YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 5

5
ڪليسيا ۾ زناڪاري
1 # شر 22‏:30 مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي. 2تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏيو ها. 3جيتوڻيڪ آءٌ جسم جي لحاظ کان اوهان وٽ حاضر نہ آهيان، تڏهن بہ روح جي لحاظ کان حاضر آهيان. سو مون ڄڻ تہ موجودگيءَ واري حالت ۾ اهڙي ڪم ڪرڻ واري لاءِ گنهگار هئڻ جي فتويٰ ڏئي ڇڏي آهي. 4سو جڏهن اوهين اسان جي خداوند عيسيٰ جي نالي ۾ گڏ ٿيندا تہ خداوند عيسيٰ جي قدرت سان گڏ منهنجو روح بہ اوهان سان هوندو. 5انهيءَ وقت اهڙي شخص کي شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ جيئن سندس جسماني خواهشون ناس ٿي وڃن پر سندس روح #5‏:5 خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن اصلي يوناني مسودي جي هن جملي مان ٻہ معنائون وٺي سگھجن ٿيون: (1) ”خداوند عيسيٰ جو ڏينهن،“ يعني خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ وارو ڏينهن ۽ (2) ”خداوند جو ڏينهن،“ يعني عدالت جو ڏينهن، جنهن جو ذڪر پراڻي عهد‌نامي ۾ ٿيل آهي. نئين عهد‌نامي مطابق خداوند جو ڏينهن خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ سان ئي مڪمل ٿيندو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”قيامت.“خداوند عيسيٰ جي موٽي اچڻ واري ڏينهن بچي وڃي.
6 # گل 5‏:9 سو اوهان کي فخر ڪرڻ نہ ٿو جڳائي. اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ٿورڙو ئي خمير سڄي ڳوهيل اٽي کي ڦنڊائي ڇڏيندو آهي؟ 7#خر 12‏:5 پنهنجي پاڻ مان #5‏:7 خمير... نج ڳوهيل اٽو بني اسرائيل قوم ۾ اهو رواج هو تہ عيد فصح تي رکيل خمير گھرن مان ڪڍي ڇڏيندا هئا. تازي ڳوهيل اٽي ۾ خمير بلڪل نہ هوندو آهي (ڏسو خروج 12‏:15‏-20). خمير ڪڍي ڇڏيو تہ جيئن اوهين نج ڳوهيل اٽو بڻجي پئو. حقيقت ۾ اوهين خمير کان پاڪ بہ آهيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جو #5‏:7 عيد فصح ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي“ ۾ ”عيد فصح.“عيد فصح وارو گھيٽڙو يعني مسيح اسان جي لاءِ قربان ٿي ويو آهي. 8#خر 13‏:7، شر 16‏:3 تنهنڪري اچو تہ عيد ملهايون، پر خمير يعني برائيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان نہ، بلڪ صاف‌دليءَ ۽ سچائيءَ سان، جيڪي بي‌خميري مانيءَ مثل آهن.
9مون پنهنجي خط ۾ اوهان ڏانهن لکيو هو تہ زناڪارن سان صحبت نہ رکجو. 10منهنجو مطلب اهو نہ هو تہ اوهين هن دنيا جي زناڪارن، لالچين، دغابازن ۽ بت‌پرستن سان لاڳاپا ئي لاهي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ لاءِ اوهان کي ضرور هن دنيا مان نڪري وڃڻو پوندو. 11دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو. 12‏-13#شر 13‏:5، 17‏:7 جيڪي ڌاريا آهن تن بابت فيصلو ڏيڻ سان منهنجو ڪهڙو واسطو؟ ڌارين بابت خدا پاڻ فيصلو ڏيندو. پر جيڪي بڇڙائي ڪندڙ اوهان منجھہ آهن، تن جي خلاف فتويٰ ڏيڻ سان اوهان جو واسطو نہ آهي ڇا؟ جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اوهين پنهنجي ٽولي مان اهڙي بڇڙي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڇڏيو.“

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in