7
استيفنس جي تقرير
1تڏهن وڏي سردار ڪاهن استيفنس کان پڇيو تہ ”ڇا اهو سچ آهي؟“ 2#پيد 12:1 تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! منهنجي ٻڌو. وڏي مهانتا وارو ايشور اسان جي وڏي ابرهام تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو #7:2 مسوپتاميہ ان دور ۾ هي علائقو موجودہ شام ۽ عراق ملڪن جي ڪن حصن تي مشتمل هو.مسوپتاميہ ۾ رهندو هو. 3ايشور کيس چيو تہ ’پنهنجا مٽ مائٽ ۽ ديس ڇڏي انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃ جيڪو آءٌ تو کي ڏيکاريندس.‘ 4#پيد 11:31، 12:4 تنهنڪري هو ڪسدين جي ملڪ کي ڇڏي وڃي حاران ۾ رهڻ لڳو. جڏهن سندس پتا مري ويو تڏهن ايشور کيس هن ملڪ ۾ وٺي آيو، جتي اڄ تائين اوهين رهندا ٿا اچو. 5#پيد 12:7، 13:15، 15:18، 17:8 ايشور ابرهام کي #7:5 هن ملڪ ۾ هن مان مراد فلستين علائقو آهي. اهو سڄو علائقو ابرهام جي دور ۾ ڪنعان سڏيو ويندو هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فلستين علائقو.“ هن ملڪ ۾ زمين جو هڪ ٽڪرو بہ ميراث طور نہ ڏنو، بلڪ هڪ انچ بہ نہ. پر ايشور ساڻس وچن ڪيو تہ ’اهو ملڪ تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي ڏيندس تہ جيئن تنهنجي ملڪيت ٿئي،‘ جيتوڻيڪ کيس ڪوبہ اولاد ڪونہ هو. 6#پيد 15:13-14 ايشور وڌيڪ چيس تہ ’تنهنجو اولاد هڪڙي ڌارئي ملڪ ۾ وڃي پرديسي ٿي رهندو، جتي اهي چار سؤ سالن تائين غلاميءَ ۾ گذاريندا ۽ انهن سان ماڻهو خراب هلت هلندا.‘ 7#خر 3:12 ايشور هيئن بہ چيس تہ ’جنهن قوم جي غلاميءَ ۾ هو رهندا، تنهن جي خلاف آءٌ فيصلو جاري ڪندس. تنهن کان پوءِ هو اتان نڪري اچي هن ئي هنڌ منهنجي ڀڳتي ڪندا.‘ 8#پيد 17:10-14، 21:2-4، 25:26، 29:31–35:18 پوءِ ايشور ابرهام لاءِ ختني کي انهيءَ ٻڌل وچن جي نشانيءَ طور مقرر ڪيو. تنهنڪري ابرهام پنهنجي پٽ اضحاق جو سندس جنم کان اٺين ڏينهن تي ختنو ڪرايو. اضحاق مان يعقوب ۽ يعقوب مان ٻارهن پٽ پيدا ٿيا، جيڪي ٻارهن قبيلن جا وڏا ٿيا، تن سڀني جو بہ ختنو ڪرايو ويو.
9 #
پيد 37:11،28، 39:2،21 سڀيئي ڀائر پنهنجي هڪ ڀاءُ يوسف تي ساڙ کائڻ لڳا ۽ کيس انهن ماڻهن وٽ وڪيائون، جيڪي هن کي غلام ڪري مصر ڏانهن وٺي ويا. پر ايشور هن ساڻ هو 10#پيد 41:39-41 ۽ کيس سڀني مصيبتن مان شانتيءَ سان پار ڪيائين. ايشور کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي راجا جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو. 11#پيد 42:1-2 تنهن کان پوءِ پوري مصر ۽ ڪنعان ۾ اچي ڏڪار پيو، جنهن ڪري ڏاڍي مصيبت پيدا ٿي. اسان جي وڏن کي ڪوبہ کاڌو ملي نہ ٿي سگھيو. 12پر جڏهن يعقوب ٻڌو تہ مصر ۾ اناج آهي تڏهن هن پنهنجي پٽن يعني اسان جي وڏن کي پهريون دفعو اوڏانهن موڪليو. 13#پيد 45:1،16 ٻئي دفعي يوسف پنهنجي ڀائرن کي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. تڏهن فرعون کي بہ يوسف جي ڪٽنب جي سڌ پئجي ويئي. 14#پيد 45:9-10،17-18، 46:27 پوءِ يوسف پنهنجي پتا يعقوب ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي پاڻ وٽ گھرايو. اهي جملي پنجهتر ڄڻا هئا. 15#پيد 46:1-7، 49:33 پوءِ يعقوب مصر ڏانهن ويو، جتي هو ۽ اسان جا وڏا مري ويا. 16#پيد 23:3-16، 33:19، 50:7-13، يش 24:32 انهن جا لاش کڻي وڃي شڪم جي انهيءَ قبرستان ۾ دفن ڪيائون، جيڪو ابرهام شڪم ۾ حمور جي پٽن کان خريد ڪيو هو.
