YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 5

5
اسرائيل ملڪ تي مرثيو
1اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو.
2اي اسرائيل جي وسندي! تون هڪ اهڙيءَ ڪنواريءَ مثل آهين،
جيڪا ڪري پيئي آهي ۽ وري ڪڏهن ڪين اٿندي.
هائو، تون ڌرتيءَ تي لاچار ٿي پيئي آهين،
۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو تو کي اچي اٿاري.
3انهيءَ ڪري ئي خداوند خدا ٿو فرمائي تہ
اسرائيل ملڪ جي جنهن شهر مان
جيڪڏهن هڪ هزار جو لشڪر نڪرندو،
تہ انهيءَ مان باقي هڪ سؤ جيئرا موٽي ايندا،
۽ جنهن شهر مان هڪ سؤ جو لشڪر نڪرندو،
تہ انهيءَ مان باقي ڏهہ جيئرا موٽندا.“
جيئري رهڻ جو سڏ
4 خداوند اسرائيل وارن کي ٿو فرمائي تہ
”اوهين منهنجا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.
5بيت‌ايل، جِلجال ۽ بيرسبع ڏانهن نہ وڃو.
هائو، اوهين هرگز انهن جي عبادت‌گاهن جا پيروڪار نہ ٿيو،
ڇاڪاڻ تہ يقيناً انهن جا سڀيئي رهاڪو جلاوطن ڪيا ويندا،
۽ انهن شهرن کي نابود ڪيو ويندو.“
6سو اي اسرائيل وارؤ!
اوهين خداوند جا طالبو ٿيو تہ جيئن جيئرا رهي سگھو.
جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ هو بيت‌ايل
بلڪ اوهان جي سڄي ملڪ ۾ باهہ وانگر ڪاهي پوندو،
۽ اوهان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو.
ڪوبہ انهيءَ باهہ کي وسائي نہ سگھندو.
گنهگارن کي چتاءُ
7ويل آهي اوهان لاءِ!
جيڪي انصاف کي ٽوڙي مروڙي ٿا ڇڏيو،
۽ سچائيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي ٿا ڇڏيو.
8 # ايو 9‏:9، 38‏:31 ياد رکو، جنهن ڪتيون ۽ ٽيڙو جوڙيا آهن،
جيڪو سمنڊ جي پاڻيءَ کي سڏي روءِزمين تي اُٽلائي ٿو،
جيڪو گھُگھُہ اونداهيءَ کي ڦيرائي
صبح جو سوجھرو ڪري ٿو،
هائو، اهو ئي جيڪو ڏينهن کي رات جي اوندهہ ۾ ڦيرائي ٿو،
انهيءَ جو ئي نالو خداوند آهي.
9هو ڏاڍن تي اوچتو ئي اوچتو موت آڻي ٿو،
هائو، هو ئي انهن جي قلعن تي تباهي نازل ڪري ٿو.
10سو خبردار اي اوهين!
جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن،
توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.
11هائو، اوهين جيئن تہ غريبن کي لتاڙيو ٿا،
۽ ظلم ڪري کانئن اناج ٿا ڦريو،
سو اوهين توڙي جو مضبوط ۽ پُر آسائش گھر جوڙيندا،
تنهن هوندي بہ انهن ۾ رهڻ نصيب نہ ٿيندءَ.
اوهين انگورن جا خوبصورت باغ تہ پوکيندا،
پر انهن جي مئي پيئڻ اوهان کي نصيب نہ ٿيندي.
12آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان جا گناهہ ڪيڏا نہ وڏا آهن،
۽ اوهان جون بدڪاريون ڪيتريون نہ گھڻيون آهن.
اوهين سچارن کي ڏکويو ٿا، رشوت وٺو ٿا،
۽ عدالت مان انصاف گھرڻ وارن غريبن کي هڪالي ٿا ڪڍو.
13تنهنڪري جيڪو سياڻو آهي سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاري ٿو،
ڇاڪاڻ تہ اهو خراب وقت آهي.
خداوند جو ڏينهن
14سو اوهين بديءَ جا نہ، بلڪ نيڪيءَ جا طالبو ٿيو،
انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهي سگھو.
پوءِ اوهين جيڪا دعويٰ ڪريو ٿا تہ
خداوند قادرِمطلق خدا اسان سان آهي،“
سا سچي ثابت ٿيندي.
15بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو،
۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو.
ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا،
اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ
اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.
16 خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ
”سڀني چونڪن تي بلڪ سڀني گھٽين ۾
’واءِ‌ويلا! واءِ‌ويلا!‘ پڪاريو ويندو.
انهيءَ کان علاوہ نہ رڳو معاوضو وٺندڙ ماهر مرثياخوانن کي
بلڪ هارين کي بہ ماتم ڪرڻ لاءِ سڏيو ويندو.
17سڀني انگورن جي باغن ۾ واءِ‌ويلا پئجي ويندي.
آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيندو،
جو آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ اچي رهيو آهيان.“
18ويل آهي اوهان لاءِ!
جيڪي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو.
اوهين ڇو خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟
اهو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن آهي، نہ روشنيءَ جو.
19اهو تہ اهڙو آهي،
جيئن ڪو ماڻهو شينهن کان ڀڄي تہ رڇ منهن ۾ پويس،
يا وري جيئن ڪو گھر ۾ وڃي ڀت تي هٿ رکي
تہ نانگ ڏنگي وجھيس.
20ڇا خداوند جي ڏينهن تي انڌارو نہ هوندو؟
بيشڪ اهو اونداهو،
بلڪ بنا ڪنهن روشني جي اوندهہ انڌوڪار هوندو.
21خداوند ٿو فرمائي تہ
”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان،
۽ مون کي انهن کان نفرت آهي.
اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي.
22هائو، جيتوڻيڪ اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون،
۽ اناج جون قربانيون منهنجي لاءِ پيش ڪندا،
تہ آءٌ اُهي بہ قبول نہ ڪندس.
نڪي آءٌ اوهان جي ٿلهن متارن جانورن جي
سلامتيءَ واري قربانيءَ تي ئي ڪو ڌيان ڏيندس.
23پنهنجي راڳن جو هُل مون کان پري ڪريو،
ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي سارنگين جو سُر نہ ٻڌندس.
24انهيءَ جي بدران انصاف کي پاڻيءَ وانگر،
۽ سچائيءَ کي سدا وهندڙ نديءَ وانگر وهائيندا رهو.
25ڀلا اي اسرائيل وارؤ! چاليهن سالن تائين بيابان ۾ مون اوهان کان ڪي قربانيون يا نذرانا گھريا هئا ڇا؟ 26پر اوهين پنهنجي ديوتا سڪوت بادشاهہ جون ۽ ڪيوان ستاري ديوتا جون مورتيون ٺاهي انهن جي پوڄا ڪريو ٿا. سو هاڻي اوهين انهن مورتين سوڌو تڙيا ويندا. 27هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“

Currently Selected:

عاموس 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in