YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 6

6
اسرائيل ملڪ جي بربادي
1ويل آهي اوهان لاءِ، اي #6‏:1 صيئون يعني يروشلم شهر جيڪو يهوداہ ملڪ ۾ هو.صيئون وارؤ!
بلڪ ويل آهي اوهان لاءِ،
اي سامريہ جي جبلن تي آرام ۽ اطمينان سان رهڻ وارؤ!
هائو، اوهين جي پنهنجي ملڪ اسرائيل جا عظيم اڳواڻ آهيو،
۽ سڄي ملڪ وارا اوهان جا سلامي آهن.
2اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ
”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو،
۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو.
پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو،
۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟
يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“
3ائين چوڻ سان اوهين مصيبت جي ڏينهن کي نظرانداز ڪري
ظالم جي حڪمراني قائم ڪرڻ جو سبب ٿا بڻجو.
4اوهين عاج جي پلنگن تي ليٽندي
بلڪ پنهنجن طول وِهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي
پنهنجي ڌڻن مان پسند جي گھيٽن
۽ ٿلهن متارن گابن جو گوشت کائو ٿا.
5اوهين سارنگيءَ جي سُر تي اجايو سجايو ڳايو ٿا،
۽ دائود وانگر ڳائڻ وڄائڻ جي سازن تي
پنهنجي لاءِ گيت ٺاهيو ٿا.
6اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا،
۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا.
پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان
اوهين لاپرواہ آهيو.
7تنهنڪري هاڻي جلاوطن ٿيندڙن ۾ پهريان اوهين هوندا.
اهڙيءَ طرح اوهان جا عيش آرام ختم ٿي ويندا.
8 خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ
”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو،
۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان.
تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر،
۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي،
سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“
9بلڪ ٿيندو ائين جو جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڏهہ ماڻهو بہ انهيءَ مصيبت مان باقي بچي ويا هوندا تہ اُهي بہ مري ويندا. 10جڏهن مئل ماڻهوءَ جا ڪي مائٽ سندس لاش گھر مان کڻڻ لاءِ ايندا، تڏهن جيڪو گھر جي اندرين حصي ۾ مرڻ کان بچي ويل هوندو، تنهن کان پڇندا تہ ”ڪو ٻيو بہ تو سان گڏ آهي ڇا؟“ جڏهن ورندي ملندن تہ ”نہ،“ تڏهن کيس چوندا تہ ”خاموش رهجانءِ. خداوند جو نالو بہ نہ وٺجانءِ متان مصيبت وري موٽي اچي.“
11ڏسو، جڏهن خداوند حڪم ڏيندو تڏهن
وڏن وڏن گھرن ۾ ڦاٽ ۽ ننڍن گھرن ۾ ڏار پئجي ويندا،
اهڙيءَ طرح اهي سڀيئي برباد ڪيا ويندا.
12اي اسرائيل وارؤ!
ڀلا، ٽڪرن تي ڪو گھوڙا ڊوڙائي سگھي ٿو ڇا؟
يا ڪو ڍڳن سان سمنڊ تي هرُ ڪاهي سگھي ٿو ڇا؟
پر اوهان انصاف جهڙي مٺي شيءِ کي
ڦيرائي زهر ڪري ڇڏيو آهي،
بلڪ سچائيءَ جي ميوي کي ڦيرائي ٽُوهہ ڪري ڇڏيو اٿوَ.
13اوهين #6‏:13 لودبار هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”خسيس.“ لودبار شهر هٿ ڪرڻ تي بہ فخر ٿا ڪريو،
۽ ٻٽاڪ هڻندي چئو ٿا تہ ”اسان پنهنجي طاقت سان
# 6‏:13 ڪرنائيم عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”سِڱَ.“ ”سِڱُ“ مضبوطيءَ جو نشان آهي. ڪرنائيم شهر هٿ نہ ڪيو آهي ڇا؟“
14تنهنڪري خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ
”اي اسرائيل وارؤ!
ڏسو، آءٌ اوهان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ
هڪ اهڙي قوم چاڙهي آڻيندس،
جيڪا اتر ۾ حمات جي لنگھہ کان وٺي
ڏکڻ ۾ بيابان واري برساتي نهر تائين
اوهان کي آزاريندي رهندي.“

Currently Selected:

عاموس 6: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in