YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 7

7
وڏن جون ريتون رسمون
(متي 15‏:1‏-9)
1هڪ دفعي يروشلم کان ڪي فريسي ۽ نيم شاستري يسوع وٽ اچي گڏ ٿيا. 2انهن ڏٺو تہ يسوع جا ڪي چيلا پنهنجا هٿ ڌوئي پوِتر ڪرڻ کان سواءِ ئي #7‏:2 اپوِتر هي لفظ پوِتر جو ضد آهي، جنهن کي ٻين ترجمن ۾ ”ناپاڪ“ يا ”پليت“ ۽ ڪن حوالن ۾ ”حرام“ پڻ لکيو ويو آهي.اپوِتر هٿن سان روٽي کائين ٿا پيا. 3جڏهن تہ فريسي ۽ سڀ يهودي پنهنجن وڏن جي ريتن رسمن موجب، جيستائين پنهنجا هٿ پنهنجي خاص نموني سان نہ ڌوئن تيستائين نہ کائيندا آهن 4۽ جڏهن بازار کان اچن تڏهن جيستائين اشنان نہ ڪن تيستائين ڪين کائيندا آهن. انهن وٽ ٻيون بہ گھڻيون ريتون رسمون آهن، جهڙوڪ: پيالن، لوٽن، پتل جي ٿانوَن ۽ بسترن کي ڌوئڻ. 5سو انهن فريسين ۽ نيم شاسترين يسوع کان پڇيو تہ ”تنهنجا چيلا وڏن جي ڌرمي ريتن رسمن موجب ڇو نہ ٿا هلن ۽ اپوِتر هٿن سان ڇو ٿا روٽي کائين؟“ 6#يس 29‏:13 تنهن تي يسوع چين تہ ”ايشور اوهان #7‏:6 پاکنڊين ٻين ترجمن ۾ ”رياڪارن“ لکيو ويو آهي.پاکنڊين بابت يسعياہ سنت جي معرفت ڪيترو نہ صحيح فرمايو آهي تہ
’هي ماڻهو پنهنجي زبان سان تہ مون کي مان ڏين ٿا،
پر دل سان نہ ٿا چاهين.
7هو منهنجي ڀڳتي اجائي ٿا ڪن،
ڇاڪاڻ تہ هو ماڻهن جا حڪم ائين ٿا سيکارين
ڄڻ تہ اهي مون ايشور جا حڪم آهن.‘“
8يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ايشور جا حڪم ڇڏي انساني ريتن رسمن ۾ ڦاسي پيا آهيو. 9اوهين پنهنجين ريتن رسمن کي پوري ڪرڻ خاطر ايشور جي حڪمن کي ڪيئن نہ پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو. 10#خر 20‏:12، 21‏:17، لاو 20‏:9، شر 5‏:16 مثال طور موسيٰ جي نيم شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’پنهنجي ماتا پتا جو مان ڪريو‘ ۽ ’جيڪو پنهنجي ماتا يا پتا جي گلا ڪري تنهن کي اڦٽ ماريو وڃي.‘ 11پر اوهين ماڻهن کي سيکاريو ٿا تہ ’جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪا شيءِ آهي جنهن سان هو پنهنجي ماتا پتا جي گھرج پوري ڪري سگھيو ٿي، پر هن اها #7‏:11 ”قربان،“ جيتوڻيڪ نئون وچن‌نامو يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، تڏهن بہ هي لفظ عبراني ٻوليءَ جو آهي جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي لفظ سان ملي ٿو.”قربان،“ يعني ايشور جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، 12تہ پوءِ هو ماتا پتا جي گھرج پوري ڪرڻ کان ڇٽي وڃي ٿو.‘ 13اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن سان ايشور جو وچن رد ٿا ڪريو. اهڙي نموني ٻيون بہ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اوهين ڪريو ٿا.“
انسان کي اپوِتر ڪرڻ واريون شيون
(متي 15‏:10‏-20)
14پوءِ يسوع سڄي خلق کي وري پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”اوهين سڀ منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ سمجھو. 15‏-16ڪابہ شيءِ ٻاهران ماڻهوءَ ۾ داخل ٿي کيس اپوِتر ڪري نہ ٿي سگھي، پر جيڪي شيون ماڻهوءَ جي اندر مان ٻاهر نڪرن ٿيون سي کيس اپوِتر ٿيون ڪن.“#7‏:15‏-16 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: ”جنهن کي ڪن آهن سو ٻڌي ڇڏي“ (ڏسو 4‏:23).
