YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 6

6
ناصرت وارن جو يسوع مسيح کي قبول نہ ڪرڻ
(متي 13‏:53‏-58، لوقا 4‏:16‏-30)
1پوءِ يسوع اتان روانو ٿي پنهنجي ڳوٺ ناصرت ۾ موٽي آيو ۽ سندس چيلا بہ هن جي پٺيان آيا. 2سبت جي ڏينهن تي هو ڀڳتيءَ واري جاءِ ۾ سکيا ڏيڻ لڳو. گھڻا ماڻهو هن کي ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هن اهي ڳالهيون ڪٿان سکيون آهن؟ ايڏي وڏي دانائي کيس ڪيئن ملي آهي؟ هو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري ڏيکاري؟ 3ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو. 4#يو 4‏:44 تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”هر سنت پنهنجي ديس، مٽن مائٽن ۽ خاندان کان سواءِ جتي ڪٿي مان لهندو آهي.“ 5‏-6يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو.
پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.
يسوع مسيح جو ٻارهن چيلن کي موڪلڻ
(متي 10‏:5‏-15، لوقا 9‏:1‏-6)
7يسوع پنهنجي ٻارهن ئي چيلن کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ ٻن ٻن جي ٽولي ۾ کين روانو ڪرڻ لڳو. انهن کي اختياري ڏنائين تہ هو ماڻهن مان ڀوت ڪڍين 8#لو 10‏:4‏-11 ۽ کين تاڪيد ڪندي چيائين تہ ”روٽي، ٿيلهو، هڙ ۾ پئسو يا ٻيو ڪجھہ بہ پاڻ سان نہ کڻجو پر سفر لاءِ لٺ ڀلي کڻجو. 9پيرن ۾ جتي پائجو باقي هڪڙي پاتل جوڙي کان وڌيڪ ڪپڙا پاڻ سان نہ کڻجو.“ 10يسوع کين اهو بہ چيو تہ ”جتي بہ وڃي ڪنهن گھر ۾ رهو تہ اتي ايستائين رهي پئجو، جيستائين ان شهر مان روانا نہ ٿيو. 11#سن 13‏:51 جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي #6‏:11 پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو انهيءَ دور جي هڪ رسم، جنهن مان مراد ڪنهن ڳالهہ کي رد ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ذميواري سندن مٿان هجڻ جو اظهار ڪرڻ هو.پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“ 12پوءِ اهي روانا ٿي ويا ۽ ماڻهن ۾ وڃي پرچار ڪرڻ لڳا تہ ”پنهنجن پاپن کان توبهہ ڪريو.“ 13#يع 5‏:14 هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو.
يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جو قتل
(متي 14‏:1‏-12، لوقا 9‏:7‏-9)
14 # مت 16‏:14، مر 8‏:28، لو 9‏:19 جيئن تہ يسوع جي مان ۽ مرتبي جي هاڪ هر هنڌ پکڙجي ويئي هئي، سو گليل صوبي جي راجا #6‏:14 هيروديس انتپاس هي راجا هيروديس اعظم جو پٽ هو.هيروديس انتپاس بہ هي سڀ ڪجھہ ٻڌو پئي. يسوع بابت ڪي ماڻهو چون پيا تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو وري جيوت ٿيو آهي، تنهنڪري هو اهڙا چمتڪار ڪري رهيو آهي.“ 15ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“
16جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيوت ٿيو آهي.“ 17#لو 3‏:19‏-20 هيروديس پاڻ ئي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين. هن اهو ڪم هيرودياس جي چوڻ تي ڪيو هو، جيڪا سندس ڀاءُ فلپس جي پتني هئي ۽ جنهن سان هن فلپس جي جيوت ئي شادي ڪئي هئي. 18يوحنا هيروديس کي چيو هو تہ ”اوهان لاءِ اهو جائز نہ آهي جو اوهين پنهنجي ڀاءُ فلپس جي جيوت هوندي ئي سندس پتنيءَ هيرودياس سان شادي ڪريو.“ 19اهو ئي سبب هو جو هيرودياس يوحنا کان نفرت ڪندي هئي ۽ کيس مارائڻ ٿي چاهيائين. پر هوءَ ائين ڪري نہ ٿي سگھي، 20ڇاڪاڻ تہ هيروديس يوحنا کان ڊڄندو هو جو هن ڄاتو پئي تہ يوحنا هڪ سچار ۽ پوِتر ماڻهو آهي. سو هيروديس کيس بچائيندو رهيو. هيروديس يوحنا جون ڳالهيون خوشيءَ سان ٻڌندو هو، جيتوڻيڪ ٻڌڻ وقت هي ڳالهيون کيس پريشان ڪنديون هيون.
21نيٺ هيرودياس کي وجھہ ملي ويو هو. هيروديس پنهنجي جنم جي ڏينهن جي خوشيءَ ۾ اميرن، وڏن جنگي سالارن ۽ گليل جي مکيہ ماڻهن جي دعوت ڪئي هئي. 22انهيءَ دعوت ۾ هيرودياس جي ڌيءَ پاڻ اندر اچي ناچ ڪري هيروديس ۽ سندس مهمانن کي خوش ڪيو. هيروديس انهيءَ ڪنيا کي چيو تہ ”جيڪي گھرڻو اٿيئي سو گھُر تہ ڏيانءِ.“ 23هن قسم کڻي وچن ڪيس تہ ”جيڪڏهن حڪومت جو اڌ گھرندينءَ تہ بہ ڏيندوسانءِ.“ 24تنهن تي هوءَ ٻاهر نڪري ويئي ۽ وڃي پنهنجي ماتا کان پڇيائين تہ ”آءٌ ڇا گھران؟“ هن چيس تہ ”يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي.“ 25تنهن تي ڪنيا جلد ئي موٽي آئي ۽ اچي هيروديس کي چيائين تہ ”مون کي هاڻي جو هاڻي يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي سسي ٿالهہ ۾ گھرائي ڏيو.“ 26هن ڳالهہ هيروديس راجا کي ڏاڍو مايوس ڪيو. پر هو کيس انڪار بہ ڪري نہ ٿي سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن مهمانن جي روبرو قسم کڻي وچن ڪيو هو. 27تنهنڪري هيروديس سپاهيءَ کي موڪليو تہ ”جلدي يوحنا جي سسي لاهي کڻي اچ.“ سپاهي روانو ٿيو ۽ جيل ۾ وڃي يوحنا جي سسي لاٿائين. 28پوءِ هن اها سسي هڪ ٿالهہ ۾ رکي ڪنيا کي آڻي ڏني، جنهن اها کڻي پنهنجي ماتا کي ڏني هئي. 29جڏهن يوحنا جي چيلن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو.
