YouVersion Logo
Search Icon

متي 26

26
يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(مرقس 14‏:1‏-2، لوقا 22‏:1‏-2، يوحنا 11‏:45‏-53)
1جڏهن يسوع هي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو تہ هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ 2#خر 12‏:1‏-27 ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ ٻن ڏينهن کان پوءِ #26‏:2 فصح جو تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“فصح جو تهوار ايندو. ڏسو، تڏهن منش‌پتر کي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس سوليءَ تي چاڙهي ماري ڇڏيندا.“
3هوڏانهن سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر ۾ اچي گڏ ٿيا. 4هنن يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي، 5پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“
يسوع مسيح تي عطر هارڻ
(مرقس 14‏:3‏-9، يوحنا 12‏:1‏-8)
6يسوع بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ۾ موجود هو. 7#لو 7‏:37‏-38 اتي جڏهن هو رسوئي کائي رهيو هو تہ هڪ ناري وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو يسوع جي مٿي تي هاريو. 8چيلا هي ڏسي ڪاوڙيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي زيان ڇو ڪيو ويو؟ 9هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ 10يسوع سندن اها ڳالهہ ٻڌي چيو تہ ”اوهين هن ناريءَ کي ڇو ٿا ستايو؟ هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي، 11#شر 15‏:11 ڇاڪاڻ تہ غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. 12سو جڏهن هن منهنجي شرير تي عطر هاريو، ڄڻ تہ هن مون کي دفنائڻ لاءِ تيار ڪيو. 13آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ آڪاش جي راڄ واري خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
يسوع مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ
(مرقس 14‏:10‏-11، لوقا 22‏:3‏-6)
14پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان هڪڙو جنهن کي يهوداہ اسڪريوتي چوندا هئا سو سردار ڪاهنن وٽ ويو 15#زڪ 11‏:12 ۽ کين چيائين تہ ”جيڪڏهن آءٌ يسوع کي پڪڙائڻ ۾ اوهان جي مدد ڪريان تہ پوءِ اوهين مون کي ڇا ڏيندا؟“ تنهن تي انهن کيس چانديءَ جا ٽيهہ سڪا ڳڻي ڏنا. 16ان کان پوءِ يهوداہ اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ جيئن يسوع کي پڪڙائي.
چيلن سان گڏ فصح جي رسوئي کائڻ
(مرقس 14‏:12‏-21، لوقا 22‏:7‏-13، يوحنا 13‏:21‏-30)
17بي‌خميري روٽيءَ جي تهوار جي پهرئين ڏينهن تي چيلن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين #26‏:17 بي‌خميري روٽيءَ جي... فصح جي تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فصح جو تهوار.“فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 18يسوع هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’گرو چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي چيلن سميت فصح جو تهوار اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“ 19چيلن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع کين چيو هو ۽ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪيائون.
20جڏهن شام ٿي تہ يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن سميت رسوئي کائڻ لاءِ اچي ويٺو. 21رسوئي کائيندي يسوع چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو.“ 22چيلا ڏاڍا غمگين ٿي ويا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اي پرڀو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ 23#زب 41‏:9 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندڙ ئي مون کي پڪڙائيندو. 24منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“ 25دغاباز يهوداہ ڳالهايو ۽ پڇيائين تہ ”اي گرو! اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ يسوع وراڻيو تہ ”اهو تہ تون پاڻ ئي ٿو ڄاڻين.“
يسوع مسيح جي يادگيريءَ لاءِ روٽي
(مرقس 14‏:22‏-26، لوقا 22‏:14‏-20، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25)
26جڏهن هو کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“ 27پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري انهن کي ڏيندي چيو تہ ”اوهين سڀيئي هن مان پيئو. 28#خر 24‏:8، ير 31‏:31‏-34 هي منهنجو رت آهي، جيڪو گھڻن ئي جي پاپن جي معافيءَ لاءِ وهائجي ٿو ۽ جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. 29آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پتا جي راڄ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“
30پوءِ هنن #26‏:30 زبور ڳايو فصح جي تهوار پوري ٿيڻ تي ايشور جي مهما طور ڪي خاص زبور ڳايا ويندا هئا.زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن روانا ٿي ويا.
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(مرقس 14‏:27‏-31، لوقا 22‏:31‏-34، يوحنا 13‏:36‏-38)
31 # زڪ 13‏:7 پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 32#مت 28‏:16 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن ويندس.“ 33تنهن تي پطرس ڳالهايو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ 34يسوع هن کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 35پر پطرس وراڻيو تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني چيلن بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
گتسمني باغ ۾ پرارٿنا ڪرڻ
(مرقس 14‏:32‏-42، لوقا 22‏:39‏-46)
