شريعت جو دور 26:11-28
شريعت جو دور 26:11-28 SB
ڏسو، آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي برڪت ۽ لعنت ٻنهي مان چونڊ ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏيان. برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا. لعنت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا ۽ جنهن رستي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تنهن کان ڦري غير معبودن جي پٺيان لڳندا، جن کان اڃا تائين اوهين واقف ڪونہ آهيو.





