YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 10

10
تاريخ مان سبق پرائڻ
1 # خر 13‏:21‏-22، 14‏:22‏-29 سو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين اسان جي ابن ڏاڏن جي واقعن کان ناواقف رهو. هو سڀ ڪڪر جي ڇانوَ هيٺان هئا ۽ سڀيئي سمنڊ مان لنگھي پار پيا. 2اهڙيءَ طرح انهيءَ ڪڪر ۽ سمنڊ ۾ سڀني ڄڻ تہ پنهنجي رهنماءَ موسيٰ جي بپتسما ورتي. 3‏-4#خر 16‏:35، 17‏:6، ڳا 20‏:11 سڀني اها ساڳي خوراڪ کاڌي ۽ اهو ساڳيو پاڻي پيتو، جيڪو کين معجزي طور پئي مليو. مطلب تہ هو سڀيئي انهيءَ روحاني ٽڪر مان پيئندا هئا، جيڪو ساڻن گڏوگڏ هلندو پئي هليو ۽ اهو ٽڪر مسيح هو. 5#ڳا 14‏:29‏-30 تنهن هوندي بہ خدا انهن مان گھڻن سان راضي نہ هو، تنهنڪري اهي رڻ‌پٽ ۾ مري کپي ويا.
6 # ڳا 11‏:4 هي واقعا اسان جي لاءِ سبق بڻيا تہ جيئن اسين ڪابہ بري نموني واري خواهش نہ ڪريون، جهڙيءَ طرح انهن ٿي ڪئي. 7#خر 32‏:6 تنهنڪري اسان کي گھرجي تہ بت‌پرست نہ ٿيون جهڙيءَ طرح انهن مان ڪي ٿيا، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ماڻهو کائڻ پيئڻ لاءِ ويٺا ۽ پوءِ اٿي نچڻ ٽپڻ ۽ عياشيءَ ۾ لڳي ويا.“
8 # ڳا 25‏:1‏-18 نڪي اسان کي زناڪاري ڪرڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن زناڪاري ڪئي ۽ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٽيويهہ هزار ماڻهو موت جي حوالي ڪيا ويا. 9#ڳا 21‏:5‏-6 نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو. 10#ڳا 16‏:41‏-49 نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.
11ساڻن هي واقعا انهيءَ لاءِ پيش آيا تہ جيئن ماڻهن لاءِ هڪ سبق بڻجن ۽ پوءِ اهي اسان #10‏:11 آخري زماني ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”آخري زمانو.“آخري زماني وارن لاءِ نصيحت طور لکيا ويا آهن. 12تنهنڪري جيڪو پاڻ کي اهڙين ڳالهين تي مضبوط بيٺل ٿو سمجھي، سو خبردار رهي متان ڪري نہ پوي. 13اوهان تي اهڙي ڪا آزمائش نہ پيئي آهي جيڪا انسان لاءِ عام نہ هجي. خدا سچو آهي، هو اوهان کي اهڙي آزمائش ۾ پوڻ ڪين ڏيندو جيڪا اوهان جي سهڻ جي طاقت کان ٻاهر هجي. هائو، جڏهن اوهين آزمائش ۾ پوندا تہ هو اوهان کي برداشت ڪرڻ جي طاقت سان گڏوگڏ انهيءَ مان بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو.
بت‌پرستيءَ ۾ شامل ٿيڻ خلاف چتاءُ
14تنهنڪري اي عزيزؤ! بت‌پرستيءَ کان ڀڄو. 15سمجھدار ماڻهو سمجھي آءٌ اوهان سان ٿو ڳالهايان ۽ جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن کي پرکي ڏسو. 16#مت 26‏:26‏-28، مر 14‏:22‏-24، لو 22‏:19‏-20 جڏهن اسين مسيح جي موت جي ياد ۾ پيالو پيئندي خدا جي واکاڻ ٿا ڪريون، تڏهن اها مسيح جي رت ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ ۽ جڏهن اسين ماني ڀڃي کائون ٿا، تڏهن اها مسيح جي بدن ۾ شراڪت نہ آهي ڇا؟ 17جيئن تہ ماني هڪڙي آهي، تيئن جيتوڻيڪ اسين گھڻا آهيون تہ بہ هڪڙو بدن آهيون، ڇاڪاڻ تہ اسين سڀيئي انهيءَ هڪڙيءَ مانيءَ ۾ شامل ٿا ٿيون.