17جڏهن يسوع ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس چيلن انهيءَ مثال بابت پڇيس. 18تنهن تي يسوع هنن کي چيو تہ ”اوهين بہ ڪيڏا نہ بي‌سمجھہ آهيو، جو ايتري بہ سڌ نہ ٿي پئيوَ تہ جيڪي ٻاهران انسان ۾ داخل ٿئي ٿو سو کيس اپوِتر نہ ٿو ڪري، 19ڇاڪاڻ تہ اهو انسان جي دل ۾ نہ ٿو وڃي پر انسان جي پيٽ ۾ ٿو وڃي ۽ اتان آخرڪار ٻاهر نڪريو وڃي.“ ائين چئي يسوع کائڻ جي سڀني شين کي حلال سڏيو. 20هن وڌيڪ چين تہ ”جيڪي انسان جي دل مان ٻاهر ٿو نڪري سو ئي کيس اپوِتر ٿو ڪري. 21هائو، انسان جي دل مان برا خيال ٿا نڪرن، جيڪي خراب ڪم ٿا ڪرائين، جهڙوڪ: حرامڪاري، چوري، خون، 22زناڪاري، لالچ، بڇڙائي، ٺڳي، ڇڙواڳي، ڪينو، گلاخوري، مغروري ۽ مورکتا. 23اهي سڀ خرابيون اندر مان ئي ٿيون نڪرن، جيڪي ماڻهوءَ کي اپوِتر ڪن ٿيون.“
هڪ ناريءَ جو وشواس
(متي 15‏:21‏-28)
24پوءِ يسوع اتان اُٿي صور شهر جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي هڪڙي گھر ۾ رهيو. هن جي مرضي هئي تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي سندس اچڻ جي سڌ نہ پوي، پر اها ڳالهہ لڪي نہ سگھي. 25هڪڙي ناري جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن يسوع جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس. 26اها ناري غير يهودي هئي ۽ شام ملڪ جي فينيڪي علائقي مان هئي. هن يسوع کي منٿ ڪئي تہ ”منهنجي ڌيءَ مان ڀوت ڪڍو.“ 27پر يسوع مثال ۾ ڳالهائيندي چيس تہ ”پهريائين ٻارن کي ڍءُ ڪرڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اهو واجب نہ آهي جو ٻارن جي روٽي کڻي ڪتن کي اڇلائي ڏجي.“ 28تنهن تي ناريءَ چيس تہ ”سوامي! برابر، پر ڪتا بہ تہ ٻارن جي رسوئي کائڻ وقت اوبر ڪيل روٽيءَ جا ٽڪر کائيندا آهن.“ 29يسوع هن کي چيو تہ ”واہ! تنهنجي انهيءَ جواب جي ڪري تنهنجي نياڻيءَ مان ڀوت نڪري ويو. سو تون ڀلي گھر وڃ.“ 30سو هن گھر وڃي ڏٺو تہ سندس ڌيءَ هنڌ تي پيل آهي ۽ ڀوت بلڪل ڇڏي ويو اٿس.
هڪ ٻوڙي ۽ هٻڪ واري ماڻهوءَ کي چڱو ڀلو ڪرڻ
31پوءِ يسوع صور جي حدن مان نڪري صيدا جي علائقي مان لنگھي دڪاپلس جي حدن جو وچ وٺي گليل ڍنڍ تي آيو. 32ماڻهو وٽس هڪڙي اهڙي شخص کي وٺي آيا جيڪو ٻوڙو هو ۽ ڳالهائڻ ۾ بہ هٻڪ هئس. سو منٿ ڪيائونس تہ ”هن کي پنهنجو هٿ لايو.“ 33يسوع اُن کي گوڙ کان پاسيرو وٺي ويو ۽ پنهنجيون آڱريون هن جي ڪنن ۾ وڌائين ۽ پنهنجي زبان جي لٻ ڪڍي هن جي زبان کي لاتائين. 34پوءِ يسوع آڪاش ڏانهن نهاري ٿڌو ساهہ ڀريو ۽ هن کي چيائين تہ #7‏:34 ”افتح،“ هي ارامي ٻوليءَ جو لفظ آهي.”افتح،“ يعني ”کُلي پئُہ.“ 35تڏهن هڪدم سندس ڪن کُلي پيا ۽ هن جي زبان جي تند ڇڄي پيئي ۽ هو چٽو ڳالهائڻ لڳو. 36پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجو.“ پر جيترو هن وڌيڪ تاڪيد ڪيو هئن، اوترو ئي وڌيڪ هنن وڃي اها ڳالهہ ماڻهن ۾ پڌري ڪئي. 37سو جن بہ پئي ٻڌو، تن کي ڏاڍو عجب پئي لڳو ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪهڙي نہ سهڻي نموني سان هو هر هڪ ڪم ڪري ٿو، بلڪ هو تہ ٻوڙن کي ٻڌڻ جي ۽ گونگن کي ڳالهائڻ جي بہ طاقت ٿو ڏئي.“

Currently Selected:

مرقس 7: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in