YouVersion Logo
Search Icon

متي 21

21
يروشلم ۾ شان سان داخل ٿيڻ
(مرقس 11‏:1‏-11، لوقا 19‏:28‏-40، يوحنا 12‏:12‏-19)
1 يسوع ۽ سندس چيلا جڏهن يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر تي بيت‌فگاہ ڳوٺ جي سامهون اچي پهتا، تڏهن اتان يسوع ٻن چيلن کي اڳتي ڳوٺ ڏانهن روانو ڪيو. 2انهن کي هدايت ڪيائين تہ ”سامهون واري ڳوٺ ۾ وڃو. اُتي گھڙندي ئي اوهين ڏسندا تہ هڪڙي گڏهِہ پنهنجي ٻچي سميت ٻڌل هوندي. انهن کي ڇوڙي مون وٽ ڪاهي اچو. 3جيڪڏهن ڪو ماڻهو اوهان کي ڪجھہ چوي تہ کيس چئجو تہ ’گروءَ کي انهن جي ضرورت آهي.‘ پوءِ هو هڪدم اوهان کي اهي ڪاهڻ ڏيندو.“
4اهو انهيءَ ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ
5 # زڪ 9‏:9 #21‏:5 صيئون شهر يعني يروشلم شهر.صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ
’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو،
هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي،
بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“
6تڏهن اهي چيلا روانا ٿي ويا ۽ ائين ئي ڪيائون جيئن يسوع کين چيو هو. 7اُهي گڏهِہ ۽ سندس کودڙي کي ڪاهي آيا، مٿن پنهنجيون چادرون وڌائون ۽ يسوع انهيءَ تي سوار ٿي ويٺو. 8اتي موجود وڏي ميڙ مان گھڻن پنهنجيون چادرون کڻي رستي تي پئي وڇايون، جڏهن تہ ٻين وري وڻن جون ٽاميون آڻي رستي تي پئي وڇايون. 9#زب 118‏:25‏-26 ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ
”راجا دائود جي پٽ جي #21‏:9 ”مهما هجي“ ۽ ”ايشور جي مهما هجي“ اصلي مسودي ۾ ٻنهي جاين تي عبراني لفظ ”هوشعنا“ استعمال ٿيل آهي. جڏهن تہ گذريل دور ۾ انهيءَ جو مطلب ”اسان کي بچاءِ“ ورتو ويندو هو، پر يسوع مسيح جي دور ۾ اهو مهما جي نعري طور استعمال ڪيو ٿي ويو (ڏسو آيت 15 پڻ).مهما هجي!
سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!
آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“
10جڏهن يسوع يروشلم ۾ داخل ٿيو تہ سڄي شهر ۾ هلچل مچي ويئي ۽ ماڻهو پڇڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي؟“ 11ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو سنديش ڏيندڙ سنت يسوع آهي.“
هيڪل مان واپارين کي تڙي ڪڍڻ
(مرقس 11‏:15‏-19، لوقا 19‏:45‏-48، يوحنا 2‏:13‏-22)
12يسوع هيڪل ۾ ويو ۽ اُتي اڱڻ ۾ جيڪي ماڻهو واپار ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ رُڌل هئا، تن کي تڙي ڪڍڻ لڳو ۽ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين. 13#يس 56‏:7، ير 7‏:11 انهن کي چيائين تہ ”ڇا پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو نہ فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“
14پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا يسوع وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو. 15جڏهن سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين يسوع جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”راجا دائود جي پٽ جي #21‏:15 مهما هجي ڏسو آيت 9 ۾ ڏنل سمجھاڻي.مهما هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا. 16#زب 8‏:2 تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“ 17پوءِ يسوع انهن کي ڇڏي شهر مان نڪري بيت‌عنياہ ڳوٺ ڏانهن ويو جتي هو رات رهيو.
انجير جي وڻ کي سراپ ڏيڻ
(مرقس 11‏:12‏-14‏،20‏-24)
18ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن يسوع يروشلم ڏانهن موٽيو پئي ويو تہ کيس اچي بک لڳي. 19هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو. 20چيلا اهو ڏسي حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”انجير جو وڻ ايترو جلد ڪيئن سڪي ويو؟“ 21#مت 17‏:20، 1.ڪر 13‏:2 يسوع کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين وشواس رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو. 22پوري وشواس سان اوهين جيڪي بہ پرارٿنا ۾ گھرندا سو سڀ اوهان کي ملي ويندو.“
يسوع مسيح جي اختياريءَ بابت سوال
(مرقس 11‏:27‏-33، لوقا 20‏:1‏-8)
