YouVersion Logo
Search Icon

مرقس 9

9
1يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هتي ڪي اهڙا شخص بہ بيٺل آهن جيڪي جيستائين ايشور جي راڄ کي شڪتيءَ سان ايندي نہ ڏسندا، تيستائين موت جو ذائقو نہ چکندا.“
يسوع مسيح جو جوتي روپ ۾ بدلجي پوڻ
(متي 17‏:1‏-13، لوقا 9‏:28‏-36)
2 # 2.پط 1‏:17‏-18 ڇهن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي هڪ مٿاهين جبل تي نويڪلائيءَ ۾ وٺي ويو. تڏهن انهن جي ڏسندي ڏسندي يسوع جو روپ بدلجي پيو. 3سندس پوشاڪ اهڙي سفيد تجليدار ٿي پيئي جو ڌرتيءَ جو ڪوبہ ڌوٻي پوشاڪ کي اهڙو سفيد ڪري نہ سگھي. 4پوءِ انهن موسيٰ سنت ۽ ايلياہ سنت کي ڏٺو، جيڪي يسوع سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا. 5تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”گرو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. اسين هتي ٽي تنبو ٿا کوڙيون هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“ 6پطرس کي سڌ نہ پئي پوي تہ هو ڇا پيو چوي، ڇو تہ هو ۽ ٻيا چيلا ڏاڍا ڊڄي ويا هئا. 7#مت 3‏:17، مر 1‏:11، لو 3‏:22 ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو پٽ آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“ 8تڏهن انهن چيلن جلدي هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، پر کين يسوع کان سواءِ اتي ٻيو ڪوبہ نظر نہ آيو.
9پوءِ جڏهن هو جبل تان هيٺ پئي لٿا تہ يسوع کين تاڪيد ڪيو تہ ”جيڪي ڪجھہ ڏٺو اٿوَ سو تيستائين ڪنهن کي بہ نہ ٻڌائجو جيستائين منش‌پتر موت کان پوءِ وري جيوت نہ ٿئي.“ 10انهن يسوع جو حڪم تہ مڃيو پر پاڻ ۾ هن معاملي تي بحث ڪرڻ لڳا تہ ”موت کان پوءِ جيوت ٿيڻ جو مطلب ڇا آهي؟“ 11#ملا 4‏:5، مت 11‏:14 تڏهن چيلن کانئس پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“ 12#زب 22‏:7، يس 53‏:3تنهن تي يسوع چين تہ ”برابر، اهو پهريائين ايندو ۽ ماڻهن کي بحال ڪندو. تڏهن بہ پوِتر شاستر ۾ ڇا هيئن بہ لکيل نہ آهي تہ منش‌پتر گھڻيون سختيون سهندو ۽ ڌڪاريو ويندو؟ 13آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ #9‏:13 ايلياہ هتي ايلياہ مان مراد يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي (ڏسو متي 11‏:14، 17‏:13).ايلياہ اچي چڪو، پر ماڻهن کي جيئن وڻيو تيئن ئي ساڻس سلوڪ ڪيائون، جيئن هن بابت پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪيل آهي.“
ڇوڪر مان ڀوت ڪڍڻ
(متي 17‏:14‏-21، لوقا 9‏:37‏-43)
14جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ڏانهن موٽي اچي رهيو هو تڏهن ڏٺائين تہ انهن جي چوڌاري ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ لڳو پيو آهي ۽ ڪي نيم شاستري انهن سان بحث ڪري رهيا آهن. 15يسوع کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون. 16يسوع انهيءَ ميڙ کان پڇيو تہ ”اوهين منهنجي چيلن سان ڪهڙيءَ ڳالهہ تي بحث ڪري رهيا آهيو؟“ 17تنهن تي ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”اي گرو! مون پنهنجو پٽ اوهان وٽ آندو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھس هڪ ڀوت آهي جنهن ڪري ڳالهائي بہ نہ ٿو سگھي. 18جڏهن بہ ڀوت وٺيس ٿو تہ کيس پٽ تي ڪيرائي ٿو ۽ وات مان گِگَ ڪڍيس ٿو. ان وقت هو ڏند ڪرٽي ٿو ۽ شرير بہ سيٽجي سيخ ٿي وڃيس ٿو. مون اوهان جي چيلن کي چيو تہ ’هن مان اهو ڀوت ڪڍو.‘ پر اهي ڪڍي نہ سگھيا.“ 19يسوع چين تہ ”اي بي‌وشواس قوم! آءٌ اوهان سان ڪيستائين هوندس ۽ ڪيستائين آءٌ اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟ هاڻي ڇوڪري کي مون وٽ آڻيو.“ 20انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. يسوع کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس. 21يسوع ڇوڪري جي پتا کان پڇيو تہ ”ڪيتري عرصي کان هن جو هي حال آهي؟“ هُن جواب ڏنو تہ ”ننڍي هوندي کان وٺي. 22ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“ 23يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“ 24تنهن تي ڇوڪري جي پتا هڪدم واڪو ڪري چيو تہ ”آءٌ وشواس رکان ٿو، پر جيڪڏهن منهنجو وشواس ڪامل نہ آهي تہ بہ مدد ڪريو.“
25يسوع ڏٺو تہ ميڙ ڀيڙ ڪندو ٿو اچي، سو ڀوت کي حڪم ڏنائين تہ ”اي ٻوڙو ۽ گونگو ڪرڻ وارا ڀوت! آءٌ تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ ڇوڪري مان هڪدم نڪري وڃ ۽ وري ڪڏهن بہ موٽي نہ اچجانءِ.“ 26تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي. 27پر يسوع کيس هٿ کان وٺي اُٿاريو تہ هو اُٿي کڙو ٿيو.
28جڏهن يسوع گھر پهتو تہ سندس چيلن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“ 29يسوع وراڻيو تہ ”اهڙي قسم جي ڀوت کي پرارٿنا کان سواءِ ٻئي ڪنهن بہ نموني ڪڍي نہ سگھبو آهي.“
ٻيو دفعو پنهنجي موت بابت ٻڌائڻ
(متي 17‏:22‏-23، لوقا 9‏:43‏-45)
30هو اتان اُٿي هليا ۽ گليل علائقي منجھان گذري ويا. يسوع نہ ٿي چاهيو تہ سندس اچڻ جي ڪنهن کي بہ خبر پوي، 31ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي چيلن کي سکيا ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”منش‌پتر ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“ 32پر اهي يسوع جي انهيءَ ڳالهہ جو مطلب سمجھي نہ سگھيا ۽ کانئس پڇڻ کان بہ ڊنا ٿي.