17 #
خر 1:7-8
سو جڏهن ابرهام سان ايشور جي ڪيل وچن جو مدو پورو ٿيڻ تي آيو ۽ مصر ۾ اسان جي ماڻهن جو تعداد گھڻو وڌندو ٿي ويو 18تڏهن هڪڙو ٻيو #7:18 فرعون مصر جي راجائن کي فرعون سڏيو ويندو هو.فرعون مصر ۾ حڪومت ڪرڻ لڳو، جيڪو يوسف کي نہ سڃاڻيندو هو. 19#خر 1:10-11،22 فرعون اسان جي قوم سان چالاڪي ڪري اسان جي ابن ڏاڏن سان تمام گھڻا ظلم ڪيا. هن کين ان ڳالهہ تي مجبور ڪيو تہ هو پنهنجن ٻارڙن کي گھر کان ٻاهر ڇڏي ڏين، تہ جيئن اهي مري وڃن. 20#خر 2:2 انهيءَ ئي وقت موسيٰ جو جنم ٿيو، جيڪو ڏاڍو سهڻو هو. هو ٽي مهينا ماتا پتا جي گھر ۾ پليو. 21#خر 2:3-10 پوءِ جڏهن ماتا پتا کي اهو ٻار گھر کان ٻاهر ڇڏڻو پيو تہ فرعون جي ڌيءَ کيس کڻي ورتو ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس. 22هن کي مصرين جي سڄي ڏاهپ جي سکيا ڏني ويئي ۽ کيس ڳالهائڻ توڙي ڪم ڪرڻ ۾ وڏي قابليت حاصل ٿي.
23 #
خر 2:11-15
جڏهن موسيٰ چاليهن سالن جو ٿيو تہ هن ارادو ڪيو تہ ’آءٌ وڃي پنهنجي بني اسرائيل قوم وارن کي ڏسان.‘ 24هن وڃي ڏٺو تہ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ سان ڪو مصري ظلم پيو ڪري. تنهنڪري موسيٰ انهيءَ جي مدد ڪرڻ ويو ۽ سندس بدلو وٺندي انهيءَ مصريءَ کي ماري وڌائين. 25موسيٰ سوچيو هو تہ ’منهنجي قوم وارا سمجھندا تہ ايشور منهنجي وسيلي کين ظلم کان ڇڏائيندو،‘ پر هنن نہ سمجھيو. 26ٻئي ڏينهن هن بني اسرائيل جي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو ۽ انهن ۾ ٺاهہ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي چيائين تہ ’اوهين پاڻ ۾ ڀائر آهيو، سو ڇو ٿا هڪٻئي سان وڙهو؟‘ 27پر جيڪو ظلم ڪري رهيو هو تنهن موسيٰ کي ڌِڪو ڏنو ۽ چيائينس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟ 28تون مون کي بہ ماريندين ڇا، جيئن تو ڪالهہ هڪ مصريءَ کي ماريو هو؟‘ 29#خر 18:3-4 اهو ٻڌي موسيٰ وٺي ڀڳو ۽ مديان جي ملڪ ۾ وڃي اجنبي ٿي رهيو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.
30 #
خر 3:1-10
چاليهہ سال گذرڻ کان پوءِ سينا جبل جي ويجھو بيابان ۾ ٻرندڙ ٻوڙي مان هڪڙي دوت هن کي درشن ڏنو. 31موسيٰ هي عجيب نظارو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ جڏهن چڱيءَ طرح ڏسڻ لاءِ هو ان جي ويجھو ويو، تڏهن هن پرميشور جو آواز ٻڌو تہ 32’آءٌ تنهنجي ابن ڏاڏن جو ايشور، يعني ابرهام، اضحاق ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ تنهن تي موسيٰ ڏڪي ويو ۽ ان کي ڏسڻ جي همت نہ ٿيس. 33پرڀوءَ هن کي وڌيڪ چيو تہ ’پنهنجي جتي لاهہ، ڇاڪاڻ تہ جنهن جاءِ تي تون بيٺو آهين سا هڪ پوِتر زمين آهي. 34بيشڪ مون پنهنجي قوم سان مصر ۾ ظلم ٿيندي ڏٺو آهي، مون انهن جي دانهن ٻڌي آهي ۽ کين بچائڻ لاءِ لهي آيو آهيان. هاڻي اچ تہ آءٌ تو کي مصر ڏانهن موڪليان.‘
35 #
خر 2:14
اهو ئي موسيٰ جنهن کي بني اسرائيل قبول نہ ڪيو، بلڪ چيائونس تہ ’ڪنهن تو کي اسان تي حاڪم ۽ جج مقرر ڪيو آهي؟‘ تنهن کي ئي ايشور حاڪم ۽ بچائيندڙ بڻائي انهيءَ دوت جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻرندڙ ٻوڙي ۾ درشن ڏنو هو. 36#خر 7:3، 14:21، ڳا 14:33 هي اهو ئي شخص آهي جنهن کين اتان ڪڍيو ۽ مصر ۾، ڳاڙهي سمنڊ وٽ ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ عجب جهڙا ڪم ۽ چمتڪار ڏيکاريندو رهيو. 37#نيم 18:15،18 هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘ 38#خر 19:1–20:17، نيم 5:1-33 هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.