23يسوع جڏهن هيڪل ۾ اچي سکيا پئي ڏني تہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون ڪهڙي اختياريءَ سان اهي ڪم ٿو ڪرين؟ اها اختياري تو کي ڪنهن ڏني آهي؟“ 24يسوع وراڻين تہ ”آءٌ بہ اوهان کان هڪڙو سوال ٿو پڇان ۽ جيڪڏهن اوهان مون کي جواب ڏنو تہ آءٌ بہ اوهان کي ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان آءٌ هي ڪم ٿو ڪريان. 25ٻڌايو تہ يوحنا جيڪا بپتسما ٿي ڏني سا ڪنهن جي طرفان هئي، ايشور جي طرفان هئي يا انسان جي طرفان؟“ تنهن تي اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘ 26پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“ 27تنهنڪري انهن يسوع کي جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي.“ تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”پوءِ آءٌ بہ نہ ٻڌائيندس تہ ڪهڙي اختياريءَ سان هي ڪم پيو ڪريان.“
ٻن پٽن جو مثال
28پوءِ يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين هن ڳالهہ بابت ڇا ٿا سمجھو؟ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا. هو پهريائين وڏي پٽ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ’پٽ! اڄ وڃي تون انگورن جي باغ ۾ ڪم ڪر.‘ 29پهريائين تہ هن جواب ڏنو تہ ’آءٌ ڪين ويندس،‘ پر پوءِ پاڻيهي پڇتائي انگورن جي باغ ڏانهن هليو ويو. 30پوءِ پتا وري ٻئي پٽ وٽ ويو ۽ کيس ساڳيو ئي ڪم چيائين. هن جواب ۾ چيو تہ ’هائو پتا!‘ پر هو ويو ڪين. 31هاڻي اوهين ٻڌايو تہ هنن ٻنهي مان ڪنهن پنهنجي پتا جي مرضي پوري ڪئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”وڏي.“ تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ وئشيائون ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ اوهان کان اڳي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿين ٿا. 32#لو 3‏:12، 7‏:29‏-30 ان جو سبب هي آهي تہ يوحنا جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ وئشيائون هن تي يقين ڪري انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“
بي‌ايمان باغائين جو مثال
(مرقس 12‏:1‏-12، لوقا 20‏:9‏-19)
33 # يس 5‏:1‏-2 يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کي وڌيڪ چيو تہ ”هڪڙو ٻيو مثال ٻڌو تہ هڪڙي زميندار انگورن جو باغ لڳايو. ان جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 34جڏهن ميوي لهڻ جو وقت ٿيو تہ هن پنهنجا نوڪر انهن باغائين ڏانهن موڪليا تہ سندس ڀاڱي جو ميوو وٺي اچن. 35پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون. 36پوءِ زميندار اڳي کان بہ وڌيڪ نوڪر موڪليا، جن سان بہ انهن ساڳي ڪار ڪئي. 37آخر ۾ هن پنهنجو پٽ موڪليو، ڇاڪاڻ تہ هن جو خيال هو تہ هو انهيءَ جو ضرور لحاظ ڪندا. 38پر باغائين جڏهن هن جي پٽ کي ڏٺو تڏهن انهن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي. اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 39تڏهن انهن هن کي پڪڙيو ۽ انگورن جي باغ مان ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيائونس.“
40پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن کان پڇيو تہ ”هاڻي جڏهن باغ جو مالڪ ايندو تڏهن هو انهن باغائين سان ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟“ 41انهن وراڻيو تہ ”هو ضرور انهن بڇڙن ماڻهن کي ماري ڇڏيندو ۽ انگورن جو باغ ڪن ٻين باغائين جي حوالي ڪندو، جيڪي ميوي لهڻ وقت کيس سندس ڀاڱو ڏين.“
42 # زب 118‏:22‏-23 يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ
’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.
اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي،
اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“
43يسوع وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ ايشور جو راڄ اوهان تان هٽي ويندو ۽ انهيءَ نئين چونڊيل قوم مٿان اچي ڇانوَ ڪندو جيڪا پاڻ ۾ انهيءَ جو حقيقي ڦل پيدا ڪندي. 44#1.پط 2‏:8 باقي، جيڪو بہ اُن پٿر تي ڪرندو، سو ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندو ۽ جنهن تي اهو پٿر ڪرندو، تنهن کي پيهي ڇڏيندو.“
45سردار ڪاهنن ۽ فريسين جڏهن يسوع جا مثال ٻڌا تہ سمجھي ورتائون تہ ”هو اسان بابت ٿو ڳالهائي.“ 46تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو.

Currently Selected:

متي 21: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in