YouVersion Logo
Search Icon

لوقا 11

11
پرارٿنا بابت سکيا
(متي 6‏:9‏-13، 7‏:7‏-11)
1هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“ 2يسوع چيلن کي چيو تہ ”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ هيئن چئجو تہ
’اي پتا! شل تنهنجو نالو پوِتر مڃيو وڃي،
۽ تنهنجو راڄ اچي.
3اسان جي روزانو جي روٽي اسان کي هر روز ڏي.
4اسان جا ڏوهہ اسان کي معاف ڪر،
ڇاڪاڻ تہ جيڪي اسان جا ڏوهاري آهن
تن کي اسين بہ معاف ٿا ڪريون.
ان کان علاوہ اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي.‘“
5پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”فرض ڪريو تہ اوهان منجھان ڪنهن کي ڪو دوست هجي ۽ اڌ رات جو انهيءَ وٽ وڃي کيس چوي تہ ’اي دوست! مون کي ٽي روٽيون اڌاريون ڏي، 6ڇاڪاڻ تہ منهنجو هڪڙو دوست مسافريءَ تان مون وٽ آيو آهي ۽ مون وٽ ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي هن جي اڳيان رکان.‘ 7تڏهن اوهان جو دوست اوهان کي اندران ورندي ڏئي تہ ’مون کي تڪليف نہ ڏي. هن مهل در بند آهي ۽ آءٌ پنهنجي ٻارن سان گڏ ستل آهيان، تنهنڪري آءٌ اُٿي تو کي ڪجھہ بہ ڏيئي نہ ٿو سگھان.‘ 8آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هو اوهان جي دوستيءَ جي ڪري نہ بہ اُٿي، پر اوهان جي بار بار گھرندو رهڻ جي ڪري هو اٿندو ۽ جيتريون روٽيون اوهان کي گھرج ۾ هونديون اوتريون ڏيندو. 9انهيءَ ڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ گھرو تہ مليوَ، ڳوليو تہ لڀيوَ، در کڙڪايو تہ کُليوَ، 10ڇاڪاڻ تہ جيڪو گھرندو آهي تنهن کي ملندو آهي، جيڪو ڳوليندو آهي تنهن کي لڀندو آهي ۽ جيڪو در کڙڪائيندو آهي تنهن لاءِ کلندو آهي. 11ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو پتا آهي جنهن کان سندس ٻار اچي مڇي گھري تہ مڇيءَ بدران نانگ ڏئيس؟ 12يا سندس ٻار بيضو گھريس تہ هو وِڇون ڏئيس؟ 13جيڪڏهن اوهين باوجود بڇڙا هئڻ جي، پنهنجن ٻارن کي چڱيون شيون ڏيڻ ڄاڻو ٿا تہ آڪاش وارو پتا اوهان گھرڻ وارن کي پوِتر آتما ڪونہ ڏيندو ڇا؟“
يسوع مسيح ۽ بعل‌زبول
(متي 12‏:22‏-30، مرقس 3‏:20‏-27)
14هڪڙي دفعي يسوع اهڙي ماڻهوءَ مان ڀوت ڪڍي رهيو هو جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ منجھس گونگو ڪرڻ وارو ڀوت هو. جڏهن منجھانئس ڀوت نڪتو تہ ان ماڻهوءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويا. 15#مت 9‏:34، 10‏:25 تڏهن انهن مان ڪن چيو تہ ”يسوع ڀوتن جي سردار #11‏:15 بعل‌زبول يعني شيطان (ڏسو متي 10‏:25 پڻ).بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍي،“ 16#مت 12‏:38، 16‏:1، مر 8‏:11 جڏهن تہ ٻين وري آزمائڻ لاءِ چيس تہ ”ثابتيءَ لاءِ اسان کي ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ 17پر يسوع انهن جي نيتن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ ٿو پوي سو برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي سو گھر تباهہ ٿيو وڃي. 18سو جيڪڏهن شيطان جي راڄ ۾ ڏڦيڙ پوي تہ اهو ڪيئن جٽاءُ ڪندو؟ اوهين چئو ٿا تہ آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان. 19جيڪڏهن آءٌ بعل‌زبول جي مدد سان ڀوت ٿو ڪڍان، تہ پوءِ اوهان جا ماڻهو ڪنهن جي مدد سان ٿا ڪڍن؟ پوءِ تہ اهي ئي اوهان کي ڪوڙو ثابت ڪندا. 20پر جيڪڏهن آءٌ ايشور جي شڪتيءَ سان ڀوت ٿو ڪڍان تہ پوءِ ڄاڻي ڇڏيو تہ ايشور جو راڄ اوهان وٽ اچي پهتو آهي.
