YouVersion Logo
Search Icon

يوحنا 14

14
يسوع مسيح، پتا ڏانهن وڃڻ جو رستو
1پوءِ يسوع چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو. ايشور تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو. 2منهنجي پتا جي گھر ۾ ڪيتريون ئي ڪوٺيون آهن. آءٌ اوهان جي خاطر جاءِ تيار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. جيڪڏهن ائين نہ هجي ها تہ آءٌ اوهان کي نہ ٻڌايان ها. 3جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو. 4جيڏانهن آءٌ وڃي رهيو آهيان، انهيءَ رستي جي اوهان کي سڌ آهي.“ 5تنهن تي توما کيس چيو تہ ”اي پرڀو! اسان کي سڌ ئي نہ آهي تہ اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو. پوءِ اسان کي انهيءَ رستي جي سڌ ڪيئن پوندي؟“ 6يسوع کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ جيون آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پتا تائين پهچي نہ ٿو سگھي. 7جيڪڏهن اوهين مون کي ڄاڻو ٿا تہ منهنجي پتا کي بہ ڄاڻيندا. هائو، هن گھڙيءَ کان وٺي اوهين کيس ڄاڻو ٿا ۽ اوهان کيس ڏٺو بہ آهي.“
8تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي پرڀو! اسان کي پتا ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“ 9يسوع چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پتا کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پتا ڏيکاريو‘؟ 10ڇا تو کي يقين نہ آهي تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي؟ جيڪي ڳالهيون آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو سي پنهنجي طرفان نہ، پر پتا جي طرفان ٿو ٻڌايان. هائو، پتا، جيڪو مون ۾ رهي ٿو سو پنهنجا ڪم پاڻ ڪري ٿو. 11مون تي يقين ڪريو تہ آءٌ پتا ۾ آهيان ۽ پتا مون ۾ آهي. جيڪڏهن ائين يقين نہ ٿا ڪريو تہ هي ڪم جيڪي آءٌ ڪري رهيو آهيان، تن جي ڪري ئي يقين ڪريو. 12آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي وشواس رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، 13تنهنڪري اوهين منهنجي نالي تي جيڪي بہ گھرندا سو آءٌ ڏيندس، تہ جيئن پتا جي جوت پٽ جي معرفت ظاهر ٿئي. 14هائو، اوهين منهنجي نالي تي مون کان جيڪي بہ چاهيندا سو آءٌ ڪندس.“
پوِتر آتما ڏيارڻ جو وچن
15”جيڪڏهن اوهين سچ پچ مون سان پيار ڪريو ٿا تہ منهنجي حڪمن تي بہ عمل ڪندا. 16آءٌ پتا کي وينتي ڪندس تہ هو اوهان کي هڪ ٻيو مددگار ڏيندو، جيڪو هميشہ تائين اوهان سان رهندو. 17اهو مددگار سچ جي آتما آهي جنهن کي سنسار حاصل ڪري نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهو نہ کيس ڏسي ٿو، نہ وري ڄاڻي ٿو. پر اوهين کيس ڄاڻو ٿا، ڇاڪاڻ تہ هو اوهان سان گڏ رهي ٿو ۽ اوهان ۾ رهندو.
18آءٌ ويندس تہ سهي، پر اوهان کي يتيم ڪري نہ ڇڏي ويندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان وٽ موٽي ايندس. 19ٿوري وقت کان پوءِ سنسار مون کي وري نہ ڏسندو، پر اوهين مون کي ڏسندا. جيئن تہ آءٌ جيوت آهيان تنهنڪري اوهين بہ جيوت هوندا. 20جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ پنهنجي پتا ۾ آهيان، اوهين مون ۾ آهيو ۽ آءٌ اوهان ۾ آهيان.
21جنهن کي منهنجي حڪمن جي ڄاڻ آهي ۽ انهن تي عمل ڪري ٿو سو ئي مون سان پيار ڪري ٿو. جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو، تنهن سان منهنجو پتا پيار ڪندو ۽ آءٌ بہ انهيءَ سان پيار ڪندس ۽ پنهنجو پاڻ کي مٿس ظاهر ڪندس.“ 22تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر سنسار تي نہ؟“ 23تنهن تي يسوع کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو ۽ منهنجو پتا هن سان پيار ڪندو. آءٌ ۽ منهنجو پتا هن وٽ اچي ساڻس گڏجي رهنداسون. 24جيڪو مون سان پيار نہ ٿو ڪري سو منهنجي ڳالهين تي عمل نہ ٿو ڪري. جڏهن تہ اهي ڳالهيون جيڪي اوهان ٻڌيون آهن، سي منهنجيون نہ پر پتا جون آهن، جنهن مون کي موڪليو آهي.
25اهي ڳالهيون مون اوهان سان رهي اوهان کي ٻڌايون آهن. 26پر پوءِ هڪ مددگار يعني پوِتر آتما، جيڪا پتا منهنجي نالي سان موڪليندو، سا اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندي، بلڪ اهي ڳالهيون بہ ياد ڏياريندي، جيڪي مون اوهان کي چيون آهن. 27آءٌ اوهان کي شانتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي سنسار ڏئي ٿو، بلڪ پنهنجي شانتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو. 28اوهان مون کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ وڃي رهيو آهيان پر اوهان وٽ موٽي ايندس.‘ جيڪڏهن اوهان جو مون سان پيار هجي ها تہ جيڪر خوش ٿيو ها جو آءٌ پتا وٽ وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ تہ پتا مون کان وڏو آهي. 29هن ڳالهہ جي ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي مون اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن ائين ٿئي تڏهن اوهين مون تي وشواس آڻيو. 30هن کان پوءِ آءٌ اوهان سان گھڻو نہ ڳالهائيندس، ڇاڪاڻ تہ #14‏:30 هن سنسار جو سردار يعني شيطان.هن سنسار جو سردار اچي رهيو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو نہ آهي تہ هن جو مون تي ڪو اختيار آهي. 31پر اهو انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن سنسار ڄاڻي وٺي تہ آءٌ پتا سان پيار ڪريان ٿو ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪريان ٿو جنهن جو پتا مون کي حڪم ڏنو آهي.
هاڻي اٿو تہ هتان هلون.“

Currently Selected:

يوحنا 14: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in