YouVersion Logo
Search Icon

متي 12:28-15

متي 12:28-15 HSB

تڏهن سردار ڪاهنن يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن يسوع جا چيلا آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“ هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.