21جڏهن ڪو طاقت وارو ماڻهو پنهنجا هٿيار پنهوار ٻڌي پنهنجي گھر جو پهرو ٿو ڏئي تہ سندس سڀ مال‌متاع سلامت ٿو رهي. 22پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس حاوي ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي.
23 # مر 9‏:40 جيڪو مون سان نہ آهي، سو منهنجي خلاف آهي ۽ جيڪو مون سان شامل ٿي ڪٺو نہ ٿو ڪري، سو حقيقت ۾ ٽيڙي پکيڙي ٿو ڇڏي.“
ڀوتن جو موٽڻ
(متي 12‏:43‏-45)
24يسوع وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو ڀوت ڪنهن ماڻهوءَ مان نڪري ٿو وڃي تہ اهو ويران هنڌن ۾ اهڙي جاءِ لهڻ لاءِ رُلي ٿو جتي هو آرام ڪري سگھي. جڏهن آرام نہ ٿو مليس تڏهن چوي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي انهيءَ گھر ۾ موٽي ويندس جتان نڪتو هئس.‘ 25سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي، 26تڏهن هو وڃي ست ٻيا پاڻ کان بہ وڌيڪ بڇڙا ڀوت وٺي اچي ٿو ۽ اهي ان ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي منجھس رهن ٿا ۽ پوءِ سندس حالت اڳي کان بہ وڌيڪ خراب ٿي پوي ٿي.“
سڀاڳا ڪير؟
27يسوع اهي ڳالهيون پئي ڪيون تہ ميڙ مان هڪڙي ناريءَ وڏي واڪي چيس تہ ”ڪيڏو نہ سڀاڳو آهي اهو پيٽ جنهن ۾ اوهين رهيا ۽ اها ڇاتي جيڪا اوهان ڌاتي.“ 28تنهن تي يسوع چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي ايشور جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“
نشانيءَ جي گھُر کي رد ڪرڻ
(متي 12‏:38‏-42)
29 # مت 16‏:4، مر 8‏:12 جيئن پوءِ تيئن يسوع جي چوگرد ماڻهن جو ميڙ وڌندو پئي ويو تڏهن هن وڌيڪ چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا آهن جو اهي مون کان ايشور طرفان نشانيءَ جي گھُر ٿا ڪن. پر انهن کي سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي. 30#يون 3‏:4 جيئن نينواہ شهر جي ماڻهن لاءِ يوناہ هڪڙو نشان بڻيو، تيئن هن زماني جي ماڻهن لاءِ منش‌پتر بہ هڪ نشان بڻبو. 31#1.راج 10‏:1‏-10، 2.توا 9‏:1‏-12 قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ راجا سليمان جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ وڏي پنڌ تان آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ مهان آهي. 32#يون 3‏:5 نينواہ جا ماڻهو قيامت جي ڏينهن اُٿي بيهندا ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ انهن پاڻ يوناہ جي پرچار تي ئي پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو يوناہ کان بہ مهان آهي.“
ايشور جي ڳالهين جي روشني اندر ۾ رکڻ
(متي 5‏:15، 6‏:22‏-23)
33 # مت 5‏:15، مر 4‏:21، لو 8‏:16 ”ڪوبہ ماڻهو ڏيئو ٻاري ان کي لڪائي يا ڍڪڻ هيٺان نہ ٿو رکي پر ڏياٽيءَ تي ٿو رکي، تہ جيئن اندر ايندڙن کي روشني ملي. 34اوهان جون اکيون اوهان جي شرير لاءِ ڏيئي مثل آهن، سو جيڪڏهن اوهان جي نظر صحيح پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير روشن هوندو. پر جيڪڏهن اوهان جي نظر غلط پاسي ڏانهن آهي تہ اوهان جو سڄو شرير اونداهيءَ ۾ غرق هوندو. 35تنهنڪري خيال رکو تہ اوهان جي اندر ۾ اونداهي نہ هجي بلڪ ايشور جي ڳالهين جي روشني هجي. 36جيڪڏهن اوهان جي اندر ۾ پوري پوري روشني هوندي ۽ ڪنهن بہ ڪنڊڪڙڇ ۾ اونداهي نہ هوندي تہ انهيءَ جو مثال ڏيئي جي ان روشنيءَ وانگر هوندو جيڪا اوهان کي روشن ٿي ڪري.“
فريسين ۽ نيم شاسترين تي ڦٽڪار ڪرڻ
(متي 23‏:1‏-36، مرقس 12‏:38‏-40)
