YouVersion Logo
Search Icon

متي 23

23
پاڻ کي وڏو سڏائڻ خلاف چتاءُ
(مرقس 12‏:38‏-39، لوقا 11‏:43‏،46، 20‏:45‏-46)
1پوءِ يسوع ميڙ ۽ پنهنجي چيلن سان ڳالهائيندي چيو تہ 2”نيم شاسترين ۽ فريسين کي موسيٰ جي نيم جو اختيار مليل آهي. 3تنهنڪري اوهان کي انهن جو هر هڪ چيو مڃڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ گھرجي. پر انهن جي ڪمن تي عمل نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جيئن اهي چون ٿا تيئن ڪونہ ٿا ڪن. 4هو ڳرا بار ٻڌي ماڻهن جي ڪلهن تي تہ رکن ٿا، پر انهن بارن کي کڻڻ ۾ پاڻ ماڻهن جي ڪابہ مدد ڪونہ ٿا ڪن. 5#مت 6‏:1، ڳا 15‏:38، شر 6‏:8 هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا سو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ٿا ڪن. انهيءَ لاءِ هو آيتن سان ڀريل وڏيون وڏيون پٽيون نرڙ ۽ ٻانهن تي ٻڌن ٿا ۽ جبن تي وڏا وڏا #23‏:5 جھالردار ڦُندڻ اهڙا ڦُندڻ جبن ۾ لڳائڻ ايشور جي نيم جي پابنديءَ جو نشان سمجھيو ويندو هو (ڏسو ڳاڻاٽو 15‏:37‏-41).جھالردار ڦُندڻ بہ لڳائين ٿا. 6هو دعوتن توڙي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 7هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن ۽ کين ’سوامي، سوامي‘ ڪري پڪارين. 8پر اوهين ’سوامي‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سوامي آهي. 9ساڳيءَ طرح اوهين هن سنسار ۾ ڪنهن کي بہ #23‏:9 پتا انهيءَ دور ۾ ڪنهن وڏي عهدي واري کي بہ پتا ڪري سڏيو ويندو هو.پتا نہ سڏيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي پتا آهي جيڪو آڪاش تي آهي. 10نہ وري اوهين گرو سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو هڪڙو ئي گرو آهي يعني مسيح. 11#مت 20‏:26‏-27، مر 9‏:35، 10‏:43‏-44، لو 22‏:26 اوهان ۾ جيڪو سڀني کان وڏو آهي سو اوهان جو سيوڪ ٿئي. 12#لو 14‏:11، 18‏:14 جيڪو بہ پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“
يسوع مسيح جو پاکنڊين کي نندڻ
(مرقس 12‏:40، لوقا 11‏:39‏-42‏،44‏،52، 20‏:47)
13‏-14”ڪيڏي نہ مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين آڪاش جي راڄ جو دروازو ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو. نہ اوهين پاڻ ان ۾ داخل ٿا ٿيو ۽ نہ وري جيڪي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن تن کي ئي اچڻ ڏيو ٿا.#23‏:13‏-14 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريؤ ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين وڌوائن جا گھر ڦري ٿا ڇڏيو ۽ ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ٿا ڪريو. اوهين تہ اڃا وڌيڪ پاپي قرار ڏنا ويندا“ (ڏسو مرقس 12‏:40).
15مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو.
16مصيبت آهي اوهان لاءِ اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو هيڪل ۾ پيل سون جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ 17اي انڌؤ! اي مورکؤ! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، سون يا هيڪل جنهن سون کي پوِتر ڪيو؟ 18اوهين ائين بہ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند نہ آهي، پر جيڪڏهن ڪو ٻليدان واري جاءِ تي ڏنل ڀيٽا جو قسم ٿو کڻي تہ اهو ان جو پابند آهي.‘ 19اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، ڀيٽا يا ٻليدان واري جاءِ، جيڪا ڀيٽا کي پوِتر ٿي ڪري؟ 20تنهنڪري جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٻليدان واري جاءِ جو قسم کڻي ٿو تہ اهو نہ رڳو ان جو قسم ٿو کڻي پر انهن سڀني شين جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪي ان تي رکيل آهن. 21جيڪڏهن ڪو هيڪل جو قسم ٿو کڻي تہ اهو نہ رڳو ان جو پر ايشور جو بہ قسم ٿو کڻي جيڪو ان ۾ رهي ٿو. 22#يس 66‏:1، مت 5‏:34 جيڪڏهن ڪو آڪاش جو قسم ٿو کڻي تہ هو ايشور جي تخت جو قسم تہ کڻي ٿو بلڪ انهيءَ جو بہ قسم کڻي ٿو جيڪو ان تي ويٺل آهي.
