YouVersion Logo
Search Icon

عاموس 7

7
ماڪڙ واري رويا
1 خداوند خدا مون عاموس کي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ انهيءَ وقت جڏهن فصل مان بادشاهہ جو حصو لڻجي چڪو هو ۽ انهيءَ لڻيل فصل مان ٻيو لوب ڦٽي نڪتو هو، تڏهن خداوند انهن لڻيل فصل جي گونچن مٿان ماڪڙ جا ڪٽڪ موڪليا. 2جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ
”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ
پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي.
اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟
جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“
3تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ
”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“
باهہ واري رويا
4پوءِ خداوند خدا مون کي ٻي رويا ڏيکاري، جنهن ۾ مون ڏٺو تہ خداوند خدا پنهنجيءَ قوم کي سزا ڏيڻ لاءِ باهہ کي موڪليو. جڏهن انهيءَ باهہ وڏي سمنڊ کي ڳهي ڇڏيو ۽ زمين کي بہ کائڻ لڳي 5تڏهن مون پڪاري چيو تہ
”اي خداوند خدا!
آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ بس ڪر،
تنهنجي قوم ڪيئن قائم رهي سگھندي؟
جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“
6تڏهن وري خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ
”ڀلا، ائين بہ نہ ٿيندو.“
شاهل واري رويا
7 خداوند وري مون کي ٽين رويا ڏيکاري، جنهن ۾ ڏٺم تہ پروردگار شاهل سان ٺاهيل هڪڙيءَ ڀت وٽ بيٺو آهي ۽ سندس هٿ ۾ شاهل آهي. 8خداوند مون کان پڇيو تہ ”اي عاموس! تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”شاهل.“ تڏهن پروردگار فرمايو تہ
”ڏس، آءٌ اسرائيل ملڪ واري پنهنجي قوم مٿان
شاهل لڙڪايان ٿو.
پوءِ منجھن ڏنگائي ڏسي
آءٌ کين سزا ڏيڻ کان بلڪل باز نہ ايندس.
9تڏهن اسحاق جي اولاد جون
جبلن تي ٺهيل عبادت‌گاهون تباهہ ٿي وينديون.
هائو، اسرائيل ملڪ جون سڀيئي عبادت واريون جايون
ويران ٿي وينديون.
انهيءَ کان علاوہ آءٌ يربعام بادشاهہ جي گھراڻي خلاف
جنگ کڙي ڪندس.“
عاموس نبيءَ ۽ امصياہ ڪاهن جي وچ ۾ بحث
10تڏهن بيت‌ايل جي ڪاهن امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”عاموس تنهنجي خلاف تنهنجي ملڪ جي رهاڪن ۾ فتنو کڙو ڪيو آهي، سندس ڳالهيون ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏينديون. 11هو چوي ٿو تہ
’يربعام ثاني جنگ ۾ ماريو ويندو،
۽ اسرائيل وارن کي ضرور قيد ڪري
پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪيو ويندو.‘“
12تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال. 13پر هتي بيت‌ايل ۾ وري ڪڏهن بہ اڳڪٿي نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ هيءَ بادشاهہ توڙي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي عبادت جي مقدس جاءِ آهي.“
14تنهن تي عاموس ورندي ڏيئي امصياہ کي چيو تہ ”نڪي آءٌ ڪو نبي هئس ۽ نہ وري ڪنهن نبيءَ جو پٽ، بلڪ آءٌ تہ هڪڙو ڌنار ۽ انجير جي وڻن جو رکوالو آهيان. 15پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘
16اي امصياہ! تون مون کي چوين ٿو تہ
اسرائيل وارن جي خلاف اڳڪٿي نہ ڪر،
نہ ئي سندن خلاف ڪا ٻي ڳالهہ ڪر.‘
تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو هي فرمان ٻڌ.
17 خداوند فرمائي ٿو تہ
’اي امصياہ! تنهنجي زال شهر ۾ ڪڃري بڻبي،
جنگي حملي‌آورن هٿان تنهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ماريا ويندا،
تنهنجي زمين ڏور سان ورهائي ويندي،
۽ تون پاڻ ڪنهن ناپاڪ ملڪ ۾ وڃي مرندين.
جڏهن تہ اسرائيل وارا ضرور
پنهنجي ملڪ مان جلاوطن ڪري ڪڍيا ويندا.‘“

Currently Selected:

عاموس 7: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in