YouVersion Logo
Search Icon

متي 28

28
يسوع مسيح جو وري جيوت ٿي اٿڻ
(مرقس 16‏:1‏-10، لوقا 24‏:1‏-12، يوحنا 20‏:1‏-10)
1سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون. 2ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ پرميشور جو هڪڙو دوت آڪاش مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو. 3هن جو روپ کِنوڻ جهڙو تجليدار هو ۽ سندس پوشاڪ اڇي چمڪدار هئي. 4پهريدار کانئس اهڙا تہ ڊنا جو ڏڪندي ڏڪندي ڌرتيءَ تي ڪري پيا ۽ مُڙدن وانگر پئجي رهيا.
5انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو. 6هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ جيئن هن چيو هو تيئن ئي هو جيوت ٿي اٿيو آهي. هيڏانهن اچو ۽ اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو. 7پوءِ جلدي وڃي هن جي چيلن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“
8تڏهن هنن اها جاءِ ڏٺي ۽ پوءِ ڊپ ۽ گھڻي خوشيءَ وچان قبر کان جلدي روانيون ٿي يسوع جي چيلن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ٿي ويون 9تہ اوچتو ئي يسوع انهن سان مليو ۽ چيائين تہ ”نمسڪار.“ تڏهن انهن اڳتي وڌي سندس پيرن تي ڪري هن آڏو سيس نوايو. 10يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي چيلن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“
پهريدارن جو اطلاع ڏيڻ
11اهي ناريون اڃا رستي ۾ ئي هيون تہ هوڏانهن پهريدار جن قبر تي پهرو پئي ڏنو، تن مان ڪي موٽي شهر ڏانهن آيا ۽ جيڪي ڪجھہ ٿيو هو سو سڀ اچي سردار ڪاهنن کي ٻڌايائون. 12تڏهن سردار ڪاهنن يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن سان ملي صلاح ڪري سپاهين کي جھجھا پئسا رشوت ڏنا تہ جيئن 13اهي چون تہ ”جڏهن رات جو اسين سمهيا پيا هئاسين تڏهن يسوع جا چيلا آيا ۽ سندس لاش چورائي کڻي ويا.“ 14هنن سپاهين کي دلجاءِ ڏيندي چيو تہ ”جيڪڏهن اها ڳالهہ گورنر جي ڪن تي پئجي ويئي تہ بہ اسين پاڻيهي هن کي سمجھائينداسين. سو اوهان کي ڪنهن بہ ڳالهہ جو خوف ڪرڻ نہ گھرجي.“ 15تڏهن پهريدارن پئسا وٺي اها ڳالهہ ڪئي جيڪا کين سيکاري ويئي هئي. ان ئي ڏينهن کان وٺي اها سيکاريل ڳالهہ يهودين ۾ پکڙجي ويئي آهي ۽ اڃا تائين مشهور آهي.
چيلن کي درشن ڏيڻ
(مرقس 16‏:14‏-18، لوقا 24‏:36‏-49، يوحنا 20‏:19‏-23، سنتن جا ڪم 1‏:6‏-8)
16 # مت 26‏:32، مر 14‏:28 تڏهن يارهن ئي چيلا گليل علائقي ڏانهن ويا ۽ انهيءَ جبل تي گڏ ٿيا جتي يسوع وڃڻ لاءِ چيو هئن. 17اتي جڏهن انهن يسوع کي ڏٺو تہ هن جي اڳيان سيس نوايائون، جيتوڻيڪ ڪن کي شڪ بہ هو. 18يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي. 19#سن 1‏:8 تنهنڪري اوهين سڀني قومن وٽ وڃو ۽ انهن کي منهنجا پوئلڳ بڻايو. انهن کي پتا، پٽ ۽ پوِتر آتما جي نالي تي بپتسما ڏيو 20۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“

Currently Selected:

متي 28: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in