18 # لاو 7‏:6 يا وري بني اسرائيل تي نظر ڪريو. ڇا اهي قربانين کائڻ وارا قربان‌گاهہ جي خدمت ۾ شامل نہ آهن؟ 19منهنجي چوڻ جو مقصد هي ناهي تہ جيڪا قرباني بتن تي ڪئي وڃي ٿي سا ڪا حيثيت رکي ٿي يا بت پاڻ ڪا حيثيت رکن ٿا. 20#شر 32‏:17 نہ، بلڪ منهنجي چوڻ جو مقصد هي آهي تہ جيڪي بتن تي قربانيون ڪن ٿا سي ڀوتن لاءِ ٿا ڪن، نہ خدا لاءِ. سو آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اوهين ڀوتن سان شامل ٿيو. 21اوهين خداوند عيسيٰ جي پيالي سان گڏوگڏ ڀوتن جي پيالي مان پي نہ ٿا سگھو. اوهين خداوند عيسيٰ جي کاڌي سان گڏوگڏ ڀوتن جي کاڌي ۾ شامل ٿي نہ ٿا سگھو. 22#شر 32‏:21 ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟
کائڻ پيئڻ سان ٻين کي گمراهہ نہ ڪريو
23 # 1.ڪر 6‏:12 ڪن ماڻهن جي چوڻ موجب ”سڀ شيون جائز آهن.“ ٺيڪ آهي، پر سڀيئي ترقيءَ جو سبب نہ ٿيون بڻجن. هائو، سڀ شيون جائز تہ آهن، پر سڀيئي سڌارو نہ ٿيون آڻين. 24سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.
25جيڪو بہ گوشت بازار ۾ وڪامجي ٿو سو ڀلي کائو، پر انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو، 26#زب 24‏:1 جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ
ڌرتي ۽ ان جون سموريون شيون
خداوند جون ئي آهن.“
27جيڪڏهن ڪو غير ايمان وارو اوهان کي مانيءَ جي دعوت ڏئي ۽ اوهين قبول ڪريو تہ جيڪي ڪجھہ اوهان جي اڳيان رکيو وڃي، سو کائو ۽ انهيءَ جي جائز يا ناجائز هجڻ بابت دل ۾ سوچ ويچار نہ ڪريو. 28پر جيڪڏهن ڪو اوهان کي چوي تہ ”هي کاڌو بتن تي قربان ڪيل آهي،“ تہ جنهن اوهان کي جتايو انهيءَ جي ڪري ۽ ضمير جي ملامت ڪري اهو نہ کائو. 29ضمير مان منهنجو مطلب اوهان جو ضمير نہ آهي، پر انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ جو. ڀلا، منهنجي آزادي ٻئي جي ضمير جي ڪري ڇو پرکي وڃي؟ 30جيڪڏهن آءٌ شڪر ڪري ٿو کاوان تہ جنهن شيءِ جي لاءِ خدا جو شڪرانو ٿو ڪريان، تنهن جي ڪري مون کي ڇو ٿو بدنام ڪيو وڃي؟
31تنهنڪري اوهين کائو يا پيئو، يا جيڪي ڪجھہ ڪريو، سو سڀ خدا جي واکاڻ خاطر ڪريو. 32اوهين ڪنهن جي بہ گمراهہ ٿيڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا خدا جي ڪليسيا. 33انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي ڇوٽڪارو ملي.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 10: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in