YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 2

2
يسوع مسيح جو جنم
(متي 1‏:18‏-25)
1يوحنا جي پيدائش وارن ڏينهن ۾ قيصر اوگوستس هڪڙو حڪم‌نامو جاري ڪيو تہ سڄي رومي حڪومت جي آدمشماري ڪئي وڃي. 2اها پهرين آدمشماري هئي جيڪا شام صوبي جي گورنر ڪورنيس جي ڏينهن ۾ ٿي. 3تنهنڪري هر ڪو پنهنجي پنهنجي شهر ۾ پنهنجو نالو لکائڻ ويو. 4جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو، 5انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي مڱينديءَ مريم سان گڏ نالو لکائي، جيڪا پيٽ سان هئي. 6جڏهن هو بيت‌لحم ۾ هئا تہ مريم جي ٻار ڄڻڻ جو وقت اچي ويو. 7هن پنهنجي پهريتي پٽ کي جنم ڏنو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.
ريڍار ۽ دوت
8 انهيءَ ئي علائقي ۾ ڪن ريڍارن رات جو ٻنين ۾ رهي پنهنجن ڌڻن جي سنڀال پئي ڪئي، 9تہ ڇا ڏسن تہ پرميشور جو هڪڙو دوت انهن وٽ اچي بيٺو ۽ پرميشور جي جوت سندن چوڌاري چمڪڻ لڳي، جنهن ڪري هو ڏاڍا ڊڄي ويا. 10تنهن تي دوت چين تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان لاءِ هڪ وڏي خوشخبري آندي آهي، جيڪا سڄي قوم لاءِ هوندي. 11ٻڌو، اڄ دائود جي ڳوٺ ۾ اوهان لاءِ هڪڙو مڪتي ڏيڻ وارو ڄائو آهي، جيڪو مسيح ۽ پرڀو آهي. 12انهيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ هڪ نشاني اٿوَ تہ اوهين هڪ ٻارڙي کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهيل ۽ آهر ۾ پيل ڏسندا.“
13اوچتو ريڍارن کي انهيءَ دوت سان گڏ ٻين دوتن جو هڪڙو وڏو لشڪر ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايشور جي مهما ڪندي هيئن چوندو پئي آيو تہ
14”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي
۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي،
جن کان هو راضي آهي.“
15جڏهن دوت انهن وٽان موٽي آڪاش ڏانهن هليا ويا تڏهن ريڍار هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هلو تہ بيت‌لحم هلون. هيءَ ڳالهہ جيڪا ٿي آهي ۽ جنهن جي پرميشور اسان کي خبر ڏني آهي، سا هلي ڏسون.“ 16تنهنڪري هو تڪڙا تڪڙا شهر ڏانهن ويا ۽ اتي مريم، يوسف ۽ انهيءَ ٻارڙي کي ڏٺائون جيڪو آهر ۾ پيل هو. 17هي ڏسندي ريڍار ٻار بابت اهي ڳالهيون ٻڌائڻ لڳا جيڪي دوت کان ٻڌيون هئائون. 18ريڍارن جون اهي ڳالهيون جن بہ ٻڌيون سي سڀ حيرت ۾ پئجي ويا، 19جڏهن تہ مريم هي سڀ ڳالهيون ياد ڪندي پنهنجيءَ دل ۾ انهن تي ويچار ڪرڻ لڳي. 20پوءِ ريڍارن جيڪي ٻڌو ۽ ڏٺو تنهن تي ايشور جي مهما ڪندي موٽي ويا، ڇاڪاڻ تہ هنن اهو سڀ ائين ئي ڏٺو هو جيئن دوت کين ٻڌايو هو.
يسوع مسيح جو نالو رکجڻ
21 # لاو 12‏:3، لو 1‏:31 اٺين ڏينهن تي جڏهن ٻار جي ختني جو وقت آيو تہ سندس نالو يسوع رکيائون، جيڪو هن جي پيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ئي دوت رکيو هو.
يسوع مسيح کي هيڪل ۾ آڻڻ
22 # لاو 12‏:2‏-8 ان کان پوءِ موسيٰ جي معرفت پرميشور جي ڏنل نيم موجب جڏهن مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان پيش ڪرڻ جو وقت آيو، تڏهن يوسف ۽ مريم يسوع کي کڻي يروشلم ۾ آيا ۽ کيس هيڪل ۾ پرميشور جي آڏو حاضر ڪيائون، 23#خر 13‏:2‏،12 ڇاڪاڻ تہ نيم ۾ لکيل آهي تہ ”هر ڪو پهريتو پٽ پرميشور جي لاءِ وقف ڪيو وڃي.“ 24#لاو 12‏:8 اهي نيم موجب مريم جي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان بہ کڻي آيا، جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر هجن.“
25تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پوِتر آتما سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري. 26پوِتر آتما کيس آگاهہ ڪيو هو تہ جيستائين هو پرميشور جي وچن ڪيل مسيح کي نہ ڏسندو، تيستائين ڪين مرندو. 27پوِتر آتما جي هدايت تي شمعون انهيءَ ڏينهن تي هيڪل ۾ آيو. جڏهن ٻارڙي يسوع جا ماتا پتا کيس نيم جا فرض پورا ڪرڻ لاءِ هيڪل ۾ کڻي آيا، 28تڏهن شمعون ٻارڙي کي پنهنجي هٿن تي کنيو ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائين تہ
