YouVersion Logo
Search Icon

متي 9

9
اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 2‏:1‏-12، لوقا 5‏:17‏-26)
1يسوع ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ پار ڪري پنهنجي شهر ڪفرناحوم موٽي آيو. 2ڪن ماڻهن اڌرنگي جي بيماريءَ وارو هڪ ماڻهو کٽولي تي کڻي وٽس آندو. يسوع هنن جو ايڏو وشواس ڏسي اڌرنگي واري کي چيو تہ ”پٽ! دلجاءِ ڪر، تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا.“ 3تنهن تي ڪي نيم شاستري سوچڻ لڳا تہ ”هي ماڻهو تہ ايشور جي نندا ٿو ڪري.“ 4يسوع سمجھي ويو تہ هو ڇا سوچي رهيا آهن، سو کين چيائين تہ ”اوهين اهڙيون خراب ڳالهيون ڇو ٿا سوچيو؟ 5ڇا اهو سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟ 6پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“ 7اهو ماڻهو اُٿي کڙو ٿيو ۽ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيو. 8جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!
متيءَ کي چيلو بڻائڻ
(مرقس 2‏:13‏-17، لوقا 5‏:27‏-32)
9 يسوع اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. يسوع هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.
10 # لو 15‏:1‏-2 پوءِ جڏهن يسوع پنهنجي چيلن سان گڏ متيءَ جي گھر ۾ رسوئي ويٺي کاڌي، تڏهن ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ پاپي اچي يسوع ۽ سندس چيلن سان گڏ کائڻ ويٺا. 11فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“ 12يسوع هي ٻڌي ورتو، سو چيائين تہ ”حڪيم جي گھرج چڱن ڀلن کي نہ، بلڪ بيمارن کي هوندي آهي. 13#مت 12‏:7، هوس 6‏:6 سو وڃو ۽ وڃي سمجھو تہ پوِتر شاستر جي هن لکت جي معنيٰ ڇا آهي تہ ’مون کي جانورن جو ٻليدان نہ، پر ديا پسند آهي،‘ ڇاڪاڻ تہ آءٌ نيڪن کي نہ پر پاپين کي سڏڻ لاءِ آيو آهيان.“
وِرتن بابت سوال
(مرقس 2‏:18‏-22، لوقا 5‏:33‏-39)
14پوءِ يسوع وٽ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جا چيلا آيا ۽ چيائونس تہ ”اسين ۽ فريسي تہ اڪثر وِرت رکون ٿا، پر اوهان جا چيلا وِرت ڇو نہ ٿا رکن؟“ 15تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيستائين گھوٽ ڄاڃين سان گڏ آهي تيستائين هو ڪي غمگين رهندا ڇا؟ پر ڪو وقت ايندو جڏهن گھوٽ انهن کان جدا ڪيو ويندو تہ ان وقت هو بہ وِرت رکندا.
16ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي. 17نہ وري ڪوبہ تازي مئي پراڻن ساندارن ۾ ٿو ڀري. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ ساندارا ڦاٽي پوندا، مئي هارجي ويندي ۽ ساندارا بہ زيان ٿيندا. تنهنڪري تازي مئي نون ساندارن ۾ وجھبي آهي تہ جيئن ٻيئي سلامت رهن.“
ڪنيا کي جيوت ۽ ناريءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(مرقس 5‏:21‏-43، لوقا 8‏:40‏-56)
18جڏهن يسوع انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سيس نوائي چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيوت ٿي پوندي.“ 19تڏهن يسوع اٿيو ۽ چيلن سميت هن سان گڏجي هليو.
20هلندي هلندي هڪڙي ناري، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن يسوع جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو. 21هن دل ۾ اهو سوچيو ٿي تہ ”جيڪڏهن آءٌ رڳو هن جي ڪپڙن کي ئي هٿ لائينديس تہ ڇٽي چڱي ڀلي ٿي پونديس.“ 22تڏهن يسوع ڦري انهيءَ ناريءَ کي ڏٺو ۽ چيائينس تہ ”دلجاءِ ڪر ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي.“ انهيءَ ئي وقت اها ناري چڱي ڀلي ٿي پيئي.
23 پوءِ جڏهن يسوع انهيءَ اڳواڻ جي گھر پهتو تڏهن ڏٺائين تہ ارٿيءَ تي ماتمي ساز پيا وڄن ۽ ماڻهن جو گوڙ لڳو پيو آهي. 24اهو ڏسي هن چيو تہ ”ٻاهر نڪري وڃو، ڇاڪاڻ تہ ڪنيا مُئي ڪانہ آهي، پر ننڊ پيئي آهي.“ تنهن تي سڀيئي ان تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. 25جڏهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، تڏهن يسوع ڪمري ۾ داخل ٿيو ۽ ڪنيا کي هٿ کان ورتائين تہ هوءَ اُٿي ويٺي. 26هي واقعو انهيءَ علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو.
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
27جڏهن يسوع ان جاءِ تان اڳتي وڌيو تہ ٻہ انڌا ماڻهو رڙيون ڪندا سندس پٺيان آيا تہ ”اي راجا دائود جا اولاد! اسان تي ديا ڪريو.“ 28پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ پهتو تہ اهي انڌا بہ وٽس آيا. هن کانئن پڇيو تہ ”ڇا اوهان کي يقين آهي تہ آءٌ هي ڪم ڪري سگھان ٿو؟“ تنهن تي انهن جواب ڏنس تہ ”هائو، سوامي.“ 29يسوع انهن جي اکين تي هٿ لائيندي چيو تہ ”ائين ئي ٿئي جيڪو اوهان جو يقين آهي.“ 30تڏهن اهي ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ يسوع کين سختيءَ سان تاڪيد ڪيو تہ ”متان اها ڳالهہ ڪنهن کي ٻڌايو.“ 31پر انهن علائقي جي ڪنڊڪڙڇ ۾ يسوع جي مشهوري پکيڙي ڇڏي.
هڪ گونگي مان ڀوت ڪڍڻ
32ديد ملڻ کان پوءِ جيئن ئي اهي ٻيئي ٻاهر نڪري رهيا هئا تہ ڪي ماڻهو هڪ اهڙو شخص يسوع وٽ وٺي آيا جيڪو ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ هڪ ڀوت هو. 33جڏهن يسوع انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“ 34#مت 10‏:25، 12‏:24، مر 3‏:22، لو 11‏:15 پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻهن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“
فصل گھڻو پر لاباري وارا ٿورا
35 # مت 4‏:23، مر 1‏:39، لو 4‏:44 پوءِ يسوع آس‌پاس جي سڀني شهرن توڙي ڳوٺن ۾ گھمندو رهيو. اُتي هو ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي هر قسم جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو رهيو. 36#ڳا 27‏:17، 1.با 22‏:17، 2.توا 18‏:16، حز 34‏:5، مر 6‏:34 ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن. 37#لو 10‏:2 تنهنڪري هن پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”فصل تہ تمام گھڻو آهي، پر لڻندڙ ٿورا آهن. 38تنهنڪري فصل جي مالڪ کي وينتي ڪريو تہ پنهنجي فصل جي لاباري لاءِ ماڻهو موڪلي.“

Currently Selected:

متي 9: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in