلاح تي وشواسين جي سڄي منڊلي خوش ٿي. سو انهيءَ منڊليءَ هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو وشواس ۽ پوِتر آتما سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤ‌س جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيو. 6منڊليءَ وارن انهن کي سنتن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن پرارٿنا ڪئي ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.
7اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.
استيفنس سيوادار جي گرفتاري
8استيفنس ايشور جي ڪرپا ۽ شڪتيءَ سان ڀرجي ماڻهن ۾ ڪيترائي وڏا چمتڪار ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو. 9پر ڪي ماڻهو سندس مخالفت ۾ بحث ڪرڻ لڳا، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻهو“ نالي يهودين جي هڪ ڀڳتيءَ واري جاءِ جا رڪن هئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا هئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ آسيا صوبن جا هئا. 10پر پوِتر آتما استيفنس کي اهڙي سياڻپ ڏني جو جڏهن هن ڳالهايو تہ اهي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا. 11تنهن تي هنن ڪن ماڻهن کي ڀڙڪايو تہ اهي چون تہ ”اسان هن کي موسيٰ ۽ ايشور جي خلاف نندا واريون ڳالهيون ڪندي ٻڌو آهي.“ 12اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون. 13پوءِ اهي ڪن اهڙن ماڻهن کي اندر وٺي آيا، جيڪي هن جي مٿان ڪوڙي شاهدي ڏين. انهن ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو هميشہ اسان جي پوِتر هيڪل ۽ #6‏:13 موسيٰ جي نيم هن مان مراد اهو شاستر آهي، جيڪو موسيٰ جي معرفت مليل ايشور جو نيم سڏيو وڃي ٿو.موسيٰ جي نيم جي خلاف ڳالهائيندو آهي. 14اسان کيس هي چوندي ٻڌو آهي تہ يسوع ناصري هيڪل کي ڊاهي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آهي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“ 15تڏهن جيڪي پئنچائت ۾ ويٺا هئا تن استيفنس ڏانهن چتائي نهاريو تہ کين سندس منهن دوت جهڙو ڏسڻ ۾ آيو.

Currently Selected:

سنتن جا ڪم 6: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in