YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 8

8
چار هزار ماڻهن کي روٽي کارائڻ
(متي 15‏:32‏-39)
1هڪڙي ڏينهن وري ماڻهن جو وڏو ميڙ اچي گڏ ٿيو. انهن وٽ کائڻ لاءِ ڪجھہ بہ ڪونہ هو. تنهن تي يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏيو ۽ چيائين تہ 2”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. 3سو جيڪڏهن آءٌ انهن کي پنهنجن گھرن ڏانهن بکئي پيٽ ٿو موڪليان تہ اهي رستي تي ساڻا ٿي پوندا، ڇاڪاڻ تہ انهن مان ڪيترائي پري کان آيل آهن.“ 4چيلن وراڻيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي ايتري روٽي ڪٿان اچي جو هنن ماڻهن جو پيٽ ڀرجي؟“ 5يسوع چيلن کان پڇيو تہ ”اوهان وٽ ڪيتريون روٽيون آهن؟“ انهن وراڻيو تہ ”ست.“
6تڏهن هن ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ ”زمين تي ويهي رهو.“ پوءِ هن اهي ست ئي روٽيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو تہ جيئن اهي ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندا وڃن. چيلن ائين ئي ڪيو. 7انهن وٽ ٿوريون ڪُرڙيون بہ هيون، تن تي بہ برڪت گھري چيلن کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ”اهي بہ کڻي ماڻهن کي ڏيو.“ 8سو انهن تہ کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن بہ ٽڪر ڳڀا ايترا تہ بچيا جو چيلن ست کاريون ڀريون. 9اهي اٽڪل چار هزار ماڻهو هئا. پوءِ يسوع انهن کي موڪل ڏني 10۽ پاڻ پنهنجي چيلن سميت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي دلمنوٿا جي علائقي ڏانهن ويو.
ثابتيءَ لاءِ نشانيءَ جي گھُر
(متي 16‏:1‏-4)
11 # مت 12‏:38، لو 11‏:16 اتي ڪي فريسي يسوع وٽ آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ ساڻس بحث ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اسان کي ثابتيءَ لاءِ ڪا آڪاشي نشاني ڏيکار.“ 12#مت 12‏:39، لو 11‏:29 تنهن تي هن ٿڌو ساهہ کڻي چيو تہ ”هن زماني جا ماڻهو نشاني ڇو ٿا گھرن؟ آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن زماني جي ماڻهن کي ڪابہ نشاني نہ ڏيکاري ويندي.“ 13پوءِ هو انهن کي ڇڏي چيلن سميت وري ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر وڃڻ لڳو.
فريسين ۽ هيروديس وارن جو خمير
(متي 16‏:5‏-12)
14ان وقت چيلن کي روٽيون کڻڻ وسري ويون ۽ ٻيڙيءَ ۾ هڪڙي روٽيءَ کان سواءِ انهن وٽ ٻيو ڪجھہ بہ ڪونہ هو. 15#لو 12‏:1 يسوع چين تہ ”ڏسو، هوشيار ٿجو، متان فريسين ۽ هيروديس جي خمير ۾ ڦاسجي پئو.“ 16تنهنڪري هو پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هن اسان کي اهو انهيءَ ڪري چيو جو اسان وٽ روٽي ڪونهي.“ 17يسوع سندن ڳالهہ سمجھي ويو ۽ چيائين تہ ”ڇو ٿا پاڻ ۾ بحث ڪريو تہ اسان وٽ روٽي ڪونهي؟ ڇا اوهين اڃا تائين نہ ٿا ڄاڻو ۽ سمجھو؟ ڇا اوهان جا دماغ ايترا چٽ آهن؟ 18#ير 5‏:21، حز 12‏:2، مر 4‏:12 ڇا اکين هوندي بہ ڏسي نہ ٿا سگھو ۽ ڪنن هوندي بہ ٻڌي نہ ٿا سگھو؟ ڇا اوهان کي اهي ڳالهيون ياد نہ آهن 19جڏهن مون پنج روٽيون ڀڃي پنج هزار ماڻهن کي ڏنيون تہ ان وقت اوهان ڪيتريون کاريون اوبر جي بچيل ٽڪرن جون ڀري کنيون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ٻارهن کاريون.“ 20يسوع ٻيهر پڇين تہ ”وري جڏهن مون ست روٽيون چار هزار ماڻهن ۾ ورهائي پوريون ڪيون هيون تہ اوهان ان وقت اوبر جي ٽڪرن جون ڪيتريون کاريون ڀريون هيون؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ست کاريون.“ 21تڏهن يسوع چين تہ ”پوءِ اڃا بہ اوهين نہ ٿا سمجھو.“