37يسوع جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان رسوئي کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ ويهي رسوئي کائڻ لڳو. 38فريسي هي ڏسي حيران ٿي ويو تہ کائڻ کان اڳ ۾ يسوع سندن رسم موجب هٿ ڇو ڪين ڌوتا. 39تڏهن پرڀوءَ چيس تہ ”اوهين فريسي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ڪريو ٿا، پر اوهان جو اندر لوڀ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريو پيو آهي. 40اي مورکؤ! جنهن رچنا ڪندڙ اوهان جو ٻاهر ٺاهيو آهي، ڇا تنهن ئي اوهان جو اندر نہ ٺاهيو آهي؟ 41پر هائو، جيڪو ڪجھہ اوهان جي وٽين ۽ ٿالهين ۾ آهي سو غريبن ۾ دان ڪندا تہ اوهان لاءِ سڀ ڪجھہ پوِتر ٿي پوندو.
42 # لاو 27‏:30 ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي فريسيؤ! جو اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، سوئن ۽ هر ڪنهن ڀاڄيءَ جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر انصاف ڪرڻ ۽ ايشور سان پيار ڪرڻ ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. 43اي فريسيؤ! مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ اعليٰ درجي جي جاين تي ويهڻ ۽ بازارن ۾ ماڻهن جا نمسڪار پسند ڪريو ٿا. 44مصيبت آهي اوهان لاءِ، ڇاڪاڻ تہ اوهين انهن بي‌نشان قبرن جي مثل آهيو، جيڪي گندگيءَ سان ڀريل آهن ۽ ماڻهو مٿائن بي‌سڌ لنگھين ٿا.“
45تڏهن هڪڙي نيم شاستريءَ چيس تہ ”اي گرو! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جو بہ #11‏:45 اپمان هي لفظ ”مانُ“ جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”بي‌عزتي“ لکيو ويو آهي.اپمان ٿا ڪريو.“ 46تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”مصيبت آهي اوهان لاءِ بہ، اي نيم شاستريؤ! جو اوهين ماڻهن تي ڳرا بار تہ رکو ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪريو. 47مصيبت آهي اوهان لاءِ، جو اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو، جن کي اوهان جي ابن ڏاڏن مارائي ڇڏيو هو. 48انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي پاپن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن. 49اوهان جي انهن ڪمن جي ڪري ئي ايشور پنهنجي سياڻپ سان بيان فرمايو تہ ’آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن کي اوهان وٽ موڪليندس، جن مان اوهين ڪن کي ستائيندا ۽ ڪن کي تہ ماري ڇڏيندا.‘ 50سو سنسار جي شروعات کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ جن سنتن جو رت وهايو ويو آهي، تن جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 51#پيد 4‏:8، 2.توا 24‏:20‏-21 مطلب تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هابل جي خون کان وٺي زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو ويو هو، تن سڀني جي خون جو حساب هن زماني جي پيڙهيءَ کان ورتو ويندو. 52مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريؤ! جو اوهين پاڻ تہ ايشور جي ڳالهين جي سمجھہ نہ ٿا رکو، بلڪ جيڪي انهن کي سمجھڻ چاهين ٿا تن کي بہ اوهين روڪيو ٿا.“
53پوءِ يسوع اتان هليو ويو. تڏهن کان وٺي نيم شاستري ۽ فريسي سندس سخت مخالف ٿي پيا ۽ کيس ڦاسائڻ لاءِ کانئس طرح طرح جا سوال پڇڻ لڳا، 54انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.

Currently Selected:

لوقا 11: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in