YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 13

13
هيڪل جي برباديءَ بابت اڳڪٿي
(متي 24‏:1‏-2، لوقا 21‏:5‏-6)
1 يسوع جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“ 2تنهن تي يسوع چيس تہ ”تون جيڪي هي وڏيون عمارتون ڏسين ٿو، تن جو ڪو پٿر پٿر تي نہ رهندو جيڪو ڊاٺو نہ ويندو.“
تڪليفون ۽ تباهيون
(متي 24‏:3‏-14، لوقا 21‏:7‏-19)
3پوءِ يسوع جڏهن هيڪل جي سامهون زيتون جي ٽڪر تي ويٺو هو تڏهن پطرس، يعقوب، يوحنا ۽ اندرياس هن سان نويڪلائيءَ ۾ اچي مليا. 4انهن پڇيس تہ ”اسان کي ٻڌايو تہ اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون ۽ هنن واقعن ٿيڻ لاءِ ڪهڙي نشاني ٿيندي، جنهن مان سڌ پوي تہ برابر وقت اچي پهتو آهي؟“
5تنهن تي يسوع انهن کي چوڻ لڳو تہ ”هوشيار رهو، متان ڪو اوهان کي ڀَٽڪائي نہ ڇڏي، 6ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڀَٽڪائي ڇڏيندا. 7جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي. 8قوم، قوم سان وڙهندي ۽ راڄ، راڄ تي چڙهائي ڪندو. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.
9‏-10 # مت 10‏:17‏-20، لو 12‏:11‏-12 سڀني قومن ۾ پهريائين ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ضرور ڪيو ويندو. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ راجائن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا. 11جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪن تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڇا چوڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ، پر پوِتر آتما جون هونديون. 12ڀاءُ ڀاءُ کي مارائڻ لاءِ ۽ ماتا پتا پنهنجي اولاد کي مارائڻ لاءِ گرفتار ڪرائيندا. اولاد پنهنجي ماتا پتا جي خلاف اُٿي کڙو ٿيندو ۽ کين مارائي ڇڏيندو. 13#مت 10‏:22 منهنجي نالي جي ڪري هر ڪو اوهان سان دشمني رکندو. پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ مڪتي آهي.“
دهشتناڪ وقت
(متي 24‏:15‏-28، لوقا 21‏:20‏-24)
14 # دان 9‏:27، 11‏:31، 12‏:11 ”جڏهن اوهين ’بربادي آڻيندڙ نفرت جهڙي شيءِ‘ کي #13‏:14 اُتي رکيل ڏسو يعني پوِتر هيڪل ۾.اُتي رکيل ڏسو جتي اهڙي شيءِ رکيل نہ هئڻ گھرجي (جيڪو هي پڙهي سو ضرور ان بابت سمجھڻ جي ڪوشش ڪري)، تڏهن يهوديہ جي پوري علائقي وارا جبلن ڏانهن ڀڄي وڃن. 15#لو 17‏:31 جيڪو ماڻهو گھر جي ڇت تي هجي سو پاڻ سان ڪا شيءِ کڻي نڪرڻ لاءِ لهي پنهنجي گھر ۾ وڃي وقت نہ وڃائي 16۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي. 17انهن ڏينهن ۾ جيڪي ناريون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي. 18ايشور کي پرارٿنا ڪريو تہ شل اهي ڳالهيون سياري ۾ نہ ٿين. 19#دان 12‏:1، آڪ 7‏:14 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. 20پرميشور جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو نہ گھٽائي ها، تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر هن پنهنجي چونڊيلن جي ڪري انهن ڏينهن جو مدو گھٽائي ڇڏيو.
21ان وقت جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ’ڏسو، مسيح هيڏانهن آهي‘ يا چوي تہ ’ڏسو، مسيح هوڏانهن آهي‘ تہ ان تي يقين نہ ڪجو، 22ڇاڪاڻ تہ اهڙا ڪوڙا ماڻهو ظاهر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا وري ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏائيندا. اهي نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جهڙا ڪم ڪندا. اهو سڀ اهي انهيءَ مقصد لاءِ ڪندا تہ جيڪڏهن کانئن ٿي سگھي تہ ايشور جي چونڊيلن کي بہ ڀَٽڪائي ڇڏين. 23تنهنڪري هوشيار رهو. ڏسو، مون اوهان کي هر ڳالهہ وقت کان اڳي ئي ٻڌائي ڇڏي آهي.“
منش‌پتر جو موٽي اچڻ
(متي 24‏:29‏-31، لوقا 21‏:25‏-28)
24 # يس 13‏:10، حز 32‏:7، يوا 2‏:10‏،31، 3‏:15، آڪ 6‏:12 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”مصيبت وارن انهن ڏينهن کان پوءِ سج ڪاراٽجي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني وڃائي ويهندو. 25#يس 34‏:4، يوا 2‏:10، آڪ 6‏:13 تارا آڪاش مان ڪرندا ۽ آڪاشي طاقتون لُڏي وينديون. 26#دان 7‏:13، آڪ 1‏:7 تڏهن ماڻهو منش‌پتر کي وڏي شڪتيءَ ۽ شان وَ شوڪت سان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا. 27پوءِ هو دوتن کي هر طرف موڪليندو، تہ جيئن اهي ايشور جي چونڊيل سڀني ماڻهن کي آڻي گڏ ڪن جيڪي ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين پکڙيل آهن.“
انجير جي وڻ جو مثال
(متي 24‏:32‏-35، لوقا 21‏:29‏-33)
28 ”اوهين انجير جي وڻ مان سبق پرايو. جڏهن هن جون ٽاريون سايون ۽ نرم ٿين ٿيون ۽ انهن ۾ پن اچڻ شروع ٿين ٿا، تڏهن اوهين سمجھو ٿا تہ اونهارو آيو ڪي آيو. 29ساڳيءَ طرح جڏهن اوهين تڪليفن ۽ تباهين واريون اِهي ڳالهيون ٿيندي ڏسو، تڏهن ڄاڻجو تہ هيڪل جي ڊهڻ جو وقت اچي پهتو آهي، بلڪ ائين سمجھجو تہ در تي اچي بيٺو آهي. 30آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ #13‏:30 هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون هيڪل جي برباديءَ بابت يسوع مسيح جي ڪيل اڳڪٿي، جيڪا مرقس 13‏:2 ۾ بيان ٿيل آهي، سا رومي حڪومت جي هٿان 70 عيسويءَ ۾ پوري ٿي.هن پيڙهيءَ جي هلندي هلندي اِهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿينديون. 31ڌرتي ۽ آڪاش ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“
سجاڳ رهو
(متي 24‏:36‏-44)
32 # مت 24‏:36 يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منش‌پتر جي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو. 33سو هوشيار ٿجو ۽ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڌ نہ آهي تہ اهو وقت ڪڏهن ايندو.
34 # لو 12‏:36‏-38 منش‌پتر جو موٽي اچڻ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر آهي جيڪو پرديس تي ويو هجي ۽ گھر مان نڪرڻ مهل پنهنجي نوڪرن کي اختياري ڏيئي هر هڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏيئي ويو هجي تہ ’سجاڳ رهجانءِ.‘ 35تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي سڌ نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي. 36ائين نہ ٿئي جو جڏهن هو اوچتو اچي تہ متان اوهان کي ستل ڏسي. 37جيڪي آءٌ اوهان کي چوان ٿو سو ٻين سڀني کي بہ چوان ٿو تہ سجاڳ رهجو.“

Currently Selected:

مرقس 13: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in