YouVersion Logo
Search Icon

متي 22

22
شاديءَ جي دعوت جو مثال
(لوقا 14‏:15‏-24)
1يسوع وري ماڻهن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو. 2هن چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙي راجا پنهنجي پٽ جي شاديءَ جي دعوت ڪئي. 3هن دعوتين ڏانهن پنهنجا نوڪر موڪليا تہ هو رسوئي کائڻ اچن، پر اهي اچڻ نہ پيا گھرن. 4تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلهو متارو مال ڪهايو آهي ۽ رسوئي تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو رسوئي کائڻ لاءِ هليا اچو.‘ 5پر دعوتين ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو ۽ پنهنجن ڪمن سان هليا ويا، ڪو پنهنجي ٻنيءَ تي هليو ويو تہ ڪو وري پنهنجي ڪاروبار کي لڳي ويو. 6جڏهن تہ ڪن دعوتين سندس نوڪرن کي پڪڙي مار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو. 7تنهن تي راجا اچي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ پنهنجا سپاهي موڪلي انهن قاتلن کي مارائي ڇڏيائين ۽ سندن شهر ساڙائي ڇڏيائين. 8پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي سڏي چيو تہ ’شاديءَ جي رسوئي تيار آهي، پر جن کي دعوت ڏني ويئي هئي سي ان جي لائق نہ هئا. 9تنهنڪري هاڻي اوهين وڏن رستن جي چونڪن تي وڃو ۽ جيترا بہ ماڻهو ڏسو تن سڀني کي شاديءَ جي دعوت ڏيئي وٺي اچو.‘ 10تنهن تي اهي نوڪر ٻاهر نڪري ويا ۽ رستن تي جيڪي بہ چڱا مَٺا ماڻهو منهن پين تن سڀني کي آڻي گڏ ڪيائون. ايتري قدر جو شاديءَ جي دعوت واري جاءِ مهمانن سان ڀرجي ويئي.
11جڏهن راجا شاديءَ جي مهمانن کي ڏسڻ لاءِ اندر آيو تہ اتي هن هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏٺو جنهن کي شاديءَ وارا ڪپڙا پاتل ڪين هئا. 12تنهن تي انهيءَ کان پڇيائين تہ ’ميان! تون شاديءَ جي ڪپڙن کان سواءِ هتي ڪيئن آيو آهين؟‘ پر هن ڪڇيو ئي ڪين. 13#مت 8‏:12، 25‏:30، لو 13‏:28 تڏهن راجا نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’هن جا هٿ پير ٻڌي ٻاهر اونداهيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيوس، جتي هو پيو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند پيو ڪرٽيندو.‘“
14آخر ۾ يسوع چيو تہ ”بيشڪ دعوتي تہ گھڻا هوندا آهن، پر انهن ۾ چونڊيل ٿورا هوندا آهن.“
ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
(مرقس 12‏:13‏-17، لوقا 20‏:20‏-26)
15تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي. 16پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو. 17پوءِ اسان کي ٻڌايو تہ اوهين ڇا ٿا سمجھو؟ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟“ 18يسوع انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي پاکنڊيؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ 19ڀلا مون کي هڪڙو سڪو ڏيکاريو جنهن سان ٽيڪس ڏيندا آهيو.“ تڏهن اهي وٽس هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي آيا. 20تنهن تي يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ نالو اُڪريل آهي؟“ 21انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ 22اهو ٻڌي هو عجب ۾ پئجي ويا ۽ هن کي ڇڏي هليا ويا.
مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
(مرقس 12‏:18‏-27، لوقا 20‏:27‏-40)
23 # سن 23‏:8 انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا 24#شر 25‏:5 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! موسيٰ نيم ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 25اسان ۾ هڪڙا ست ڀائر هئا. پهرئين ڀاءُ شادي ڪئي پر بي‌اولاد مري ويو، تنهنڪري هن جي پتني ٻيو ڀاءُ پرڻيو. 26اهڙيءَ طرح اها ناري ٻئي سان، ٽئين سان ۽ آخرڪار ستن ئي ڀائرن سان پرڻي. 27انهن سڀني کان پوءِ اها ناري بہ مري ويئي. 28هاڻي جيئن تہ سڀ ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو ٻڌايو تہ قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيوت ٿي اٿندا تڏهن اها ناري انهن ستن مان ڪنهن جي پتني ٿيندي؟“
29يسوع انهن کي جواب ڏنو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ اوهين پوِتر شاستر ٿا ڄاڻو، نڪي ايشور جي شڪتي. 30ڏسو، جڏهن مري ويل جيوت ٿيندا تہ نہ اهي پرڻبا، نڪي پرڻائبا، پر جيئن ايشور جي شرڻ ۾ رهندڙ دوت آهن تيئن اهي هوندا. 31مري ويلن جي جيوت ٿيڻ بابت جيڪي ايشور اوهان کي فرمايو آهي، سو اوهان ڪين پڙهيو آهي ڇا؟ 32#خر 3‏:6 هو فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي.“ 33جڏهن ماڻهن هي ٻڌو تہ اهي يسوع جي سکيا تي عجب ۾ پئجي ويا.
سڀ کان وڏو حڪم
(مرقس 12‏:28‏-34، لوقا 10‏:25‏-28)
34جڏهن فريسين هي ٻڌو تہ يسوع صدوقين جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن اهي يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا. 35انهن مان هڪڙي نيم شاستريءَ يسوع کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي کانئس پڇيو تہ 36”اي گرو! موسيٰ جي نيم ۾ وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ 37#شر 6‏:5 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”’تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر.‘ 38سڀ کان وڏو ۽ پهريون حڪم اهو ئي آهي. 39#لاو 19‏:18 ٻيو حڪم بہ انهيءَ جهڙو آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ 40سڄو نيم شاستر توڙي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنتن جون سڀ پوِتر لکتون انهن ئي ٻنهي حڪمن تي مدار رکن ٿيون.“
مسيح بابت سوال
(مرقس 12‏:35‏-37، لوقا 20‏:41‏-44)
41جيڪي فريسي اچي گڏ ٿيا هئا، تن کان يسوع پڇيو تہ 42”اوهين مسيح بابت ڇا ٿا ڄاڻو؟ هو ڪنهن جي اولاد مان هوندو؟“ انهن وراڻيو تہ ”هو راجا دائود جي اولاد مان هوندو.“ 43تنهن تي يسوع چين تہ ”پوءِ ڪيئن دائود پوِتر آتما جي هدايت تي هن کي ’پرڀو‘ ٿو سڏي؟ ڇاڪاڻ تہ دائود پاڻ چيو آهي تہ
44 # زب 110‏:1 ’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
45سو جيڪڏهن دائود مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري سڏي ٿو، تہ پوءِ اهو سندس اولاد ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 46هن جي جواب ۾ ڪو ئي هڪڙو لفظ بہ چئي نہ سگھيو، نڪي وري انهيءَ ڏينهن کان وٺي ڪنهن کي بہ کانئس وڌيڪ سوال پڇڻ جي همت ٿي.

Currently Selected:

متي 22: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in