23 # لاو 27‏:30 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ايشور جي راهہ ۾ ڦودني، وڏفن ۽ زيري جي فصل جو ڏهون حصو تہ ڏيو ٿا، پر جيڪي نيم جون انهيءَ کان بہ وڌيڪ ضروري ڳالهيون آهن، يعني انصاف، ديا ۽ وفاداري، تن کي ڇڏي ڏنو اٿوَ. واجب تہ ائين ئي هو جو هي بہ ڪريو ها ۽ انهن کي بہ نہ ڇڏيو ها. 24اي انڌا اڳواڻؤ! اوهين پاڻيءَ ۾ پيل مک تہ ڏسي ڪڍو ٿا پر اُٺ کي نظرانداز ڪري ڳڙڪائي ٿا وڃو.
25مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين پنهنجي وٽيءَ ۽ ٿالهيءَ جو ٻاهريون پاسو تہ ڌوئي صاف ٿا ڪريو، پر ان جي اندر پيل شيون ڏاڍائيءَ ۽ لوڀ سان حاصل ڪيل آهن. 26اي انڌا فريسيؤ! وٽيءَ جو پهريائين اندريون پاسو ڌوئي صاف ڪريو تہ پوءِ انهيءَ جو ٻاهريون پاسو بہ صاف ٿي ويندو.
27 # سن 23‏:3 مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي. 28ساڳيءَ طرح اوهين بہ ماڻهن کي ٻاهران تہ نيڪ نظر ٿا اچو، پر اوهان جو اندر پاکنڊپائيءَ ۽ ايشور جي نافرمانيءَ سان ڀريل آهي.“
پاکنڊپائيءَ جي سزا
(لوقا 11‏:47‏-51)
29”مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين سنديش ڏيندڙ سنتن جا قبا ٿا ٺاهيو ۽ نيڪن جون قبرون ٿا سينگاريو 30۽ چئو ٿا تہ ’جيڪڏهن اسين ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ هجون ها تہ جيڪر سنديش ڏيندڙ سنتن کي قتل ڪرڻ ۾ انهن سان شريڪ نہ ٿيون ها.‘ 31حقيقت ۾ اهڙيءَ طرح اوهين پاڻ اهو قبول ٿا ڪريو تہ ’اسين سنديش ڏيندڙ سنتن جي قاتلن جو اولاد آهيون.‘ 32تہ پوءِ وڃو ۽ جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن شروع ڪيو هو تنهن کي ڀلي وڃي پورو ڪريو. 33#مت 3‏:7، 12‏:34، لو 3‏:7 اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟ 34ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا. 35#پيد 4‏:8، 2.توا 24‏:20‏-21 انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو. 36آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن سڀني جو خون هن پيڙهيءَ جي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ پوندو.“
يسوع مسيح جو يروشلم لاءِ افسوس ڪرڻ
(لوقا 13‏:34‏-35)
37”يروشلم! اي يروشلم! تون سنديش ڏيندڙ سنتن جو قاتل آهين، ڇاڪاڻ تہ جيڪي سنديش ڏيندڙ تو ڏانهن موڪليا ٿا وڃن تن کي تون سنگسار ٿو ڪرين. تنهن هوندي بہ مون تنهنجي رهاڪن کي ڪيترائي دفعا ائين گڏ ڪرڻ ٿي گھريو جيئن ڪڪڙ پنهنجي چوزن کي پنهنجي کنڀن هيٺان گڏ ڪندي آهي، پر تو نہ چاهيو. 38#ير 22‏:5 هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. 39#زب 118‏:26 آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون هن کان پوءِ مون کي ايستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ
’سڀاڳو آهي اهو،
جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“

Currently Selected:

متي 23: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in