YouVersion Logo
Search Icon

1.ڪرنٿين 8

8
بتن تي قربان ڪيل کاڌي بابت
1هاڻي بتن تي قرباني ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ محبت ترقي عطا ڪري ٿي. 2جيڪڏهن ڪو ماڻهو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ هو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي. 3پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي خدا ڄاڻي ٿو.
4سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي. 5جيتوڻيڪ زمين ۽ آسمان جي گھڻين ئي شين کي خدا ۽ خداوند سڏيو وڃي ٿو ۽ اهڙن گھڻن ئي ديوتائن جي پوڄا بہ ڪئي وڃي ٿي، 6تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي خدا آهي يعني آسماني پيءُ، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ زندہ آهيون. اسان جو خداوند بہ هڪڙو ئي آهي يعني عيسيٰ مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي زندہ آهيون.
7پر سڀني ماڻهن کي اها ڄاڻ نہ آهي، ايتري قدر جو اسان ايمان وارن مان بہ اڃا تائين ڪن جي اها سوچ آهي تہ بتن جو وجود آهي. سو بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائڻ سان هو پاڻ کي انهن جي پوڄا ۾ شامل سمجھن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير جي ڪمزوريءَ جي ڪري سندن سوچ پليت ٿي پوي ٿي. 8حقيقت ۾ کاڌو اسان کي خدا سان نہ ٿو ملائي. جيڪڏهن نہ کائون تہ ڪو نقصان ناهي ۽ جيڪڏهن کائون تہ ڪو فائدو بہ ناهي.
9پر خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهان جي هيءَ آزادي ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراهيءَ جو سبب بڻجي. 10فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوهان ڄاڻ وارن مان ڪنهن کي بت‌خاني ۾ بتن تي قرباني ڪيل کاڌو کائيندو ڏسي، تہ هو بہ اهو کاڌو کائڻ ۾ نہ همتائبو ڇا؟ 11مطلب تہ اوهان جي ڄاڻ جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اوهان جو اهو هم‌ايمان برباد ٿي ويندو، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني. 12اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي هم‌ايمان ڀائرن ڀينرن جي ڪمزور ضمير کي زخمي ڪري سندن ڏوهي ٿا بڻجو ۽ ائين اوهين مسيح جا گنهگار ٿا قرار ڏنا وڃو. 13سو جيڪڏهن گوشت کائڻ سان منهنجو ڪو هم‌ايمان گمراهہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏهن بہ نہ کائيندس، متان آءٌ پنهنجي انهيءَ ڀاءُ ڀيڻ جي گمراهہ ٿيڻ جو سبب بڻجان.

Currently Selected:

1.ڪرنٿين 8: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in