YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 14

14
يسوع مسيح خلاف سازش سِٽڻ
(متي 26‏:1‏-5، لوقا 22‏:1‏-2، يوحنا 11‏:45‏-53)
1 # خر 12‏:1‏-27 #14‏:1 فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”فصح جو تهوار.“فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين. 2پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون، متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“
يسوع مسيح تي عطر هارڻ
(متي 26‏:6‏-13، يوحنا 12‏:1‏-8)
3 # لو 7‏:37‏-38 يسوع جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر رسوئي کاڌي پئي، تہ هڪڙي ناري سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر يسوع جي مٿي تي هاريائين. 4تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجيءَ دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟ 5اهو عطر ٽي سؤ #14‏:5 چانديءَ جي سڪن انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ ناري کي سختيءَ سان نندڻ لڳا. 6تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. 7#شر 15‏:11 غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن، سو جڏهن بہ اوهان جي مرضي ٿئي تڏهن انهن سان نيڪي ڪري سگھو ٿا. پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس. 8هن ناريءَ کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي شرير تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي. 9آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ سڄي سنسار ۾ جتي بہ ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو ويندو، اُتي هن ناريءَ جي يادگيريءَ ۾ سندس ڪيل هن ڪم جو ذڪر بہ ڪيو ويندو.“
يسوع مسيح خلاف يهوداہ اسڪريوتيءَ جو سازش سِٽڻ
(متي 26‏:14‏-16، لوقا 22‏:3‏-6)
10پوءِ يسوع جي ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتي سردار ڪاهنن وٽ ويو، انهيءَ لاءِ تہ هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري. 11يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو وچن ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح يسوع کي پڪڙائي.
فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ
(متي 26‏:17‏-25، لوقا 22‏:7‏-14، 22‏:21‏-23، يوحنا 13‏:21‏-30)
12بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“ 13تنهن تي يسوع پنهنجي ٻن چيلن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو. 14پوءِ جنهن گھر ۾ اهو ماڻهو گھڙي وڃي تنهن جي مالڪ کي چئجو تہ ’گرو چوي ٿو تہ اهو مهمان‌خانو ڪٿي آهي، جتي هو پنهنجي چيلن سان گڏجي فصح جي تهوار واري رسوئي کائي؟‘ 15تڏهن هو اوهان کي ماڙيءَ تي سجائي تيار ڪيل هڪ وڏو ڪمرو ڏيکاريندو، جتي اوهين اسان لاءِ فصح جي تهوار واري رسوئيءَ جي تياري ڪجو.“ 16چيلا جڏهن يروشلم شهر ۾ پهتا تہ اتي هر شيءِ ائين ئي ڏٺائون جيئن يسوع کين ٻڌايو هو. سو هنن اتي فصح جي تهوار واري رسوئي کائڻ جي تياري ڪئي.
17جڏهن شام ٿي تہ يسوع ٻارهن ئي چيلن سان گڏ اتي آيو. 18#زب 41‏:9 پوءِ جڏهن اهي گڏجي رسوئي کائي رهيا هئا تہ يسوع چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي پڪڙائيندو، جيڪو مون سان گڏ کائي ٿو.“ 19تنهن تي چيلا غمگين ٿيا ۽ هڪٻئي پٺيان يسوع کان پڇڻ لڳا تہ ”اهو آءٌ تہ نہ هوندس نہ؟“ 20يسوع وراڻيو تہ ”اُهو اوهان ٻارهن مان ئي آهي، جيڪو مون سان گڏ ٿالهيءَ مان گرهہ ٻوڙيندو آهي. 21منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“
يسوع مسيح جي يادگيريءَ لاءِ روٽي
(متي 26‏:26‏-30، لوقا 22‏:14‏-20، 1.ڪرنٿين 11‏:23‏-25)
22جڏهن اهي کائين پيا تہ يسوع روٽي کڻي شڪر ڪري ڀڳي ۽ چيلن کي ڏيئي چيائين تہ ”وٺو ۽ کائو، هي منهنجو شرير آهي.“ 23پوءِ هن مئي جو پيالو کڻي شڪر ڪري اهو بہ کين ڏنو ۽ سڀني اُن مان پيتو. 24#خر 24‏:8، ير 31‏:31‏-34 تڏهن يسوع چين تہ ”اهو منهنجو رت آهي، جنهن سان ايشور جو وچن ٻڌجي ٿو. اهو رت گھڻن ئي جي لاءِ وهائجي ٿو. 25آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن کان پوءِ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ ايشور جي راڄ ۾ نئين مئي ئي پيئندس.“ 26پوءِ انهن #14‏:26 زبور ڳايو فصح جي تهوار پوري ٿيڻ تي ايشور جي مهما طور ڪي خاص زبور ڳايا ويندا هئا.زبور ڳايو ۽ يروشلم کان نڪري زيتون جي ٽڪر ڏانهن هليا ويا.
