YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 12

12
بي‌ايمان باغائين جو مثال
(متي 21‏:33‏-46، لوقا 20‏:9‏-19)
1 # يس 5‏:1‏-2 پوءِ يسوع پئنچائت جي انهن چڱن مڙسن سان مثالن ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ انگورن جو هڪ باغ لڳايو. انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏنائين، رس پيڙي ڪڍڻ لاءِ هڪ حوض ٺهرايائين ۽ پهري لاءِ هڪڙو ٺُلهہ بہ ٺهرايائين. پوءِ اهو باغ ڪن باغائين جي سنڀال هيٺ ڏيئي هو پاڻ ڪنهن ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو. 2جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. 3پر باغائين انهيءَ نوڪر کي پڪڙي مار ڏني ۽ کيس خالي هٿين موٽائي ڇڏيو. 4تنهن تي هن انهن ڏانهن وري ٻيو نوڪر موڪليو. باغائين ان نوڪر جو بہ مٿو ڦاڙي وڌو ۽ جٺيون ڪري موڪلي ڇڏيائونس. 5مالڪ وري ٽيون نوڪر موڪليو تہ انهن هن کي ماري وڌو. پوءِ هن ٻيا ڪيترائي ماڻهو موڪليا، جن مان ڪن کي مار ڏنائون تہ ڪن کي اڦٽ ماري وڌائون. 6هاڻي باقي وڃي سڪيلڌو پٽ بچيو هئس. تنهن کي سڀني کان پوءِ باغائين ڏانهن موڪليائين، جو پڪ هئس تہ هو انهيءَ جو لحاظ ڪندا. 7پر انهن باغائين پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ’هي مالڪ جو اڪيلو وارث آهي، اچو تہ هن کي ماري ڇڏيون تہ پوءِ سندس ميراث اسان جي ٿي پوندي.‘ 8پوءِ انهن هن کي پڪڙي ماري وڌو ۽ سندس لاش کي باغ جي ٻاهران اڇلائي ڇڏيائون.“
9پوءِ يسوع انهن چڱن مڙسن کي چيو تہ ”هاڻي سوچو تہ انگورن جي باغ جو مالڪ ڇا ڪندو. هاڻ تہ هو پاڻ ايندو ۽ انهن سڀني کي ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ هو انگورن جو باغ ٻين باغائين جي حوالي ڪري ڇڏيندو. 10#زب 118‏:22‏-23 ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ
’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو،
سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.
11اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي،
اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“
12تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.
ٽيڪس ڏيڻ بابت سوال
(متي 22‏:15‏-22، لوقا 20‏:20‏-26)
13 پوءِ يهودين جي انهن اڳواڻن ڪي فريسي ۽ ڪي هيروديس جا حمايت ڪندڙ ماڻهو يسوع ڏانهن موڪليا، تہ جيئن اهي کيس ڳالهائڻ ۾ ڦاسائين. 14اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“ 15يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“ 16اهي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏهن يسوع پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ ڪنهن جو نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”قيصر جو.“ 17تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.
مرڻ کان پوءِ جيوت ٿيڻ بابت سوال
(متي 22‏:23‏-33، لوقا 20‏:27‏-40)
18 # سن 23‏:8 پوءِ صدوقي، جن جو وشواس هو تہ موت کان پوءِ ماڻهو جيوت نہ ٿيندا، تن مان ڪي يسوع وٽ آيا 19#شر 25‏:5 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان جي لاءِ موسيٰ نيم ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو پتني ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘ 20هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو. 21تڏهن ٻئي ان جي وڌوا سان شادي ڪئي ۽ اهو بہ بي‌اولاد مري ويو ۽ ٽئين بہ ساڳيءَ طرح اُن سان شادي ڪئي. 22اهڙيءَ طرح ستن ئي ڀائرن ساڻس شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويا. آخرڪار اُها ناري بہ مري ويئي. 23هاڻي ٻڌايو تہ جڏهن قيامت ٿيندي ۽ سڀيئي جيوت ٿي اٿندا تہ اُها ناري ڪنهن جي پتني ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ستن ئي هن سان شادي ڪئي هئي؟“
24يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ڀليل آهيو جو نہ پوِتر شاستر جون لکتون ٿا ڄاڻو، نڪي وري ايشور جي شڪتي. 25ڏسو، مري ويل جڏهن جيوت ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آڪاش ۾ دوت آهن تيئن اهي بہ هوندا. 26#خر 3‏:6 مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘ 27ان جو مطلب آهي تہ هو مئلن جو ايشور نہ، بلڪ جيڪي جيوت آهن تن جو ايشور آهي. سو اوهين تہ سخت ڀليل آهيو.“
سڀ کان وڏو حڪم
(متي 22‏:34‏-40، لوقا 10‏:25‏-28)
28 # لو 10‏:25‏-28 انهيءَ وقت نيم شاسترين مان هڪڙو اتي آيو ۽ هنن کي بحث ڪندو ڏسي ڄاڻي ورتائين تہ يسوع صدوقين کي سٺو جواب ڏنو آهي. تڏهن يسوع کان پڇيائين تہ ”سڀني حڪمن کان وڏو حڪم ڪهڙو آهي؟“ 29#شر 6‏:4‏-5 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، پرڀو اسان جو ايشور هڪڙو ئي پرڀو آهي. 30تون پرڀوءَ پنهنجي ايشور کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ سمجھہ ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪر.‘ 31#لاو 19‏:18 ٻيو حڪم هي آهي تہ ’تون پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘ انهن ٻنهي حڪمن کان وڏو ٻيو ڪوبہ حڪم ڪونهي.“
32 # شر 4‏:35 تنهن تي انهيءَ نيم شاستريءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! واہ جي ڳالهہ ڪئي اٿوَ. بيشڪ ايشور هڪڙو ئي آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 33#هوس 6‏:6 سو ضروري آهي تہ انسان انهيءَ کي ئي پوريءَ دل، پوريءَ سمجھہ ۽ پوريءَ طاقت سان پيار ڪري ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان بہ پاڻ جهڙو پيار ڪري. اهو جانورن جي ٻليدان ڪرڻ يا ٻليدان واري جاءِ تي ايشور جي سيوا ۾ ٻيون شيون ڀيٽا ڪرڻ کان بہ وڌيڪ سٺو آهي.“
34يسوع ڏٺو تہ هن سياڻپ جو جواب ڏنو آهي. تنهنڪري کيس چيائين تہ ”تون ايشور جي راڄ کان پري نہ آهين.“
انهيءَ کان پوءِ ڪنهن کي بہ همت نہ ٿي جو يسوع کان ڪو ٻيو سوال پڇي سگھي.
مسيح بابت سوال
(متي 22‏:41‏-46، لوقا 20‏:41‏-44)
35پوءِ يسوع جڏهن هيڪل ۾ سکيا پئي ڏني تہ هن هڪ سوال ڪيو تہ ”نيم شاستري ڪيئن ٿا چون تہ ’مسيح راجا دائود جو اولاد آهي‘؟ 36#زب 110‏:1 دائود تہ پاڻ پوِتر آتما جي هدايت تي چيو هو تہ
’پرڀو پرميشور منهنجي پرڀوءَ کي چيو تہ
”تون منهنجي ساڄي پاسي ويهہ،
جيستائين آءٌ تنهنجي دشمنن کي
تنهنجي پيرن هيٺان نہ ڪريان.“‘
37سو جيڪڏهن دائود پاڻ مسيح کي ’پرڀو‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿي سگھي ٿو؟“
يسوع جون اهي ڳالهيون سڄيءَ خلق خوشيءَ سان پئي ٻڌيون.
نيم شاسترين خلاف چتاءُ
(متي 23‏:1‏-36، لوقا 20‏:45‏-47)
38يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي وڌيڪ چيو تہ ”نيم شاسترين کان هوشيار ٿجو، جيڪي ڊگھا ڊگھا جبا پائي گھمڻ پسند ڪن ٿا. اهي چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين نمسڪار ڪن. 39هو ڀڳتيءَ وارين جاين توڙي دعوتن ۾ اعليٰ درجي وارين جاين تي ويهڻ پسند ڪن ٿا. 40اهي وڌوائن جا گھر لٽي ڦُري ٿا ڇڏين ۽ ماڻهن جي ڏيکاءَ لاءِ ڊگھيون ڊگھيون پرارٿنائون ڪن ٿا. اهي تہ ٻين کان بہ وڌيڪ پاپي قرار ڏنا ويندا.“
وڌوا جو دان ڏيڻ
(لوقا 21‏:1‏-4)
41پوءِ يسوع هيڪل ۾ دان واري پيتيءَ جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ جاچڻ لڳو تہ ڪيئن ماڻهو اُن پيتيءَ ۾ پئسا وجھن ٿا. هن ڏٺو تہ ڪي دولتمند ان ۾ گھڻا پئسا وجھي رهيا هئا. 42ايتري ۾ هڪ غريب وڌوا آئي جنهن ٻہ ننڍڙا سڪا اچي پيتيءَ ۾ وڌا. 43تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ دان جي پيتيءَ ۾ هن غريب وڌوا سڀني کان وڌيڪ دان وڌو آهي. 44ٻين ماڻهن جيڪي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ هئن تنهن مان پيتيءَ ۾ وڌو آهي، جڏهن تہ هن وڌوا پنهنجي غربت مان بہ جيڪو هڙ ۾ هئس سو سڀ وڌائين ۽ هاڻي جيون گذارڻ لاءِ وٽس ڪجھہ بہ نہ رهيو آهي.“

Currently Selected:

مرقس 12: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in