YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 1

1
منڍ
1شري ٿئوفلس!
ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن. 2جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جو پرچار پڻ ڪيائون. 3تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي. 4آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي سکيا ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي.
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي جنم بابت اڳڪٿي
5 # 1.توا 24‏:10 يهوديہ جي راجا #1‏:5 هيروديس تفصيل لاءِ ڏسو متي 2‏:1 ۾ ڏنل سمجھاڻي.هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ منڊليءَ ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس پتني بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو. 6هو ٻئي ايشور جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا. 7انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي پتي پتني پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.
8 هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي ايشور جي شرڻ ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو، 9تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي پوِتر جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي پرارٿنا پئي ڪئي. 11تڏهن زڪرياہ کي پرميشور جو هڪڙو دوت لوبان ٻارڻ واري لوبان‌دانيءَ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو. 12زڪرياہ هن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ کيس دهشت وٺي ويئي. 13تنهن تي پرميشور جي دوت چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي پرارٿنا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي پتني اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يوحنا رکج. 14تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي جنم تي خوش ٿيندا. 15#ڳا 6‏:3 پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو. 16هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي پرڀوءَ سندن ايشور ڏانهن ڦيرائيندو. 17#ملا 4‏:5‏-6 هو پرڀوءَ جي اچڻ لاءِ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جهڙي آتما ۽ شڪتيءَ سان سيوا ڪندو، تہ جيئن هر ماتا پتا جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي پرڀوءَ لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“
18تڏهن زڪرياہ دوت کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي پتني بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“ 19#دان 8‏:16، 9‏:21 تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان. 20پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“
21هوڏانهن ٻاهر ماڻهو ڏاڍي انتظار ۾ هئا ۽ حيران هئا تہ زڪرياہ پوِتر جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آهي. 22جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي سڌ پئجي ويئي تہ هن کي پوِتر جاءِ ۾ ڪو درشن ڏنو ويو آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو. 23پوءِ جڏهن هيڪل ۾ زڪرياہ جي سيوا جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن هليو ويو.
24انهن ڏينهن کان پوءِ سندس پتني اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ 25”پرميشور مون تي ڪيڏي نہ ڪرپا ڪئي آهي. هاڻي هن مون تي ڪرپا جي نظر ڪري ماڻهن جي مهڻن کان منهنجي جند ڇڏائي آهي.“
يسوع مسيح جي جنم بابت اڳڪٿي
26 اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني ايشور جبرائيل دوت کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو. 27#مت 1‏:18 هو مريم نالي هڪ ڪنواريءَ ڪنيا وٽ آيو، جيڪا راجا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي. 28جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”نمسڪار آ تو تي، جو ايشور تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي.“ 29مريم دوت جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي. 30تڏهن دوت چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ ايشور تو تي ديالو آهي. 31#مت 1‏:21 ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو يسوع رکج. 32#2.سم 7‏:12‏،13‏،16، يس 9‏:7 هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ پرميشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو. 33هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ راڄ ڪندو. هائو، سندس راڄ جو ڪڏهن بہ انت نہ ٿيندو.“
34تنهن تي مريم دوت کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 35دوت وراڻيس تہ ”پوِتر آتما تو تي پرگھٽ ٿيندي. هائو، پرميشور جي شڪتي تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پوِتر ٻار ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. 36ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي. 37#پيد 18‏:14 بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا ايشور جي شڪتيءَ کان ٻاهر هجي.“
38تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ پرميشور جي داسي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ دوت وٽانئس هليو ويو.
مريم جي اليشبع سان ملاقات
39تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي. 40اتي هوءَ زڪرياہ جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي نمسڪار ڪيائين. 41جيئن ئي اليشبع مريم جو نمسڪار ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پوِتر آتما سان ڀرجي 42وڏي واڪي مريم کي چوڻ لڳي تہ ”تون نارين ۾ سڀاڳي آهين ۽ سڀاڳو آهي اهو ٻار جنهن کي تون جنم ڏيندينءَ. 43مون تي اهڙي ڪرپا ڪيئن ٿي جو منهنجي پرڀوءَ جي ماتا مون وٽ هلي آئي آهي. 44ڏس، جيئن ئي تنهنجي نمسڪار جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تہ ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. 45تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون پرميشور جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“
مريم جو ايشور جي مهما ڪرڻ
46 # 1.سم 2‏:1‏-10 مريم چيو تہ
”منهنجي دل پرميشور جي مهما ڪري ٿي.
47هائو، آءٌ پنهنجي ايشور کان خوش آهيان،
جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.
48 # 1.سم 1‏:11 بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس داسيءَ تي
پنهنجي ڪرپا جي نظر ڪئي آهي.
سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون
مون کي سڀاڳي سڏينديون،
49ڇاڪاڻ تہ شڪتيوان مون لاءِ مهان ڪم ڪيا آهن.
هن جو نالو پوِتر آهي.
50هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي ديا ڪري ٿو،
جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.
51هن پنهنجي ٻانهُن جو ٻل ڏيکاريو آهي،
۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ وڏائي ٿا ڪن،
تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.
52 # ايو 5‏:11، 12‏:19 هن ٻلوانن کي تخت تان ڪيرايو آهي،
۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.
53هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي،
۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.
54‏-55 # پيد 17‏:7 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل وچن پورو ڪيو آهي.
هائو، ابرهام ۽ سندس اولاد جي سار لهندي
هن پنهنجي داس يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي،
تہ جيئن انهن تي هميشہ ديا ڪري.“
56مريم اٽڪل ٽي مهينا اليشبع سان گڏ رهي ۽ پوءِ پنهنجي گھر موٽي ويئي.
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو جنم
57هاڻي اليشبع جي ويم ڪرڻ جو وقت اچي پهتو ۽ کيس پٽ ڄائو. 58هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ پرميشور اليشبع تي وڏي ڪرپا ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. 59#لاو 12‏:3 جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي ختني جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پتا جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي. 60پر هن جي ماتا چين تہ ”نہ، هن کي يوحنا جي نالي سان سڏيو وڃي.“ 61تنهن تي انهن چيس تہ ”اهڙي نالي سان تہ اوهان جو ڪوبہ مائٽ نہ آهي.“ 62پوءِ هنن سندس پتا کان اشارن سان پڇيو تہ هو ٻارڙي جو ڪهڙو نالو رکڻ گھري ٿو. 63تڏهن زڪرياہ انهن کان تختي گھرائي انهيءَ تي لکيو تہ ”هن جو نالو يوحنا آهي.“ تنهن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. 64انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳو. 65تڏهن سندن آس‌پاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون. 66جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ مهان ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي پرميشور جو هٿ آهي.
زڪرياہ جي اڳڪٿي
67يوحنا جو پتا زڪرياہ پوِتر آتما سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ
68”پرڀوءَ، بني اسرائيل جي ايشور کي مهما جڳائي،
ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ
مٿس ڪرپا جي نظر ڪئي آهي.
69هائو، هن پنهنجي داس راجا دائود جي گھراڻي مان
اسان لاءِ هڪ ٻلوان بچائيندڙ موڪليو آهي،
70جنهن جو هن پنهنجي سنديش ڏيندڙ پوِتر سنتن جي وسيلي
وچن ڪيو هو،
جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.
71اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ ايشور اسان کي دشمنن کان بچائي.
هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي،
جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.
72هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل وچن موجب،
اسان تي ديا ڪندي پنهنجو ٻڌل پوِتر وچن پورو ڪيو آهي.
73هائو، هن پنهنجو اهو وچن پورو ڪيو آهي،
جيڪو اسان جي ڏاڏي ابرهام سان قسم کڻي ڪيو هئائين،
74تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو،
تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس ڀڳتي ڪريون،
75۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي جيون جا ڏينهن
پوِتر ۽ نيڪ ٿي گذاريون.
76 # ملا 3‏:1 هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا!
تون پرميشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين،
۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان
هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،
77۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين،
تہ پنهنجن پاپن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي
اهي مڪتي حاصل ڪري سگھن ٿا.
78بيشڪ اسان جو ايشور وڏو ديالو آهي.
هو آڪاش واري صبح جي روشني
اسان تي پرگھٽ ڪندو،
79 # يس 9‏:2 جيڪا شانتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ
اسان سڀني تي چمڪندي،
جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“
80اهو ٻار يوحنا شرير توڙي آتما ۾ وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.

Currently Selected:

لوقا 1: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in