پطرس جي انڪار ڪرڻ بابت اڳڪٿي
(متي 26‏:31‏-35، لوقا 22‏:31‏-34، يوحنا 13‏:36‏-38)
27 # زڪ 13‏:7 رستي تي يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘ 28#مت 28‏:16 تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيوت ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“ 29تنهن تي پطرس چيس تہ ”توڙي جو ٻيا سڀ اوهان کي ڇڏي وڃن، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي هرگز ڇڏي نہ ويندس.“ 30يسوع پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ 31تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.
گتسمني باغ ۾ پرارٿنا ڪرڻ
(متي 26‏:36‏-46، لوقا 22‏:39‏-46)
32 جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ پرارٿنا ڪري اچان.“ 33پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌چيني وٺي ويئي. 34سو هن کين ٻڌايو تہ ”آءٌ ايترو تہ غمگين ٿي پيو آهيان جو منهنجي دل ٽٽڻ تي آهي. اوهين هتي ترسو ۽ جاڳندا رهو.“ 35پوءِ يسوع ٿورو پرڀرو وڃي پاڻ کي زمين تي ڪيرائي پرارٿنا ڪرڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن ٿي سگھي تہ هيءَ ڏک جي گھڙي مون تان ٽاري وڃي.“ 36هن وڌيڪ چيو تہ ”اي پتا! اي منهنجا پتا! تون سڀ ڪجھہ ڪري سگھين ٿو، سو هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، بلڪ تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“
37پوءِ هو موٽي آيو ۽ ڏٺائين تہ ٽيئي چيلا سمهيا پيا آهن. تڏهن هن پطرس کي سڏي چيو تہ ”اي شمعون! تو کي بہ ننڊ وٺي ويئي ڇا؟ ڇا تون هڪڙي گھڙي بہ جاڳي نہ پيو سگھين؟“ 38پوءِ ٽنهي کي چيائين تہ ”جاڳندا رهو ۽ پرارٿنا ڪندا رهو تہ شل اوهين ڪنهن آزمائش ۾ نہ پئو. بيشڪ دل تہ چاهي ٿي پر شرير ۾ ايتري طاقت ناهي.“
39هو وري پرڀرو ويو ۽ ائين ئي پرارٿنا ڪيائين جيئن اڳ ۾ ڪئي هئائين. 40پوءِ هن ٻيهر موٽي اچي ڏٺو تہ چيلا وري بہ ستا پيا آهن. کين ايتري تہ ننڊ ٿي آئي جو اکيون بہ پٽي نہ پئي سگھيا، سو سڌ ئي نہ ٿي پين تہ کيس ڇا چون.
41پر جڏهن هو ٽيون دفعو انهن وٽ موٽي آيو، تڏهن چيائين تہ ”ڇا اڃا تائين اوهين ننڊون ۽ آرام پيا ڪندا؟ بس، اها گھڙي اچي پهتي آهي. ڏسو، منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو پيو وڃي. 42اُٿو، هلي ڏسو، جيڪو مون کي پڪڙائي رهيو آهي سو ويجھو اچي پهتو آهي.“
يسوع مسيح جي گرفتاري
(متي 26‏:47‏-56، لوقا 22‏:47‏-53، يوحنا 18‏:3‏-12)
43يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو ماڻهن جي هڪڙي وڏي ٽولي سان گڏ آيو، جن کي هٿن ۾ تلوارون ۽ لٺيون هيون. انهن کي سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو. 44هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي يسوع هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“
45هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ کيس ”گرو!“ سڏي چمي ڏنائين. 46پوءِ تہ هنن يسوع کي جھلي قابو ڪيو. 47تنهن تي يسوع جي ڀرسان بيٺلن مان هڪڙي شخص پنهنجي تلوار ڪڍي وڏي سردار ڪاهن جي نوڪر کي هنئي ۽ سندس ڪن ڪپي وڌائين. 48پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ 49#لو 19‏:47، 21‏:37 آءٌ تہ روزانو اوهان وٽ هيڪل ۾ سکيا ڏيندو هئس پر ان وقت تہ اوهان ڪڏهن بہ مون کي نہ پڪڙيو. پر هي انهيءَ لاءِ ٿئي ٿو تہ جيئن پوِتر شاستر جي ڳالهہ پوري ٿئي.“ 50تڏهن سڀيئي چيلا يسوع کي ڇڏي ڀڄي ويا.