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14‏:13‏-21، لوقا 9‏:10‏-17، يوحنا 6‏:1‏-14)
30خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن ئي سنت واپس اچي يسوع وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا سکيا ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون. 31ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“ 32سو هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانا ٿي ويا.
33تنهن هوندي بہ ڪيترن ئي ماڻهن کين ويندو ڏسي سڃاڻي ورتو. سو اهي سڀيئي پيرين پيادا شهرن مان نڪري پيا ۽ تڪڙا تڪڙا وڃي هنن کان بہ اڳي انهيءَ جاءِ تي پهتا. 34#ڳا 27‏:17، 1.با 22‏:17، 2.توا 18‏:16، حز 34‏:5، مت 9‏:36 جڏهن يسوع ٻيڙيءَ مان لهي آيو ۽ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏٺائين تڏهن سندس دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو نڌڻڪين رڍن وانگر هئا. تنهنڪري هو کين گھڻيون ئي ڳالهيون سيکارڻ لڳو.
35جڏهن سج گھڻو لڙي ويو، تڏهن چيلن يسوع جي ويجھو اچي کيس چيو تہ ”اڳي ئي دير ٿي ويئي آهي ۽ اسين هتي ويران هنڌ تي آهيون. 36سو هنن ماڻهن کي موڪل ڏيو تہ اوسي‌پاسي جي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ وڃي ڪجھہ وٺي کائين.“ 37پر يسوع چين تہ ”اوهين ئي هنن کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏيو.“ تڏهن چيلن پڇيس تہ ”ڇا اوهان جي مرضي آهي تہ اسين وڃي #6‏:37 چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن انهن ڏينهن ۾ چانديءَ جو هڪ عام سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جي ٻہ سؤ سڪن جي روٽي وٺي اچون ۽ هنن کي کارايون؟“ 38تنهن تي يسوع کين چيو تہ ”وڃي ڏسو تہ اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وڃي ڏٺو ۽ اچي کيس ٻڌايائون تہ ”اسان وٽ پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون آهن.“
39پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هنن ماڻهن کي هيٺ سائي گاهہ تي ٽوليون ٺاهي ويهاريو.“ 40تنهن تي اهي ماڻهو سؤ سؤ ۽ پنجاهہ پنجاهہ جون ٽوليون ٺاهي ويٺا. 41تڏهن يسوع اهي پنج روٽيون ۽ ٻہ مڇيون کڻي هٿن ۾ جھلي آڪاش ڏانهن نهاريو ۽ انهن ۾ برڪت گھريائين. پوءِ روٽين جا ٽڪرا ڀڃندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ اهي ماڻهن ۾ ورهائين. هن ٻہ مڇيون بہ انهن سڀني ۾ ورهايون. 42هر هڪ ماڻهوءَ کائي ڍءُ ڪيو. 43پوءِ چيلن باقي بچيل روٽيءَ ۽ مڇيءَ جون ٻارهن کاريون ڀريون. 44جن روٽي کاڌي تن ۾ فقط مردن جو تعداد اٽڪل پنج هزار هو.
يسوع مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(متي 14‏:22‏-33، يوحنا 6‏:16‏-21)
45پوءِ هڪدم يسوع پنهنجي چيلن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري زور ڀريو تہ ”اوهين مون کان اڳ ڍنڍ جي هُن ڀر بيت‌صيدا شهر ڏانهن هلو.“ ان بعد هن ماڻهن جي ميڙ کي بہ موڪل ڏيئي ڇڏي 46۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. 47رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ يسوع اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو. 48پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري چيلن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو. 49‏-50چيلن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“ 51پوءِ يسوع اچي انهن سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ ويٺو تہ واءُ بند ٿي ويو. اهو ڏسي چيلا ڏاڍا حيران ٿي ويا، 52ڇاڪاڻ تہ اهي گھڻن ماڻهن کي روٽي کارائڻ واري ڳالهہ بہ نہ سمجھي سگھيا هئا. اها ڳالهہ هنن جي دماغ ۾ ئي نہ ويٺي هئي.
گنيسرت علائقي ۾ بيمارن کي چڱو ڀلو ڪرڻ
(متي 14‏:34‏-36)
53اهي ڍنڍ پار ڪري اچي گنيسرت جي علائقي ۾ پهتا جتي ٻيڙيءَ کي ٻڌي ڇڏيائون. 54هو جيئن ئي ٻيڙيءَ تان لٿا تہ ماڻهن يسوع کي سڃاڻي ورتو. 55پوءِ اهي ماڻهو سڄي علائقي ۾ پکڙجي ويا ۽ جنهن جڳهہ لاءِ بہ ٻڌائون تہ يسوع اتي آيو آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجا بيمار کٽولن تي کڻي وٽس پئي آيا. 56يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.

Currently Selected:

مرقس 6: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in