YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 1

1
1هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو خدا جي مرضيءَ سان مسيح يعني عيسيٰ جو رسول ٿيڻ لاءِ سڏيو ويو آهيان. هي اسان جي ڀاءُ سوسٿنيس جي طرفان بہ آهي. 2#رس 18‏:1 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.
3شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
عيسيٰ مسيح ۾ برڪتون
4خدا جيڪو فضل عيسيٰ مسيح ۾ اوهان کي عطا ڪيو آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي خدا جو شڪر ڪندو رهان ٿو، 5جو مسيح ۾ اوهين هر قسم جي ڳالهائڻ ۾ توڙي هر طرح جي ڄاڻ جي لحاظ کان مالا مال ٿي ويا آهيو. 6هائو، مسيح بابت اسان جي شاهدي اوهان ۾ ايتري قدر قائم ٿي چڪي آهي، 7جو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي ظاهر ٿيڻ جي راهہ نهاريندي اوهان ۾ ڪنهن بہ روحاني نعمت جي ڪمي ڪانہ آهي. 8اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح اوهان کي پڇاڙيءَ تائين ايمان ۾ قائم بہ رکندو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اوهين سندس اچڻ واري ڏينهن تي بي‌الزام قرار ڏنا وڃو. 9خدا، جنهن پنهنجي فرزند يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي صحبت ۾ رهڻ لاءِ اوهان کي سڏيو آهي، سو ڀروسي لائق آهي.
پاڻ ۾ ڌڙابندي نہ ڪريو
10اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي نالي منٿ ٿو ڪريان تہ اوهين پاڻ ۾ هڪ راءِ ٿيو تہ جيئن اوهان ۾ ڪابہ ڌڙابندي پيدا نہ ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهين سڀ هڪ دل ۽ هڪ راءِ ٿي مڪمل طور ٻڌيءَ سان رهو. 11آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو چوان جو ڀيڻ خلوئيءَ جي گھر ۾ رهندڙن کان پوريءَ طرح معلوم ٿيو آهي تہ اوهان ڀائرن ڀينرن جا هڪٻئي سان جھيڙا جھڳڙا پيا هلن. 12#رس 18‏:24 منهنجي چوڻ جو مطلب هي آهي تہ اوهان مان ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پولس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ اپلوس جو آهيان.“ ڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ پطرس جو آهيان“ ۽ ڪو وري چوي ٿو تہ ”آءٌ مسيح جو آهيان.“ 13ڀلا مسيح ورهائجي ويو آهي ڇا؟ ڇا اوهان جي لاءِ صليب تي پولس کي چاڙهي ماريو ويو؟ ڇا اوهان بپتسما پولس جي نالي تي ورتي هئي؟
14 # رس 18‏:8، 19‏:29، رو 16‏:23 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي. 15سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منهنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي. 16#1.ڪر 16‏:15 ها! مون استفناس ۽ سندس گھراڻي کي بہ بپتسما ڏني آهي. پر انهن کان سواءِ مون کي نہ ٿو سُجھي تہ ڪنهن ٻئي کي بپتسما ڏني هجي. 17حقيقت ۾ مسيح مون کي بپتسما ڏيڻ لاءِ نہ پر خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اها بہ ڏاهپ وارن لفظن استعمال ڪرڻ سان نہ، متان مسيح جو صليب تي چڙهي جان ڏيڻ بي‌اثر ٿئي.
مسيح ئي خدا جي قدرت ۽ ڏاهپ آهي
18بيشڪ، صليب جو هي پيغام انهن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي، جيڪي برباد ٿي رهيا آهن. پر اسين جيڪي ڇوٽڪارو حاصل ڪري رهيا آهيون، تن لاءِ اهو خدا جي قدرت آهي. 19#يس 29‏:14 اهو خدا جي پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ
”آءٌ ڏاهن جي ڏاهپ نابود ڪندس
۽ عقلمندن جي عقل کي بيڪار ڪري ڇڏيندس.“
20 # ايو 12‏:17، يس 19‏:12، 33‏:18، 44‏:25 هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن شريعت جا عالم؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا خدا هن دنيا جي ڏاهپ کي بي‌وقوفي قرار نہ ڏنو آهي؟ 21خدا پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ خدا جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي پيغام وسيلي ايمان آڻين، جيتوڻيڪ اهو پيغام دنيا جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي. 22يهودي تہ ثابتيءَ لاءِ معجزا گھرندا آهن، جڏهن تہ يوناني ڏاهپ جا ڳولائو هوندا آهن. 23پر اسين صليب تي چاڙهيل مسيح جي منادي ٿا ڪريون، جيڪو يهودين جي نظر ۾ ٺوڪر جو سبب ۽ غير قومن جي نظر ۾ بي‌وقوفي آهي. 24پر جن ماڻهن کي خدا سڏيو آهي، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا، تن لاءِ مسيح خدا جي قدرت ۽ خدا جي ڏاهپ آهي. 25ياد رکو، خدا جون جيڪي ڳالهيون بي‌وقوفي ڀانئجن ٿيون، سي ماڻهن جي ڏاهپ کان وڌيڪ ڏاهپ واريون آهن ۽ خدا جون جيڪي ڳالهيون ڪمزوري ليکجن ٿيون، سي ماڻهن جي طاقت کان وڌيڪ طاقتور آهن.
26هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! ياد ڪريو تہ انهيءَ وقت اوهين ڇا هئا، جڏهن خدا اوهان کي سڏيو. ماڻهن جي نظر ۾ تہ اوهان مان ڪي ٿورا ڏاها، ٿورا طاقتور ۽ ٿورا اميرزادا هئا. 27پر خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان بي‌وقوف ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ڏاهن کي شرمندو ڪري. خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان ڪمزور ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ طاقتورن کي شرمندو ڪري. 28خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي. 29مطلب تہ ڪوبہ انسان خدا جي آڏو پاڻ تي فخر نہ ڪري. 30اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو، 31#ير 9‏:24 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو فخر ڪرڻ چاهي ٿو، سو خداوند تي فخر ڪري.“

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 1: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in