51يسوع سان گڏ آيلن مان هڪڙو نوجوان جنهن کي شرير تي رڳو چادر ويڙهيل هئي، تنهن کي انهن چادر کان پڪڙي ورتو. 52پر هو چادر ڇڏي اگھاڙو ئي ڀڄي نڪتو.
يسوع مسيح يهودي پئنچائت جي اڳيان
(متي 26‏:57‏-68، لوقا 22‏:54‏-55‏،63‏-71، يوحنا 18‏:13‏-14‏،19‏-24)
53 پوءِ اهي يسوع کي يروشلم ۾ وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي سردار ڪاهنَ، نيم شاستري ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا سڀيئي چڱا مڙس گڏ ٿيندا ٿي ويا. 54پطرس بہ يسوع جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو. 55ان وقت سردار ڪاهنن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت ڪوشش پئي ڪئي تہ يسوع جي خلاف ڪا شاهدي هٿ ڪري کيس موت جي سزا ڏيارين. پر انهن کي اهڙي ڪابہ شاهدي ملي نہ سگھي، 56ڇاڪاڻ تہ ڪيترن ئي ماڻهن يسوع جي خلاف ڪوڙيون شاهديون تہ ڏنيون، پر انهن شاهدين پاڻ ۾ ميل نہ ٿي کاڌو.
57پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ يسوع تي هيءَ تهمت هنيائون تہ 58#يو 2‏:19 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“ 59پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو.
60تڏهن وڏو سردار ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ سڀني جي روبرو يسوع کان پڇڻ لڳو تہ ”تون ڳالهائين ڇو نہ ٿو؟ ڇا تو کي هنن جي الزامن جي جواب ۾ ڪجھہ چوڻو نہ آهي؟“ 61پر يسوع ماٺ ئي رهيو ۽ هڪ لفظ بہ نہ ڪڇيائين. وڏي سردار ڪاهن کانئس ٻيهر پڇيو تہ ”ڇا تون ئي مسيح آهين، مهما واري ايشور جو پٽ؟“ 62#دان 7‏:13 تنهن تي يسوع وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“ 63تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن. 64#لاو 24‏:16 هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ اوهان پاڻ ٻڌا آهن. سو هاڻي اوهان جو ڪهڙو فيصلو آهي؟“ تنهن تي انهن سڀني فيصلو ڏيندي چيو تہ ”هي موت جي سزا جي لائق آهي.“
65پوءِ انهن مان ڪي يسوع کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”پنهنجي شڪتيءَ سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.
پطرس جو يسوع مسيح بابت انڪار ڪرڻ
(متي 26‏:69‏-75، لوقا 22‏:56‏-62، يوحنا 18‏:15‏-18‏،25‏-27)
66هوڏانهن پطرس اڃا اڱڻ ۾ ئي ويٺو هو تہ وڏي سردار ڪاهن جي هڪ نوڪرياڻي اتي آئي. 67هن جڏهن پطرس کي باهہ تي پاڻ سيڪيندي ڏٺو تہ ڏانهس چتائي نهاريندي چيائينس تہ ”تون بہ تہ يسوع ناصريءَ سان گڏ هئين.“ 68پر هن انڪار ڪندي چيس تہ ”آءٌ نہ ٿو ڄاڻان، نڪي سمجھان ٿو تہ تون ڇا چئي رهي آهين.“ هو اهو جواب ڏيئي ٻاهر ڏيڍيءَ ۾ هليو ويو تہ ايتري ۾ ڪڪڙ ٻانگ ڏني. 69انهيءَ نوڪرياڻيءَ جڏهن پطرس کي وري ڏٺو تڏهن اُتي بيٺل ماڻهن کي چوڻ لڳي تہ ”هي انهن مان هڪڙو آهي.“ 70پر هن وري بہ انڪار ڪيو. ٿوري دير کان پوءِ اُتي بيٺلن بہ پطرس کي چيو تہ ”پڪ سان تون انهن مان ئي آهين، ڇو تہ تون بہ گليلي پيو لڳين.“ 71تنهن تي پطرس قسم کڻي چيو تہ ”ڪوڙي تي ايشور جي لعنت هجي. آءٌ تہ هن ماڻهوءَ کي سڃاڻان ئي ڪونہ ٿو، جنهن جي اوهين ڳالهہ ٿا ڪريو.“ 72انهيءَ دم ڪڪڙ ٻيو دفعو ٻانگ ڏني. تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ اهو خيال ايندي ئي هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو.

Currently Selected:

مرقس 14: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in