YouVersion Logo
Search Icon

متي 27

27
يسوع مسيح پلاطس جي اڳيان
(مرقس 15‏:1، لوقا 23‏:1‏-2، يوحنا 18‏:28‏-32)
1صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون. 2پوءِ هنن يسوع کي ٻڌي وٺي وڃي رومي گورنر پلاطس جي حوالي ڪيو.
يهوداہ اسڪريوتيءَ جو موت
(سنتن جا ڪم 1‏:18‏-19)
3دغاباز يهوداہ جڏهن ڏٺو تہ يسوع کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي، تڏهن هن ڏاڍو پڇتايو ۽ چانديءَ جا اهي ٽيهہ سڪا سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن وٽ موٽائي کڻي ويو. 4هن کين چيو تہ ”هڪ بي‌قصور منهنجي پڪڙائڻ سبب ماريو ٿو وڃي. اهو مون وڏو پاپ ڪيو آهي.“ پر انهن وراڻيس تہ ”اسان جو ان سان ڪهڙو واسطو؟ اهو تہ تنهنجو ئي ڪم آهي، سو تون ئي ڄاڻ.“ 5تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.
6سردار ڪاهنن اهي سڪا کڻي چيو تہ ”هي خون جا پئسا آهن، تنهنڪري انهن پئسن کي هيڪل جي خزاني ۾ وجھڻ جائز نہ آهي.“ 7سو هنن پاڻ ۾ صلاح ڪري انهن پئسن سان ڪنڀر وارو ميدان خريد ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اتي پرديسين واسطي قبرستان ٺاهين. 8اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين اها زمين ”خون جو ميدان“ سڏبي آهي.
9 # زڪ 11‏:12‏-13 اهڙيءَ طرح سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿيو تہ ”انهن اهي ٽيهہ سڪا کنيا، جيڪي بني اسرائيل وارن سندس مُلهہ طور ڏيڻ لاءِ قبول ڪيا هئا. 10پوءِ انهن اهي پئسا ڪنڀر جي ميدان لاءِ ڏنا، جيئن پرميشور مون کي حڪم ڏنو هو.“
پلاطس جي يسوع مسيح کان پڇا ڳاڇا
(مرقس 15‏:2‏-5، لوقا 23‏:3‏-5، يوحنا 18‏:33‏-38)
11يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“ 12جڏهن سردار ڪاهنَ ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس مٿس تهمتون هڻڻ لڳا تہ انهن جي جواب ۾ يسوع ڪجھہ بہ نہ چيو. 13تنهنڪري پلاطس هن کي چيو تہ ”ڇا تون هي سڀ ڳالهيون نہ ٿو ٻڌين جيڪي هي تو تي مڙهين ٿا؟“ 14پر يسوع جواب ۾ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيو. تنهن تي گورنر ڏاڍو حيران ٿيڻ لڳو.
يسوع مسيح لاءِ موت جي سزا جو حڪم
(مرقس 15‏:6‏-15، لوقا 23‏:13‏-25، يوحنا 18‏:39‏–19‏:16)
15گورنر جو اهو دستور هوندو هو تہ فصح جي تهوار جي موقعي تي هو هڪڙي قيديءَ کي آزاد ڪندو هو، جنهن جي لاءِ رعايا چوندي هئس. 16انهن ڏينهن ۾ هڪ مشهور ڏوهاري قيد ٿيل هو، جنهن جو نالو برابا هو. 17پوءِ جڏهن ماڻهو اچي گڏ ٿيا تہ پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو تہ اوهان جي خاطر آءٌ ڪنهن کي آزاد ڪريان، برابا کي يا يسوع کي، جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ 18اهو انهيءَ ڪري پڇيائين جو هن ڄاتو پئي تہ ”سردار ڪاهنن رڳو ساڙ کان يسوع کي قيد ڪري مون وٽ آندو آهي.“
19اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“
20انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ يسوع کي موت جي سزا ڏئي. 21گورنر انهن کان ٻيهر پڇيو تہ ”هنن ٻنهي مان اوهان جي خاطر ڪنهن کي آزاد ڪريان؟“ انهن وراڻيو تہ ”برابا کي!“ 22تنهن تي پلاطس انهن کان پڇيو تہ ”پوءِ يسوع کي ڇا ڪريان جيڪو مسيح ٿو سڏجي؟“ انهن سڀني واڪا ڪري چيو تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ 23تنهن تي پلاطس پڇين تہ ”ڇو، هن ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟“ پر هنن وٺي ڏاڍيون رڙيون ڪيون تہ ”سوليءَ تي چاڙهيوس.“ 24#شر 21‏:6‏-9 تنهنڪري جڏهن پلاطس ڏٺو تہ ڪو چارو ئي نہ آهي ۽ اٽلندو فساد ٿو ٿئي، تڏهن ڪجھہ پاڻي کڻي ماڻهن جي اڳيان پنهنجا هٿ ڌوتائين ۽ چيائين تہ ”آءٌ هن ماڻهوءَ جي خون کان آجو آهيان. اها اوهان جي ذميواري آهي.“ 25سڀني ماڻهن جواب ۾ چيو تہ ”ڀلي تہ هن جي خون جي ذميواري اسان تي ۽ اسان جي اولاد تي هجي.“ 26پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ يسوع کي ڪوڙا هڻي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
سپاهين جو يسوع مسيح تي ٺٺوليون ڪرڻ
(مرقس 15‏:16‏-20، يوحنا 19‏:2‏-3)
27 پوءِ اهي سپاهي يسوع کي گورنر جي محلات ۾ وٺي آيا، جتي پنهنجن ٻين ساٿين کي هن جي چوڌاري بيهڻ لاءِ سڏيائون. 28انهن يسوع جا ڪپڙا لهرايا ۽ هڪڙو لال ڳاڙهو جبو ڍڪايائونس. 29تنهن کان پوءِ انهن هڪڙو ڪنڊن جو تاج ٺاهي هن جي مٿي تي رکيو ۽ هڪ ڪانو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنائون ۽ پاڻ سڀيئي هن جي اڳيان گوڏا کوڙي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. اهي چون پيا تہ ”نمسڪار، اي يهودين جا راجا!“ 30پوءِ انهن هن کي ٿڪون هنيون ۽ اهو ئي ڪانو کڻي سندس مٿي تي هڻڻ لڳا. 31جڏهن اهي ٺٺوليون ڪري چڪا تہ اهو لال ڳاڙهو جبو لهرائي وري کيس ساڳيا ڪپڙا پهرايائون. پوءِ هو کيس ٻاهر وٺي آيا تہ جيئن سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.
يسوع مسيح کي سوليءَ تي چاڙهڻ
(مرقس 15‏:21‏-32، لوقا 23‏:26‏-43، يوحنا 19‏:17‏-27)
32جڏهن هو يروشلم کان نڪتا پئي ويا تہ انهن کي ڪريني شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو جنهن جو نالو شمعون هو. سپاهي انهيءَ تي زور رکي کيس يسوع جي سولي کڻائي هليا. 33پوءِ هو گُلگُتا نالي هڪڙي جاءِ تي پهتا، جنهن جي معنيٰ آهي ”کوپريءَ جي جاءِ.“
34 # زب 69‏:21 اتي سپاهين يسوع کي ڪؤڙاڻ گڏيل مئي پيئڻ لاءِ ڏني. پر جڏهن هن اها چکي تڏهن پيئڻ کان انڪار ڪيائين. 35#زب 22‏:18 پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. ان کان پوءِ هنن پُکا وجھي سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي کنيا 36۽ اتي ويهي مٿس پهرو ڏيندا رهيا. 37انهن سوليءَ تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي يسوع آهي، يهودين جو راجا.“ 38هنن يسوع سان گڏ انهن ٻن ڌاڙيلن کي بہ سوليءَ تي چاڙهيو، هڪ سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.
39 # زب 22‏:7، 109‏:25 جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي يسوع کي ٺٺوليون ڪندي چون پيا تہ 40#مت 26‏:61، يو 2‏:19 ”تون تہ ٽن ڏينهن ۾ هيڪل پيو ڊاهين ۽ ٺاهين، هاڻي پاڻ کي تہ بچاءِ. جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ سوليءَ تان هيٺ لهي تہ ڏيکار.“ 41ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس بہ هن تي ٺٺوليون ڪندي چوڻ لڳا تہ 42”هي تہ ٻين کي پيو بچائي، پر هاڻي پاڻ کي نہ ٿو بچائي سگھي. ڇا اهو آهي بني اسرائيل جو راجا؟ هاڻي سوليءَ تان لهي اچي تہ ڏسون ۽ ان تي وشواس آڻيون. 43#زب 22‏:8 هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“ 44جيڪي ڌاڙيل هن سان گڏ سوليءَ تي چاڙهيا ويا هئا، سي بہ ساڳيءَ طرح کيس گھٽ وڌ ڳالهائين پيا.