29”اي مالڪ! هاڻي تون پنهنجي وچن موجب
مون پنهنجي داس کي سلامتيءَ سان سنسار مان روانو ڪر،
30ڇاڪاڻ تہ منهنجي اکين
تنهنجي مڪتي ڏسي ورتي آهي،
31جنهن کي تو سڀني قومن اڳيان پڻ ظاهر ڪيو آهي،
32 # يس 42‏:6، 49‏:6، 52‏:10 يعني غير قومن واسطي
تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي،
۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“
33ٻار جا ماتا پتا حيران هئا تہ انهيءَ بابت شمعون ڇا ڇا نہ پئي چيو! 34پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا، 35جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“
36‏-37آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنتياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي ناري هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال پتيءَ سان گڏ رهي ۽ پوءِ وڌوا ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن وِرت رکڻ ۽ پرارٿنائون ڪرڻ سان ڀڳتي پئي ڪندي هئي. 38اها ناري بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ ايشور جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ايشور طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.
ناصرت ڏانهن واپسي
39 # مت 2‏:23 يسوع جي ماتا پتا جڏهن موسيٰ جي معرفت پرميشور کان مليل نيم جي فرضن جي پالنا ڪئي، تڏهن گليل علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ ناصرت ڏانهن موٽيا. 40پوءِ اهو ٻار وڌندو ۽ زور وٺندو ويو. هو سياڻپ سان ڀرپور ٿيندو ويو ۽ مٿس ايشور جي ڪرپا جي نظر هئي.
ننڍپڻ ۾ يسوع مسيح جو هيڪل ۾ وڃڻ
41 # خر 12‏:1‏-27، شر 16‏:1‏-8 يسوع جا ماتا پتا هر سال #2‏:41 فصح جي تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“فصح جي تهوار جي موقعي تي يروشلم ڏانهن ويندا هئا. 42جڏهن يسوع ٻارهن سالن جو ٿيو تہ اهي دستور موجب فصح جي تهوار تي اوڏانهن ويا ۽ يسوع ساڻن گڏ هو. 43جڏهن تهوار جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن موٽڻ لڳا. پر ٻار يسوع يروشلم ۾ رهجي وين ۽ سندس ماتا پتا کي اها سڌ ئي نہ پيئي. 44انهن سمجھيو پئي تہ هو قافلي سان آهي، سو انهن سڄو ڏينهن سفر ڪيو ۽ پوءِ يسوع کي مائٽن ۽ دوستن ۾ ڳولڻ شروع ڪيائون. 45جڏهن انهن کيس نہ لڌو تہ هو سندس ڳولا لاءِ موٽي يروشلم ۾ آيا. 46ٽئين ڏينهن تي هنن يسوع کي هيڪل ۾ لڌو، جتي هو يهودي شاسترين سان ويٺو هو ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌي ساڻن سوال جواب پئي ڪيائين. 47جن بہ هن کي ٻڌو ٿي، سي سڀيئي هن جي سمجھہ ۽ حاضرجوابيءَ تي عجب ۾ پئجي ٿي ويا. 48سندس ماتا پتا کيس اتي ويٺل ڏسي حيران ٿي ويا. سو سندس ماتا چيس تہ ”پٽ! تو اسان سان ائين ڇو ڪيو؟ ڏس، تنهنجو پتا ۽ آءٌ تو کي ڳولي لهڻ لاءِ سخت پريشان هئاسين.“ 49تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ”اوهان مون کي ڇو پئي ڳوليو؟ ڇا اوهان کي سڌ نہ هئي تہ آءٌ ضرور پنهنجي پتا جي گھر ۾ هوندس؟“ 50پر اهي سندس اها ڳالهہ سمجھي نہ سگھيا.
51پوءِ يسوع انهن سان گڏجي ناصرت ۾ آيو، جتي هو انهن جو فرمانبردار ٿي رهيو. هن جي ماتا هي سڀ ڳالهيون پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکيون. 52#1.سم 2‏:26، چوڻ 3‏:4 يسوع شرير توڙي سياڻپ ۾ وڌندو ويو ۽ کيس ايشور ۽ ماڻهن جو راضپو پڻ حاصل ٿيندو ويو.

Currently Selected:

لوقا 2: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in