YouVersion Logo
Search Icon

مرقس ‮تعارف‬

تعارف
مرقس پرڀو يسوع جي پوئلڳن مان هڪ هو، جنهن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي مرقس نالي هن ٻئي پوِتر شاستر ۾ پرڀو يسوع کي بااختيار ۽ عملي انسان جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سندس سکيا، ڀوتن مٿان سندس شڪتي ۽ پاپن جي معافي ڏيڻ مان سندس اختيار ظاهر ٿئي ٿو. پرڀو يسوع پاڻ کي ”منش‌پتر“ چوي ٿو، جيڪو انهيءَ لاءِ آيو تہ ماڻهن کي سندن پاپن کان مڪتي ڏئي.
مرقس پرڀو يسوع جو احوال سڌيءَ طرح ۽ اثرائتي نموني ۾ پيش ڪري ٿو. هو پرڀو يسوع جي لفظن ۽ سکيا جي بنسبت سندس ڪمن کي نهايت زور ڏيندي بيان ڪري ٿو. هن پوِتر شاستر جي شروعات ۾ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي ذڪر سان گڏ پرڀو يسوع جي بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش جي باري ۾ بيان ڪيو وڃي ٿو. پرڀو يسوع جي آزمائش کان هڪدم پوءِ سندس ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ ۽ سکيا ڏيڻ واري سيوا کي بيان ڪيو وڃي ٿو. هن پوِتر شاستر ۾ اهو بہ بيان ڪيو وڃي ٿو تہ جيئن جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو تيئن تيئن پرڀو يسوع جا چيلا کيس بهتر نموني سمجھندا وڃن ٿا، جڏهن تہ پرڀو يسوع جا مخالف سندس وڌيڪ مخالف ٿيندا وڃن ٿا. آخري بابن ۾ پرڀو يسوع جي سوليءَ واري موت کان اڳ واري آخري هفتي جي واقعن، سندس سوليءَ تي چڙهڻ ۽ وري جيوت ٿي اٿڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.
سِٽاءُ
خوشخبريءَ جي پرچار جي تياري 1‏:1‏-13
گليل علائقي ۾ پرڀو يسوع جو سيوا وارو ڪم ۽ پرچار ڪرڻ 1‏:14‏–9‏:50
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 10‏:1‏-52
پرڀو يسوع جو سوليءَ وارو موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 11‏:1‏–15‏:47
پرڀو يسوع جو وري جيوت ٿي اٿڻ 16‏:1‏-8
جيوت ٿيڻ کان پوءِ پرڀو يسوع جو درشن ڏيڻ ۽ آڪاش ڏانهن کڄي وڃڻ 16‏:9‏-20

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in