يسوع مسيح جو مِرتيو
(مرقس 15‏:33‏-41، لوقا 23‏:44‏-49، يوحنا 19‏:28‏-30)
45منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي. 46#زب 22‏:1 ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ #27‏:46 ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ هي ايشور کي سڏڻ جا لفظ ”ايلي! ايلي!“ عبراني ۽ ”لما شبقتني“ ارامي ٻوليءَ مان ورتل آهن.”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ 47جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“ 48#زب 69‏:21 انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين. 49پر ٻين کيس چيو تہ ”ترس، ڏسون تہ ايلياہ هن کي بچائڻ لاءِ اچي ٿو يا نہ.“
50تڏهن يسوع وري وڏي رڙ ڪئي ۽ دم ڏنائين.
51 # خر 26‏:31‏-33 انهيءَ دم هيڪل جو پوِتر ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا 52۽ قبرون ڦاٽي پيون. پوءِ ڪيترائي ايشور ڀڳت ماڻهو جيڪي مري ويا هئا، سي جيوت ٿي 53قبرن مان ٻاهر نڪري يسوع جي ٻيهر جيوت ٿيڻ کان پوءِ پوِتر شهر يروشلم ۾ اچي داخل ٿيا ۽ گھڻن ئي ماڻهن کين ڏٺو.
54فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ يسوع تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو ايشور جو پٽ هو.“ 55#لو 8‏:2‏-3 اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون. 56انهن ۾ مريم مگدليني، يعقوب ۽ يوسف جي ماتا مريم ۽ زبديءَ جي پتني جيڪا يعقوب ۽ يوحنا جي ماتا هئي سي پڻ شامل هيون.
يسوع مسيح جو ڪفن دفن
(مرقس 15‏:42‏-47، لوقا 23‏:50‏-56، يوحنا 19‏:38‏-42)
57جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي يسوع جو هڪ چيلو اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو. 58هن گورنر پلاطس جي درٻار ۾ وڃي کانئس يسوع جو لاش گھريو. پلاطس حڪم ڏنو تہ ”يسوع جو لاش کيس ڏنو وڃي.“ 59پوءِ يوسف لاش ورتو ۽ انهيءَ کي هڪڙي اُچي صاف سٿري ڪفن ۾ ويڙهي 60کڻي وڃي اُن غار نموني قبر ۾ رکيائين، جيڪا هن ٽڪر ۾ پنهنجي لاءِ تازو کوٽائي هئي. پوءِ هڪڙو وڏو پٿر ريڙهي قبر جي منهن تي ڏنائين ۽ پاڻ هليو ويو. 61مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.
قبر تي پهرو
62 # 27‏:62 تياريءَ جي ڏينهن هن مان مراد سبت يا ڪنهن تهوار جي ڏينهن کان اڳ وارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن يهودي کاڌو وغيرہ تيار ڪندا هئا، ڇو تہ ٻئي ڏينهن سبت يعني آرام جو يا وڏو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ دور ۾ ٻئي ڏينهن جي شروعات سج لهڻ کان ئي ٿيندي هئي. تياريءَ جي ڏينهن کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي گڏجي پلاطس وٽ ويا 63#مت 16‏:21، 17‏:23، 20‏:19، مر 8‏:31، 9‏:31، 10‏:33‏-34، لو 9‏:22، 18‏:31‏-33 ۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘ 64تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا چيلا سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“ 65تنهن تي پلاطس انهن کي چيو تہ ”پوءِ پهريدار وٺي وڃو ۽ ايتري سخت چوڪسي ڪريو جيتري ڪري سگھو.“ 66پوءِ هو پهريدارن کي ساڻ ڪري قبر تي ويا ۽ قبر جي منهن تي ڏنل پٿر تي مُهر هڻي اتي پهرو بيهاريائون.

Currently Selected:

متي 27: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in