بيت‌صيدا ۾ انڌي کي چڱو ڀلو ڪرڻ
22پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي يسوع وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“ 23يسوع انهيءَ انڌي ماڻهوءَ کي هٿ کان وٺي ڳوٺ کان ٻاهر وٺي ويو. اتي هن انڌي ماڻهوءَ جي اکين تي لٻ لائي پنهنجا هٿ گھمايا ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تون ڪا شيءِ ڏسي سگھين ٿو؟“ 24انڌي ماڻهوءَ مٿي نهاري چيو تہ ”مون کي ماڻهو گھمندي نظر اچن ٿا، پر اهي وڻن وانگر لڳن ٿا.“ 25تنهن تي يسوع وري پنهنجا هٿ هن جي اکين تي گھمايا. پوءِ هو غور سان ڏسڻ لڳو تہ سندس نظر بحال ٿي ويئي ۽ هو ڏورانهيون شيون بہ چٽيون ڏسڻ لڳو. 26پوءِ يسوع کيس حڪم ڏنو تہ ”سڌو گھر وڃ ۽ ڳوٺ ۾ ڪنهن سان بہ اها ڳالهہ نہ ڪجانءِ.“
پطرس جو يسوع مسيح بابت اظهار
(متي 16‏:13‏-20، لوقا 9‏:18‏-21)
27پوءِ يسوع ۽ سندس چيلا قيصريہ فلپي شهر جي ويجھن ڳوٺن ڏانهن ويا. رستي تي هن چيلن کان پڇيو تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ 28#مر 6‏:14‏-15، لو 9‏:7‏-8 انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“ 29#يو 6‏:68‏-69 پوءِ يسوع وري پڇين تہ ”اوهين منهنجي لاءِ ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“ تنهن تي پطرس جواب ڏنس تہ ”اوهين مسيح آهيو.“ 30تڏهن يسوع کين تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اهو ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو.“
يسوع مسيح جو پنهنجي تڪليفن ۽ موت بابت ٻڌائڻ
(متي 16‏:21‏-28، لوقا 9‏:22‏-27)
31يسوع پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”منش‌پتر لاءِ ضروري آهي تہ هو گھڻيون سختيون سهي، سردار ڪاهنن، نيم شاسترين ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن کان رد ڪيو وڃي، کيس ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيوت ٿي اُٿي.“ 32يسوع هي ڳالهيون کولي کولي چيون. تنهن تي پطرس کيس پاسيرو وٺي ويو ۽ انهن ڳالهين بابت جھڻڪيون ڏيڻ لڳس. 33يسوع ڦري چيلن ڏانهن منهن ڪري پطرس کي جھڻڪيو تہ ”اي شيطان! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃ. تون ايشور جي مرضيءَ مطابق نہ پر ماڻهن وانگر ٿو سوچين.“
34 # مت 10‏:38، لو 14‏:27 پوءِ يسوع ميڙ کي پنهنجي چيلن سميت ويجھو اچڻ لاءِ سڏيو ۽ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ اهو پنهنجي آپي کي ماري ۽ پنهنجي سولي کڻي منهنجي پٺيان هلي. 35#مت 10‏:39، لو 17‏:33، يو 12‏:25 ڏسو، جيڪو چاهي ٿو تہ پنهنجي جان بچائي سو اها وڃائيندو. پر جيڪو منهنجي واسطي ۽ منهنجي خوشخبريءَ جي واسطي پنهنجي جان وڃائيندو سو اها بچائيندو. 36ڀلا، ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ مان ڪهڙو فائدو ٿيندو جو هو سڄو سنسار تہ هٿ ڪري پر پنهنجي جان وڃائي ڇڏي؟ 37ماڻهو ڪجھہ بہ ڏيئي پنهنجي جان وري حاصل ڪري نہ ٿو سگھي. 38جيڪڏهن ڪو هن ڀَٽڪيل ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ منش‌پتر بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پتا جي جوت ۾ پوِتر دوتن سان گڏ ايندو.“

Currently Selected:

مرقس 8: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in