39پر اسان جي ابن ڏاڏن هن جي چئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. انهن کيس ڌڪاري ڇڏيو ۽ سندن دلين مصر ڏانهن لاڙو رکيو. 40#خر 32:1 انهن #7:40 هارون هارون موسيٰ جو وڏو ڀاءُ هو جنهن کي سردار ڪاهن بہ مقرر ڪيو ويو هو.هارون کي چيو تہ ’اسان لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جيڪي اسان جي اڳيان اڳيان هلن، ڇو تہ جنهن موسيٰ اسان کي مصر مان ڪڍي آندو هو تنهن جي سڌ ئي نہ آهي تہ ساڻس ڇا ٿيو.‘ 41#خر 32:2-6 انهن ئي ڏينهن ۾ هنن هڪڙو بت ٺاهيو، جيڪو گابي جي شڪل جهڙو هو ۽ انهيءَ بت تي ٻليدان ڏنائون. هو پنهنجن هٿن سان ٺهيل بت کي ڏسي خوشيون ڪرڻ لڳا. 42#عا 5:25-27 تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ
’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ
بيابان ۾ چاليهن سالن تائين
جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟
ڪڏهن بہ نہ.
43پر اوهان مولڪ ديوتا جو خيمو،
۽ رفان ديوتا جي ستاري جي مورتي پاڻ سان کنيو پئي وتيا،
جيڪي اوهان پوجا ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا.
هاڻي آءٌ اوهان کي بابل کان بہ پري ڪڍي ڇڏيندس.‘
44 #
خر 25:9،40 اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ ايشور سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن ايشور موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو. 45#يش 3:14-17 اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي #7:45 يشوع موسيٰ جي مري وڃڻ کان پوءِ يشوع بني اسرائيل جي اڳواڻي ڪئي.يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن #7:45 قومن جي ملڪ يعني ڪنعان.قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي ايشور سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو پوِتر خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو. 46#2.سم 7:1-16، 1.توا 17:1-14 دائود ايشور وٽ قبول پيو هو ۽ هن وينتي ڪئي هئس تہ يعقوب جي ايشور لاءِ کيس گھر اڏڻ جي آگيا ملي. 47#1.راج 6:1-38، 2.توا 3:1-17 پر ايشور جي گھر جي اڏاوت دائود جي پٽ سليمان جي هٿان ئي ٿي.
48-49 #
يس 66:1
تنهن هوندي بہ مهان ايشور هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمائي ٿو تہ
’آڪاش منهنجو تخت آهي
۽ ڌرتي منهنجي پيرن جي صندلي آهي.
سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا،
يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟
50 #
يس 66:2
اهي سڀ شيون ڇا منهنجيون ئي ٺاهيل نہ آهن؟‘“
51 #
يس 63:10
استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو. 52ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو ڪهڙو سنت هو جنهن کي اوهان جي ابن ڏاڏن نہ ستايو؟ هنن انهن کي بہ مارايو، جن انهيءَ سچار بندي جي اچڻ جي اڳواٽ خبر ڏني ۽ هاڻي اوهان پاڻ انهيءَ سان دغابازي ڪري کيس مارايو آهي. 53اوهين اهي آهيو جن کي دوتن جي معرفت نيم مليو، پر اوهان ان تي عمل نہ ڪيو.“
استيفنس کي سنگسار ڪرڻ
54جيئن ئي يهودي پئنچائت جي ماڻهن استيفنس جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تہ اهي دل ۾ سڙي ويا ۽ ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجا ڏند ڪرٽڻ لڳا. 55پر استيفنس پوِتر آتما سان ڀرجي آڪاش ڏانهن نهاريو تہ ايشور جي جوت نظر آيس ۽ يسوع کي ايشور جي ساڄي پاسي بيٺل ڏٺائين. 56تڏهن هن چيو تہ ”ڏسو، مون کي آڪاش کُليل نظر ٿو اچي ۽ منشپتر ايشور جي ساڄي پاسي بيٺو آهي.“ 57پر هنن وٺي زور سان واڪا ڪيا، پنهنجا ڪن کڻي بند ڪيائون ۽ گڏجي استيفنس تي حملو ڪيائون. 58هو کيس شهر مان ٻاهر ڪڍي سنگسار ڪرڻ لڳا. استيفنس مٿان شاهدي ڏيندڙن پنهنجا ڪپڙا لاهي سائول نالي هڪڙي نوجوان وٽ رکيا. 59پوءِ جيئن انهن استيفنس تي پٿر پئي وسايا تہ هن پڪاريندي چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! منهنجي آتما قبول ڪر.“ 60پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.