36 پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گتسمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پهچي هن کين چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ هُتي وڃي پرارٿنا ڪريان.“ 37هو پطرس سان گڏ زبديءَ جي ٻن پٽن يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان وٺي ويو. اتي هو ڏاڍو غمگين ۽ پريشان ٿيڻ لڳو. 38سو کين چيائين تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ مون سان گڏ جاڳندا رهو.“ 39يسوع ٿورو پرڀرو ويو ۽ پاڻ کي منهن ڀر ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هي پيالو مون تان ٽاريو وڃي، تنهن هوندي بہ منهنجي نہ پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
40پوءِ هو ٽنهي چيلن وٽ موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ اهي سمهيا پيا آهن. تنهن تي هن پطرس کي چيو تہ ”ڇا اوهين هڪڙي گھڙي بہ مون سان گڏ جاڳي نہ پيا سگھو؟ 41جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“
42يسوع ٻيهر پري ويو ۽ پرارٿنا ڪيائين تہ ”اي منهنجا پتا! جيڪڏهن هي پيالو منهنجي پيئڻ کان سواءِ ٽري نہ ٿو سگھي تہ پوءِ ڀلي تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“ 43پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ هو وري ستا پيا آهن، ڇو تہ اهي اکيون بہ نہ پيا پٽي سگھن.
44وري بہ يسوع انهن کي ڇڏي ويو ۽ ٽيون دفعو بہ پرارٿنا ڪري اهي ساڳيا لفظ چيائين. 45پوءِ هو چيلن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو وڃي. 46اُٿو، هلي ڏسو، مون کي پڪڙائڻ وارو ويجھو اچي پهتو آهي.“
يسوع مسيح جي گرفتاري
(مرقس 14‏:43‏-50، لوقا 22‏:47‏-53، يوحنا 18‏:3‏-12)
47يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. 48انهيءَ دغاباز هنن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چمي ڏيان سو ئي يسوع هوندو ۽ اوهين کيس پڪڙجو.“ 49سو هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”اي گرو! نمسڪار.“ پوءِ کيس چمي ڏنائين. 50تنهن تي يسوع چيس تہ ”ميان! جنهن ڪم لاءِ آيو آهين، سو جلدي ڪري وٺ.“ تڏهن انهن ماڻهن اڳتي وڌي يسوع کي پڪڙي قابو ڪيو. 51تنهن تي يسوع جي ساٿين مان هڪڙي سٽ ڏيئي پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 52تڏهن يسوع انهيءَ کي چيو تہ ”پنهنجي تلوار مياڻ ۾ وجھہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بہ تلوار ٿا هلائين سي تلوار سان ئي ماريا وڃن ٿا. 53تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پتا کي وينتي ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي دوت موڪلي ڏئي؟ 54پر انهيءَ صورت ۾ پوِتر شاستر جي لکت ڪيئن پوري ٿيندي، جنهن ۾ لکيل آهي تہ هيئن ضرور ٿيندو؟“ 55#لو 19‏:47، 21‏:37 پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو. 56پر اهو سڀ انهيءَ لاءِ ٿي رهيو آهي تہ جيئن جيڪي ڪجھہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو پورو ٿئي.“ تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا.
يسوع مسيح يهودي پئنچائت جي اڳيان
(مرقس 14‏:53‏-65، لوقا 22‏:54‏-55‏،63‏-71، يوحنا 18‏:13‏-14‏،19‏-24)
57جن يسوع کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا. 58پطرس جيڪو انهن جي پٺيان پٺيان پئي آيو، سو بہ وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ گھڙي پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هو ڏسي تہ آخر ٿئي ڇا ٿو. 59سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄيءَ پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا ڪوڙي شاهدي هٿ ڪن، تہ جيئن کيس موت جي سزا ڏيارين. 60جيتوڻيڪ ڪيترائي ڪوڙا شاهد اچي گڏ ٿيا، تڏهن بہ انهن کي ڪا شاهدي ملي نہ سگھي. آخرڪار هڪڙا ٻہ شخص آيا 61#يو 2‏:19 ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ايشور جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“
62تنهن تي وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ يسوع کي چيائين تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا هنن جي الزامن جي جواب ۾ تو کي ڪجھہ بہ چوڻو نہ آهي؟“ 63پر يسوع ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي جيوت ايشور جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، ايشور جو پٽ؟“ 64#دان 7‏:13 تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ 65#لاو 24‏:16 انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن. 66هاڻ اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”هي ڏوهي آهي، کيس مارڻ کپي.“
67 # يس 50‏:6 پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي 68هيئن چيو تہ ”اي مسيح! اسان کي پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“
پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ
(مرقس 14‏:66‏-72، لوقا 22‏:56‏-62، يوحنا 18‏:15‏-18‏،25‏-27)
69هوڏانهن پطرس جيڪو ٻاهر اڱڻ ۾ ويٺو هو تنهن کي هڪ نوڪرياڻيءَ اچي چيو تہ ”تون بہ تہ يسوع گليليءَ سان گڏ هئين.“ 70پر هن انهن سڀني جي روبرو انڪار ڪندي چيو تہ ”آءٌ نہ ٿو سمجھان تہ تون ڇا ٿي چوين پئي.“ 71پوءِ هو اُٿي ٻاهر ڏيڍيءَ ڏانهن وڃڻ لڳو تہ ٻي نوڪرياڻيءَ هن کي ڏٺو ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي چيائين تہ ”هي ماڻهو بہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هو.“ 72پطرس وري بہ انڪار ڪيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ”آءٌ ان ماڻهوءَ کي نہ ٿو سڃاڻان.“ 73ٿوري دير کان پوءِ اتي بيٺلن بہ اچي پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون يسوع جي ساٿين مان هڪڙو آهين، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي ڳالهائڻ مان ئي لڳي ٿو تہ تون بہ گليلي آهين.“ 74تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو.“ انهيءَ دم ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 75تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.

Currently Selected:

متي 26: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in