YouVersion Logo
Search Icon

متي 16

16
آڪاشي نشانيءَ جي گھُر
(مرقس 8‏:11‏-13، لوقا 12‏:54‏-56)
1 # مت 12‏:38، لو 11‏:16 يسوع وٽ ڪي فريسي ۽ صدوقي آيا. کيس آزمائڻ لاءِ چيائون تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ 2پر يسوع انهن کي ورندي ڏني تہ ”جڏهن سج لهڻ مهل آڪاش ڳاڙهو ٿو ٿئي تہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏاڍي صاف موسم ٿيندي،‘ 3۽ جڏهن صبح جو آڪاش ڳاڙهو ۽ جھڙالو ٿو ٿئي تہ چئو ٿا تہ ’اڄ مينهن پوندو.‘ اوهان کي آڪاش جي نشانين جي تہ سڌ پوي ٿي پر هلندڙ وقت جي نشانين جي سڌ نہ ٿي پئيوَ. 4#مت 12‏:39، لو 11‏:29 هن زماني جا ماڻهو ڪيڏا نہ بڇڙا ۽ ڀَٽڪيل آهن جو مون کان ايشور طرفان نشاني ٿا گھرن. پر انهن کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت يوناہ جي نشانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ پوءِ هو انهن کي ڇڏي روانو ٿي ويو.
فريسين ۽ صدوقين جو خمير
(مرقس 8‏:14‏-21)
5گليل ڍنڍ جي هُن ڀر وڃڻ وقت يسوع جي چيلن کان روٽي کڻڻ وسري ويئي هئي. 6#لو 12‏:1 هاڻي جڏهن يسوع کين چيو تہ ”ڏسو، فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ٿجو،“ 7تڏهن هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسين روٽي ڪونہ کڻي آيا آهيون.“ 8يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو، سو چيائين تہ ”اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ ’اسان وٽ روٽي ڪونهي‘؟ 9#مت 14‏:17‏-21 اڃا تائين اوهين نہ ٿا سمجھو؟ ڇا اوهان کي ياد نہ آهي تہ اوهان پنج روٽيون پنج هزار ماڻهن ۾ ورهايون هيون؟ ان وقت اوهان بچيل ڳڀن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ 10#مت 15‏:34‏-38 يا وري ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائڻ ياد نہ اٿوَ؟ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟ 11اوهين ڇو نہ ٿا سمجھو تہ مون اوهان کي روٽيءَ بابت نہ چيو آهي؟ بلڪ ائين چيو اٿم تہ پاڻ کي فريسين ۽ صدوقين جي خمير کان هوشيار ڪجو.“ 12تڏهن چيلن سمجھيو تہ هو روٽيءَ ۾ ڪم ايندڙ خمير کان هوشيار نہ پيو ڪري پر فريسين ۽ صدوقين جي سکيا کان هوشيار رهڻ لاءِ پيو چوي.
پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار
(مرقس 8‏:27‏-30، لوقا 9‏:18‏-21)
13جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“ 14#مت 14‏:1‏-2، مر 6‏:14‏-15، لو 9‏:7‏-8 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ يا ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ 15يسوع پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 16#يو 6‏:68‏-69 تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، جيوت ايشور جا پٽ.“ 17يسوع چيس تہ ”اي يوحنا جا پٽ شمعون! تون سڀاڳو آهين، ڇاڪاڻ تہ هيءَ حقيقت ڪنهن انسانذات نہ، پر منهنجي پتا، جيڪو آڪاش تي آهي تنهن تو تي ظاهر ڪئي آهي. 18آءٌ تو کي اهو بہ چوان ٿو تہ تون #16‏:18 ٽڪر اصلي مسودي ۾ يوناني لفظ ”پطرس“ لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ٽڪر.“ٽڪر آهين ۽ ان ٽڪر تي آءٌ پنهنجي منڊلي اڏيندس جيڪا موت جي طاقت تي حاوي ٿيندي. 19#مت 18‏:18، يو 20‏:23 آءٌ آڪاش جي راڄ جون چاٻيون تنهنجي حوالي ڪندس. سو جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي منع ڪندين، تنهن جي آڪاش کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي تون ڌرتيءَ تي آگيا ڏيندين، تنهن جي آڪاش کان بہ آگيا ڏني ويندي.“ 20پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو تہ آءٌ مسيح آهيان.“
يسوع مسيح جو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(مرقس 8‏:31‏–9‏:1، لوقا 9‏:22‏-27)
21انهيءَ وقت کان وٺي يسوع پنهنجي چيلن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ڪري اٿاريو وڃان.“ 22پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهيءَ تي جھڻڪ ڏيندي چيائينس تہ ”اي پرڀو! شل اوهين سلامت رهو ۽ اوهان سان ائين نہ ٿئي.“ 23يسوع ڦري پطرس کي چيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون منهنجي راهہ ۾ رڪاوٽ ٿو بڻجين، ڇاڪاڻ تہ تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“
24 # مت 10‏:38، لو 14‏:27 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. 25#مت 10‏:39، لو 17‏:33، يو 12‏:25 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي جان بچايان،‘ سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندو تنهن کي اها ملندي. 26ڀلا ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو جو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 27#مت 25‏:31، زب 62‏:12، رو 2‏:6 ڏسو، منش‌پتر پنهنجي پتا جي جوت ۾ دوتن سان گڏ جلد ايندو ۽ هر هڪ ماڻهوءَ کي سندس عملن موجب لاڀ ڏيندو. 28آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي هتي بيٺا آهن تن مان ڪي ايستائين موت جو ذائقو نہ چکندا، جيستائين هو منش‌پتر کي راجا جي حيثيت ۾ ايندو نہ ڏسندا.“

Currently Selected:

متي 16: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in