وڏو ڪير؟
(متي 18‏:1‏-5، لوقا 9‏:46‏-48)
33يسوع ۽ سندس چيلا ڪفرناحوم شهر ۾ آيا. پوءِ جڏهن اهي هڪڙي گھر ۾ پهتا، تڏهن يسوع پنهنجي چيلن کان پڇيو تہ ”رستي تي اوهان ڪهڙي ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو؟“ 34#لو 22‏:24 پر هنن ڪڇيو ئي ڪين، ڇاڪاڻ تہ رستي تي هنن پاڻ ۾ هن ڳالهہ تي بحث پئي ڪيو تہ منجھن سڀ کان وڏو ڪير آهي. 35#مت 20‏:26‏-27، 23‏:11، مر 10‏:43‏-44، لو 22‏:26 پوءِ يسوع ويهي رهيو ۽ ٻارهن ئي چيلن کي سڏي چيائين تہ ”جيڪڏهن ڪو اڳيان ٿيڻ چاهي، تہ هو سڀني کان پويان ٿئي ۽ سڀني جو سيوڪ ٿئي.“ 36تڏهن هن هڪڙو ننڍو ٻار کڻي اڳيان بيهاريو ۽ کيس ڀاڪر پائي چيلن کي چيائين تہ 37#مت 10‏:40، لو 10‏:16، يو 13‏:20 ”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ ايشور کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“
مخالف ۽ طرفدار ڪير؟
(لوقا 9‏:49‏-50)
38پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“ 39تنهن تي يسوع چين تہ ”هن کي منع نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جيڪو منهنجي نالي تي چمتڪار ڪري ۽ پوءِ جلد ئي منهنجي گلا ڪري سگھي. 40#مت 12‏:30، لو 11‏:23 جيڪو بہ اسان جي خلاف نہ آهي سو اسان جي پاسي آهي. 41#مت 10‏:42 آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوهان کي پاڻيءَ جو پيالو انهيءَ لاءِ ٿو پيئاري تہ اوهين مسيح جا آهيو، تنهن کي پنهنجو لاڀ ضرور ملندو.“
ڀَٽڪي وڃڻ کان پاڻ کي بچايو
(متي 18‏:6‏-9، لوقا 17‏:1‏-2)
42”انهن سادن سٻاجھن پوئلڳن جن جو مون تي وشواس آهي، تن مان ڪنهن هڪ کي بہ جيڪڏهن ڪو ڀَٽڪائي ٿو، تنهن لاءِ وڌيڪ سٺو ائين هو جو انهيءَ کان اڳ ۾ ئي سندس ڳچيءَ ۾ جنڊ جو ڳرو پُڙ وجھي کيس سمنڊ ۾ اڇلايو وڃي ها. 43‏-44#مت 5‏:30 جيڪڏهن تنهنجو هٿ تو کي ڀَٽڪائي، تہ پنهنجو اهو هٿ ڪپي ڇڏ، ڇو تہ ٻنهي هٿن سان نرڳ جي هميشہ ٻرندڙ باهہ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ ٽُنڊي هٿ سان امر جيون ۾ داخل ٿئين.#9‏:43‏-44 ڪن مسودن ۾ آيت 48 جو مواد هتي بہ لکيل آهي. 45‏-46جيڪڏهن تنهنجو پير تو کي ڀَٽڪائي تہ اهو پير ڪپي ڇڏ، ڇو تہ نرڳ ۾ ٻنهي پيرن سان داخل ٿيڻ کان اهو بهتر آهي تہ امر جيون ۾ منڊو وڃين.#9‏:45‏-46 ڪن مسودن ۾ آيت 48 جو مواد هتي بہ لکيل آهي. 47#مت 5‏:29 ساڳيءَ طرح جيڪڏهن تنهنجي اک تو کي ڀَٽڪائي تہ اها اک ڪڍي ڇڏ، ڇو تہ ٻن اکين سان نرڳ ۾ پوڻ کان اهو بهتر آهي تہ تون ڪاڻو ئي ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿئين. 48#يس 66‏:24 جيڪي نرڳ ۾ پيل آهن تن کي ڪينئان هميشہ کائيندا رهن ٿا ۽ اتي باهہ هميشہ ٻرندي رهي ٿي.
49 # لاو 2‏:13، 1.پط 1‏:7 ياد رکو، هر ماڻهو هِن سنسار ۾ بہ ڄڻ تہ باهہ سان پوِتر ڪيو ويندو، جهڙيءَ طرح ٻليدان لوڻ سان پوِتر ڪيو وڃي ٿو.
50 # مت 5‏:13، لو 14‏:34‏-35 سو لوڻ چڱي شيءِ آهي، پر جيڪڏهن انهيءَ مان لوڻياٺ ئي نڪري وڃي تہ پوءِ ان کي ڇا سان وري لوڻياٺو ڪري سگھبو؟ تنهنڪري پاڻ ۾ لوڻ واري خاصيت رکو ۽ هڪٻئي سان صلح ۾ رهو.“

Currently Selected:

مرقس 9: HSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in